وڙهن سانهَه.... لتاڙجن ٻوُڙا....... (آخري حصو)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وڙهن سانهَه.... لتاڙجن ٻوُڙا....... (آخري حصو)

    آمريڪا هڪ دفعو وري افغانستان ۾ آيو ۽ روس هن خطي کي ويتنام بنائڻ شروع ڪيو.... آمريڪا کي هتي 8 سال ٿي چڪا آهن... هن جنگ جو ميدان ڪابل کان اٽڪ تائين پکڙجي چڪو آهي...

    دوستو! حقيقت ته اها آهي ته قبائلي علائقن ۾ وڙهندڙ هن جنگ کي هٿيار ۽ ٽيڪنالاجي روس ڏئي رهيو آهي... روس وڏي پيماني تي بارود ۽ هٿيار ايراني شهر مزار شريف پهچائي پيو جتان اهو بارود پاڪستان جي قبائلي علائقي ۾ اچي ٿو ... هتي مان هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته هن دفعي هن ويڙهه ۾ انڊيا ۽ ايران به شامل ٿي چڪا آهن...

    انڊيا جي شامل ٿيڻ جو سبب پاڪستان سان دشمني آهي ... انڊيا کي 61 سالن کان پوءِ پهريون دفعو اهڙو سنهري موقعو مليو آهي جڏهن پاڪستان کان تاريخي بدلو وٺي سگهي ٿو... ان ڪري انڊيا افغانستان ۾ سفارتخاني کان سواءِ 4 قونصل خانا به کوليا آهن ۽ هو افغان فوجين کي ٽريننگ پڻ ڏئي رهيو آهي... افغانستان ۾ ڊيمن ۽ روڊن ٺاهڻ کان سواءِ 250 سو ملين ڊالرن جي امداد به ڏني آهي.. ۽ نه صرف اهو پر هو پنهنجيون ڏيڍ لک فوج پڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهي....

    ايران جي شامل ٿيڻ جو سبب آمريڪا سان دشمني آهي انڪري هو روس سان سهڪار ڪري رهيو آهي... روس هن ويڙه کي پنجاب جي ميدانن تائين پکيڙي 1980 جو بدلو وٺڻ ٿو چاهي...

    دوستو! هي جنگ آمريڪا کٽي يا روس، انڊيا کٽي يا ايران پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته هن جنگ جو نقصان صرف ۽ صرف پاڪستان کي آهي... ڇو ته هي ويڙهه صرف قبائلي علائقن تائين نه هوندي پر پوري ملڪ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻيندي... هتي هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پاڪستان جي سياستدانن کي حالتن جي نازڪ هجڻ جي ڄاڻ به آهي يا رڳو هنن کي پاڻ ۾ ويڙهه سان دلچسپي آهي...

    دوستو... ليفٽيننٽ جنرل بورس وگوموٿا اهو آخري روسي جنرل هو جيڪو 15 فيبروري 1989 ۾ شڪست جو طوق کڻي روس واپس وريو هو... هو جڏهن روس جي حدن ۾ پهتو هو ته افغانستان ڏي مهڙ ڪري هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو هو ... ڪنهن صحافي ان موقعي تي کائنس پڇيو هو ته ”توهان پنهنجي شڪست جو ذميدار ڪنهن کي ٿا چئو...“ هن جواب ۾ پنهنجي ذهن ڏي آڱر ڪندي چيو هو ته ”هن کي.... ڇو ته ويڙهه لاءِ دل کپي ۽ ويڙهه کٽڻ لاءِ دماغ... ۽ اسان وٽ دل ته آهي پر دماغ ناهي....“

    دوستو! جيڪڏهن انهي جنرل جي لفظن کي حقيقت سمجهون ته هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان وٽ دل آهي..؟ ڇا اسان وٽ دماغ آهي..؟
    نه دوستو اسان وٽ اهي ٻئي شيون ناهن ڇو ته جيڪڏهن اسان وٽ دل هجي ها ته اسان جو وزيراعظم اهو نه چوي ها ته ”اسان آمريڪا سان جنگ نه ٿا وڙهي سگهون“ ۽ جيڪڏهن اسان وٽ دماغ هجي ها ته اسان ڪڏهن به انهن وڏين طاقتن جي جنگ کي پنهنجي جنگ نه چئون ها... اسان کي اها خبر ضرور پئي ها ته ”وڙهن سانهَه.... لتاڙجن ٻوُڙا...“
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ دفعو ٻيهر آءُ ادي رشيد جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي، سائين محترم جي ايم سيد جا اهي لفظ دهرائيندس جي هُنَ پاڪستان کي ٺهي اڃان پنج سال مس ٿيا هئا ته جينيوا امن ڪانفرنس جي موقعي تي ڪجهه هن طرح چيا هئا ...

    ”پاڪستان کي جنهن نموني فوج جي حوالي ڪري وڏين طاقتن جي راند جو ميدان بڻايو پيو وڃي اهو ڏينهن پري ناهي جو اهو نئون ٺاهيل ملڪ دنيا لئه هڪ ٻرندڙ باهه ٿي پوندو ۽ ننڍين قومن لئه هڪ نه ختم ٿيندڙ آزار ... انڪري آءُ دنيا جي امن پسند قومن کي گذارش ڪندس ته هو هاڻ کان ئي ان جو جائزو وٺن ۽ مستقبل جي آتش فشان کي ڦاٽڻ کان اڳ قبضو ڪن “

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين رشيد صاحب جن جو مضمون تمام اهم آهي ليڪن ڪمينٽ ڏيڻ جي صلاحيت نه آهي ان ڪري خاموش رهڻ ئي بهتر آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو