الصادق رسالي جو ايڊيٽوريل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    الصادق رسالي جو ايڊيٽوريل

    پنهنجي پاران
    ڪجهه عرصو پهريائين پيپلزپارٽي جي حڪومت وڏي واڪي ۽ تمام خوشي ۽ نعرن سان 1979 جو بلدياتي ۽ ڪمشنري نظام سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي پنهنجي پاڻ کي قومپرستن کان به وڏو قومپرست ثابت ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا بيان ڏنا هئا. ٻئي ڏينهن وري يو ٽرن کائي ڪراچي لاءِ هڪڙو ته باقي سموري سنڌ لاءِ ٻيو مڪاني نظام ظاهر ٿيو جيڪو عملي طرح سموري سنڌ ۾ احتجاجن کان پوءِ لاڳو نه ٿي سگهيو.وري ٿوري عرصي کانپوءِ وفاق ۾ ضرورت تحت يا مٿان جي ڏنڊي تي ٿڌا ٿي ويا ۽ ان نظام تي عمل ڪرائڻ ۾ ٽال مٽول شروع ٿي ويئي ۽ عملي طرح ساڳيو جنرل پرويز مشرف جو مڪاني نظام لاڳو رهيو. جنهن کي هاڻي اڃان به وڌيڪ سگهارو بڻايو ويو آهي ۽ اها ساڳي ڳالهه وڌيڪ سگهه سان رائج ۽ نافذ ڪرڻ لاءِ پهرين آرڊيننس ۽ پوءِ دٻاءُ تي سنڌ اسيمبلي مان ٻٽو مڪاني نظام جو بل اک ڇنڀ ۾ منظور ڪرايو ويو آهي، جنهن تي وري به سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي ته پيپلزپارٽي جون ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻيون سموريون اتحادي پارٽيون به حڪومت کان ڌار ٿي حڪومت خلاف اسيمبلي اندر ۽ اسيمبلي کان ٻاهر اجتجاج ۾ سنڌ جي عوام سان گڏ انهن جي اڳواڻي ڪري رهيون آهن.
    انهن پارٽين ۾ حڪومت جون اتحادي جماعتون جيئن ته فنڪشنل ليگ (پير صاحب پاڳاري جي قيادت ۾) اي اين پي، اين پي پي ۽ خود پيپلزپارٽي جا به ڪيئي ارڪان ۽ اسيمبلي کان ٻاهر سڀئي قومپرست پارٽيون، جمعيت علماء سنڌ، پي پي شهيد ڀٽو، ن ليگ، جمعيت علماء اسلام ، وغيره شامل آهن.هن آرڊيننس جا تفصيل روزاني عوامي آواز 9 سيپٽمبر 2012 ۽ 30 سيپٽمبر 2012 ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
    ڪراچي جي لاءِ ڌار پوليس جو نظام به منظور ڪيو ويو آهي. ڏسو عوامي آواز 30 سيپٽمبر 2012. هن آرڊيننس کي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويو،( 2 آڪٽوبر 2012 عوامي آواز.)
    اها سموري تفصيل اسين هتي هڪ پاسي رکون ٿا ڇو ته هر سنڌ واسي انهن تفصيلن کان آگاهه آهي. هتي فقط اها ڳالهه ذڪر ڪريون ٿا ته 1947ع کان وٺي جڏهن کان ورهاڱو ٿيو آهي. سنڌ جو مرڪز ڪراچي ڌارين جي قبضي ۾ رهيو آهي. مسٽر جناح هن کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪزي گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو ۽ پاڻ تاج برطانيه جي وفاداري جو حلف کڻي گورنر جنرل ٿي ويٺو.
    (جمله معترضه: سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت جي خلاف فتويٰ ڏني آهي ۽ چيو آهي ته جيڪو ٻئي ملڪ جي آئين ۽ قانون جي وفاداري جو حلف کڻي ٿو سو پاڪستان جو وفادار ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ان کي مسٽر جناح جي تاج برطانيه جي وفاداري جي حلف تي به ڪو فيصلو ۽ فتويٰ ڏيڻ گهرجي)
    وري پناهگيرن جي قبضي کي ختم ڪرڻ لاءِ ون يونٽ بڻايو ويو. ان کان بعد مارشل لاز ۽ ڪمزور جمهوري حڪومتون رهيون جنهن ۾ ڪراچي جي آبادي خاص طور تي غير مقامي ماڻهن سان ڏينهون ڏينهن وئي وڌندي ۽ هٿ سان ان کي وڌايو ويو. اسان جي سنڌي ماڻهن هن پاسي ڌيان ئي نه ڏنو. هوش تڏهن آيو جڏهن ڳالهه ڄڻ هٿن مان ويئي آ نڪري، حالانڪه ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي هتي ئي اسيمبلي آهي حڪومت جا سمورا اهم ماڻهو ، انتظامي آفيسر ۽ ڪارندا به هتي آهن پر ڪڏهن به هن پاسي توجه نه رهيو آهي ته جيئن غير مقامي ماڻهو هتي اچي آباد ٿيندا پي ويا تيئن هڪڙي باقاعده پلاننگ سان سنڌي ماڻهن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرائي کين روزگار مهيا ڪن ها ته آبادي ۾ اهڙو تفاوت پيدا نه ٿئي ها.
