عبدالغفار تبسم فرمائي ٿو..........

مصور عالم

سينيئر رڪن
هو سمنڊ ڪناري تي، ڪلهه چنـــڊ ڏسڻ آئ،ه
هـــڪ چنڊ تماشو هو، هـــــڪ چنــڊ تماشائي،

لهرن جي ڇهـــائن ۾، چاهـــت جــــي گرمجوشي،
پگهرائي وئي هُن کي، احساس جي ڪِتـــِڪَـائي۔

هو سونهن سنوارڻ لئه، سينگار ڪرڻ بيٺي،
اڳ ۾ ئي سندرتا جي، ديوي ٿي لڳي ڪائي۔

نيڻن جي نهارن سان، هُـن چنـــــڊ جهلايو پئي،
پنبيڻ جي هندوري ۾، هن رات پئي جهومائـي۔

عبدالغفار تبسم
 
Back
Top