    پيپلزپارٽي جي مفاهمت واري پاليسي بابت اسان ڪيئي ڀيرا اهو لکيو آهي ته ان جي لاء ڪا ريڊ لائن هئڻ ضروري آهي جي نه ته پوءِ اها نقصان ڏيڻ واري ثابت ٿيندي. هينئر به اهو سڀ ڪجهه مفاهمت جي نالي تي ٿي رهيو آهي، پر مفاهمت فقط انهن ڌارين سان ڇو! جيڪي اوهان جي قوم، ثقافت، زبان سڀني جا دشمن آهن ۽ اها دشمني قوم جي تعليم، صحت، ۽ هر قسم جي ترقي سان آهي. ڪراچي جا تعليمي ادارا سنڌين لاءِ بند آهن. اهڙي نموني هر قسم جي ادارن ۾ سنڌين کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن.
    عملي طرح سان هينئر به ڪراچي باقي سنڌ کان ڌار آهي. گذريل چئن ساڍن چئن سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ۽ ان کان پهرين پرويز مشرف جي حڪومت ۾ ڪراچي تي گورنر جي حڪمراني رهي آهي. هينئر به ساڳي ڳالهه آهي. ڪراچي جا تعليمي ادارا ، صحت جا ادارا، بلدياتي ترقياتي ڪم ڪار، امن امان جا مسئلا، سڀني کي ايم ڪيو ايم جو گورنر عشرت العباد ڊيل ڪري ٿو. جنهن کي ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ هجي اهو اخبارون کڻي ڏسي وٺي.
    هينئر ڪراچي جي امن و امان واري خراب صورتحال تي ايم ڪيو ايم جا ليڊر چون ٿا ته جڏهن اسان جو داخله مشير يا منسٽر هو ته امن امان جي صورتحال ايئن خراب نه هئي، پر کين ڪير اهو ٻڌائي ته هينئر به داخلي صورتحال بابت گورنر عملي اٿارٽي آهي، پوءِ ڇو صورتحال خراب آهي؟ بلڪه خرابي جي اصل وجه ئي اها آهي جو داخلي امن و امان جي صورتحال ڪراچي ۾ عملي طرح گورنر جي ذميواري آهي. وزيراعليٰ وٽ فقط نالي جو داخله جو قلم دان آهي جيڪو فقط ان ۾ ئي خوش لڳو پيو نظر اچي ته سندس وٽ کوڙ سارا قلمدان آهن. باقي رهيو گورنر ته اهو پنهنجي ڪم سال جتل آهي. جنهن تي ڪيئي دهشتگردي ۽ قتل و غارتگري جا ڪيس عدالت ۾ موجود آهن، جڏهن هڪڙو قاتل ۽ دهشتگرد سنڌ جو ڏهن سالن کان گورنر هجي ۽ وري هجي به ان شاؤنسٽ جماعت جو سرڪردو جيڪا سنڌ ۽ سنڌي قوم جي دشمن جماعت آهي ته پوءِ هتان جي امن و امان جي صورتحال ڪيئن درست ٿي سگهندي؟
    اسان وٽ هڪ چوڻي آهي ته ”گڏهه کي جَوَن تي ويهاريو ويو آهي“ يعني جڏهن گڏهه کي جَوَن جي نگراني لاءِ مقرر ڪجي ته پوءِ ڪهڙا جَوَ باقي رهندا؟ جڏهن قاتل ۽ دهشت گرد امن امان جو ذميدار ٿيندو ته ڪهڙو امن و امان قائم ٿيندو؟ وري اها گورنري به فقط ڪراچي جي ڪن علائقن ۽ حيدرآباد جي ڪي علائقن تائين محدود آهي. هينئر امت اخبار ۾ تاريخ 15 آڪٽوبر 2012 تي گورنر جي ڏهن سالن پوري ٿيڻ تي سپليمينٽ 16 صفحن جو شايع ٿيو آهي جنهن ۾ گورنر جي 10 سالن جي ڪارڪردگي ڏيکاري ويئي آهي جنهن ۾ ڪراچي جي ڪن علائقن ۽ حيدرآباد جي ڪي علائقن کان سواءِ گورنر جي ڪابه ڪارڪردگي ڪانهي. معنيٰ ته عملا ڪراچي ۽ حيدرآباد ڏهن سالن کان دهشتگردن جي حوالي آهي باقي فقط نالي ماتر سنڌ گورنمينٽ جو نالو آهي. اسان سمجهون ٿا ته جيستائين ايم ڪيو ايم جو گورنر پنهنجي عهدي تي رهندو تيستائين سنڌ خصوصاً دارالحڪومت ڪراچي ۾ حالتون سڌري نٿيون سگهن.
    حڪومت طرفان اها ڳالهه به ڪئي وڃي ٿي ته هن نئين نظام ۾ ڪيئي بلڪه تقريباً هر اختيار سنڌ گورنمينٽ کي آهي. وزيراعليٰ کي آهي. هينئن نٿو ٿي سگهي، هونئن نٿو ٿي سگهي..... ته اهي سڀ ته نالي ماتر لکتون آهن. هينئر به ته وزارت داخله، وزيراعليٰ سنڌ عزت مآب سيد قائم علي شاهه صاحب بهادر وٽ آهي، پوءِ گورنر ڪهڙي اختيار جي تحت انتظامي امور ۾ مداخلت ڪندي امن و امان بابت اجلاسن جي صدارت ٿو ڪري؟ اجلاس گورنر هائوس ۾ ٿا ٿين. ڪراچي بلڪه ڪراچي جي ڪجهه علائقن جي ترقياتي ڪمن جو جائزو، منصوبن جي پيڙهه جا پٿر، منصوبن جا افتتاح، گورنر صاحب بهادر ڪهڙي اختيار سان ٿو ڪري؟ جڏهن ته سنڌ گورنمينٽ پنهنجي لاؤ لشڪر سميت موجود آهي. ايم ڪيو ايم جا وزير استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ به پنهنجي وزارت جو انتظام پاڻ هلائن ٿا. وزيراعليٰ صاحب بهادر کي به ان ۾ دخل اندازي جو اختيار ناهي. خود زرداري صاحب جن منصوبن کي شروع ڪري ٿو ان ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون. سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪري ان سان گڏ جناح جو پڇ لٽڪائي ڇڏيائون. بينظير شهيد يونيورسٽي لياري جو ڪم اڃان رولڙي ۾ آهي. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي اڃا لٽڪي پيئي آهي. سنڌ مدرسه يونيورسٽي ويچاري اڃان گوڏن ڀر پئي رڙهي، انهن سڀني يونيورسٽين جو چانسلر به گورنر صاحب بهادر آهي. 18ترميم کانپوءِ به! جڏهن ته هاڻي وزيراعليٰ سنڌ کي انهن يونيورسٽين جو چانسلر هئڻ گهرجي. پر انهن ۾ همت ۽ جرائت ئي ناهي جو اهي اختيار واپس وٺي سگهن، جن تي زبردستي قبضو ڪري ويٺا آهن. انهي سموري حالت هوندي ڇا اها توقع ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح به هجي ته اختيار وزيراعليٰ صاحب بهادر وٽ آهن ته ڇا وزيراعليٰ صاحب ۾ اها همت آهي ته غلط ڳالهين کي روڪي سگهي؟ هر قسم جي پارليماني ۽ غير پارليماني بدمعاشي کي منهن ڏيڻ لاءِ جنهن همت جي ضرورت آهي اها مفاهمت جي ٻوجهه هيٺيان دٻيل آهي. پيپلزپارٽي جيستائين پنهنجي مرڪز ۽ بيس يعني سنڌ کي ترجيح نه ڏيندي تيستائين ان جو مستقبل ناهي نه ئي اها عزت ڪمائي سگهي ٿي.
    جنهن جمهوري نظام ۽ آئين ۽ اسيمبلين جون ڳالهيون ڪجن ٿيون. هن ملڪ ۾ ته خاص طرح اها هڪڙي مسخري ۽ منافقت لڳي ٿي. اسيمبلي جي هوندي رات جي اونداهي ۾ گورنر طرفان آرڊيننس جو جاري ٿيڻ، وري اسيمبلي مان بنا بحث ۽ پارليماني ۽ جمهوري طريقه ڪار جي منظور ڪرائڻ خود جمهوري اقدار جي نفي آهي. جيڪڏهن جمهويت جون دعوديدار پارٽيون پارليمنٽ ۾ ويهي جمهوريت جي خلاف ورزي ڪنديون ته پوءِ ڪهڙي جمهوريت ۽ جمهوري روايات قائم ٿينديون؟ چوں کفر از کعبہ برخیزد کجاماند مسلمانی؟
    هن آرڊيننس جي ذريعي جيڪو عملي ورهاڱو ٿيل آهي ان کي قانوني شڪل ڏني ويئي آهي ان جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. ان خلاف جيڪي به پارٽيون ۽ اڳواڻ تحريڪ هلائي رهيا آهن اسان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ هر طرح انهن سان گڏ آهيون. فقط هڪڙي ڳالهه جو خيال رکڻ ضروري آهي جنهن جو بار بار هنن صفحن ۾ اسين اظهار ڪندا رهيا آهيون ته پنهنجي جهيڙي ۾ ڪنهن به ڌارئي جو فائدو نه ٿئي! ائين نه ٿئي جو اسان جي لڙائي ۾ ڪا ٽين پارٽي فائدو وٺي سنڌ جي مستقبل مفادن کي نقصان پهچائي. ان ڳالهه جو خيال رکڻ به سڀ کان وڌيڪ اقتداري ڌر يعني پيپلزپارٽي بلڪه بذات خود صدر محترم آصف علي زرداري صاحب جي ذميداري آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو