حافظ محمد اسماعيل کڏي واري جون تقريرون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    حافظ محمد اسماعيل کڏي واري جون تقريرون
    17 شعبان 1409هه
    حوالو: جلسو جمعيت علماءسنڌ
    هنڌ: اُٻاوڙو
    اعوذ باللّه من الشيطان الرجيم. بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لِمَ تَقُوۡلُوۡنَ مَا لَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۲﴾کَبُرَ مَقۡتًا عِنۡدَ اللّٰہِ اَنۡ تَقُوۡلُوۡا مَا لَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۳﴾اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ الَّذِیۡنَ یُقَاتِلُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِہٖ صَفًّا کَاَنَّہُمۡ بُنۡیَانٌ مَّرۡصُوۡصٌ ﴿۴﴾صَدَقَ اللّٰہُالۡعَظِیۡمِ.
    سائين صدر صاحب ! اعزازي مهمان ۽ سڀئي دوستو ۽ ڀائرو!
    تقرير کان پهريائين ، اسٽيج سيڪريٽري صاحب ايڏي منهنجي تعريف ڪئي ۽ ايڏي واکاڻ ڪئي، جو مون کي هي خطرو آهي ته متان آءٌ به انهن حضرتن وانگر خادم ٿيڻ جي بجاءِ مخدوم نه ٿي پوان، تنهن ڪري عرض آهي ته ايڏي تعريف نه ڪندا وڃو.
    اسان جي واسطي سڀ کان وڏي تڪليف جي ڳالهه اها ٿي پئي آهي جو اسان پنهنجي اکرن سان ۽ ڳالهائڻ سان هر شيء تباهه ڪرڻ گهرون ٿا.
    اسان اهو سوچيون ٿا ته اسٽيج تي بيهي ڪري اسان زور شور سان ڌماڪا ڪنداسين ڌمڪيون ڏينداسين، گوڙ گهمسان ڪنداسين ته سڀ شيء ختم ٿي ويندي. پنجاب ختم ٿي ويندو، پاڪستان ختم ٿي ويندو. سنڌ به آزاد ٿي ويندي، ڊيم وغيره سڀ اُڏي ويندا.
    پر ڪوبه نتيجو نه ٿو نڪري، سالها سال کان اسان فقط دانهون پيا ڪريون، رڙيون پيا ڪريون، پنهنجي اکرن جو جوهر پيا ڏيکاريون، پر ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي، ان جي ڪري ته اکرن سان ڪجهه به نه ٿيندو آ. جو ڪجهه به ٿيندو آهي عمل سان ٿيندو آ، عمل جي بغير ڪابه شيء حاصل نه ٿي سگهندي آهي. اوهان، پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ٻارن کي جيڪو مانيءَ جو ٽڪر کارايو ٿا اهو به جيڪڏهن صرف اوهان گهر ۾ ويهي، اکر ڳالهايو ته اوهان کي اهو ذرو ٽڪر به نه ملندو مانيءَ جو! جيستائين اوهان ٻاهر اچي ڪري ڪو ڪاروبار نه ڪندا، ڪو ٻيو طريقو نه ڪندا، جنهن سان ڪمائي ٿئي، ايستائين اوهان کي ڪو ٽڪر به نٿو ملي سگهي.
    آزاديءَ جا ته اسين گهڻا نعرا هڻون ٿا پر اڄ ڏينهن تائين مون نه ڏٺو آهي ته ڪو اسان آزاديءَ جي واسطي عملي قدم به کنيو هجي، هڪڙي وک به اسان آزاديءَ جي واسطي نه وڌائي آهي. فقط ڳالهيون ڪيون آهن، ڪجهه به نه ڪيو آ.
    هن آيت ۾ الله جو فرمان آهي ايمان وارن کي، مؤمنن کي، ته اوهان اهڙي ڳالهه ڇو ڪريو ٿا جنهن تي عمل نٿا ڪريو!؟ ڇو ته الله وٽ سڀ کان وڏي ناراضگي جي اها ڳالهه آهي ته فقط ڳالهه ڪجي ۽ ان تي عمل نه ڪجي. الله کي فقط اهي ٻانها پسند اچن ٿا، جيڪي دشمن جي مقابلي ۾ وڙهڻ جي واسطي هلن ۽ انهن جي سامهون سيسي (سيهي) جي ديوار ٿي ڪري بيهي رهن مقابلو ڪن ــ جهاد ڪن ــ عمل ڪري ڏيکارين.
    فلسطين ۾ ڪيترائي هٿيار انهن استعمال ڪياــ ايڏي طاقتور فوج آهي، جيڪو اڄ کان پنج- اٺ سال پهريان هڪڙو آمريڪا جو ريسرچ اسڪالر آيو هئو پاڪستاني فوج تي ريسرچ ڪرڻ جي واسطي.
    ان پاڪستاني فوجين کان، آفيسرن کان، عام سپاهين کان انٽرويو ورتو ۽ اهو انٽرويو ڪتابي شڪل ۾ ان ڇاپيو، آمريڪا ۾! ان جو خلاصو ”نواء وقت“ ۾ اردو اخبار جيڪا آهي پنجابين جي، ان ۾ ان جو خلاصو ڇپيو هو. جنهن ۾ ان چيو ته مون پاڪستاني فوجين کان جيڪو انٽرويو ورتو ته اوهان جو آئيڊيل ڪهڙي فوج آهي؟ انهن چيو ته : ”اسان جو آئيڊيل اسرائيل جي فوج آهي“.
    اهو ان جي ڪري ته پاڪستان ۽ اسرائيل هڪڙي شيء آهي ۽ هڪڙي ڳالهه جي واسطي ٺهيا.
    اسرائيل ان جي ڪري ٺهيو ته دنيا ۾ ڪابه مذهبي رياست اڄ ڏينهن تائين نه ٺهي آهي ۽ انهن کي فلسطين ۾ مذهبي رياست ٺاهڻي هئي.
    ان جي ڪري انهن اهو سوچيو ته پهريائين جيڪڏهن مسلمان، پنهنجي مذهبي نالي تي ڪا رياست ٺاهن ته پوءِ اسان کي مذهب جي نالي رياست ٺاهڻ مسلمانن جي وچ ۾ سولي ٿي پوندي. ان جي ڪري پاڪستان ٺاهيو ويو. ان جي هڪڙي سال کانپوءِ اسرائيل ٺهيوـ اهوئي سبب آهي جو پاڪستاني فوج جو جيڪو آئيڊيل آهي سو اسرائيلي فوج آهي، يهودي فوج آهي.
    دنيا جي اندر يهودي فوج کي تمام تربيت يافته ۽ طاقتور سمجهيو پيو وڃي. پر، اڄ کان چار مهينا اڳ اسڪول جي هڪڙي شاگرد، جنهن جي عمر فقط 11 سال هئي ــ هن 11 سالن جي ٻار! اسرائيلي فوجي تي هڪڙو پٿرو اڇلائي ڪري زبردست جنگ جو آغاز ڪيو، جيڪا هاڻ چوٿين مهيني ۾ داخل ٿي وئي آهي. سالها سال، چاليهه سالن کان جيڪي فلسطيني مجاهد، ياسر عرفات وارا! بندوقن ۽ گولين سان وڙهندا آيا اسرائيل سان! پر، ايڏو اسرائيل کي پريشان نه ڪري سگهيا. اسرائيلي فوج کي.
    ڪيترائي عرب ملڪ انهن سان وڙهيا، انهن کي ڪجهه به نه ڪري سگهيا، پر ننڍڙن ٻارن جيڪي پٿرا هڻڻ شروع ڪيا آهن ۽ انهن ٻارن کانپوءِ وڏا ننڍا زالون پوڙها وغيره سڀ پٿر هڻڻ ۾ جنبي ويا آهن، جو ڇوڪرا وڃن ٿا، انهن جي اسڪول جا جيڪي ٿيلها آهن، انهن ۾ پٿرا ڀريا پيا آهن! زالون، جيڪي سامان وٺڻ وڃن ٿيون بازار ۾! انهن جي سامان جي جيڪا ڇلي آ، ٽوڪري آ، انهن ۾ پٿرا ڀريا پيا آهن! مسجد جي منارن تان انهن تي پٿرا پيا وسائين، جاين جي ڇتين تان انهن تي پٿرا پيا وسائن! تمام پريشان ٿي ويا آهن ته انهن پٿرن جو مقابلو ڪيئن ڪريون!؟
    هينئر هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ اهو ثابت ٿي ويو آهي، ته جيڪڏهن انسان جي اندر همت ۽ عزم هجي ۽ اهو عمل ڪرڻ تي اچي ته هو پٿر سان به هڪڙي جديد ترين هٿيار سان مقابلو ڪري سگهي ٿو.
    اسان ۾ ايتري به همٿ ناهي جو اسان پنجاب تي فقط پٿرا اڇلايون! جيڪڏهن سڀ سنڌي گڏجي ڪري پٿرو هڪڙو هڪڙو ڪري پنجاب تي اڇلايون ته پنجاب سڄو ڍڪجي سگهي ٿو، پٿرن سان.
    پر اسان فقط هتي زبان جا پٿرا اڇلايون ٿا ۽ ڪو عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.
    اوهان سنڌو ديش ڪيئن ٺاهيندا ؟ مونکي اوهان پنهنجو منصوبو ٻڌايو! سنڌو ديش تي اوهان هڪڙو قدم به نه کڻي سگهيا آهيو، اڄ ڏينهن تائين سنڌو ديش ٺاهڻ جي واسطي! پر، اهي سڄو پنجاب ديش ٺاهيندا وڃن سنڌ کي. بلڪه اڃا به افغان ديش ٺاهيندا وڃن پيا.
    هاڻي ته افغان مجاهد ڪاهي پيا آهن پنجابين کان به وڌيڪ! ـ ڪراچي سڄو افغانين جي قبضي ۾ اچي ويو آهي ۽ اڄ مذهبي عالم، رهنما ۽ سربراهه اها ڌمڪي ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اوهان افغان مجاهدن جي مرضي جي خلاف روس سان ڪو معاهدو ڪيو ته افغان مجاهد اوهان سان جهاد شروع ڪري ڇڏيندا.
    جهاد انهن کي افغانستان ۾ ڪرڻ گهرجي پر ان جي بجاءِ جهاد ڪراچي ۾ پيا ڪن! اسان سنڌين تي جهاد پيا ڪن.
    اوهان کي اهو واضح طريقي سان معلوم هجڻ گهرجي ته پاڪستان جي اندر اسلام جي هر شيء کي تمام بڇڙو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ڪابه اهڙي شيء اسلام جي هنن نه ڇڏي آ، جنهن کي انتهائي غليظ ۽ ناپاڪ شڪل ۾ هنن نه پيش ڪيو هجي.
    جهاد جو جيڪو مقدس نالو آهي، ان کي به هنن اهڙي غليظ طريقي سان هنن افغان مجاهدن جي روپ ۾ پيش ڪيو آ، جو اڄ اسان جا نوجوان جهاد کي ڦرلٽ ۽ ظلم ۽ زيادتي چون ٿا.
    هي پاڪستان اصل ۾ ٺهيو ئي ان جي ڪري هئو ته هتي اسلام جي هر ڪنهن اصول کي تباهه ڪيو وڃي. ان جي ڪري اسان علماءَ تي اهو فرض ٿئي ٿو ته اسان سنڌ جي اندر ۽ پنهنجي سنڌي قوم کي اسلام جي صحيح صورتحال ٻڌايون. اسلام جي خلاف جيڪي به غلط فهميون هنن ڦهلايون آهن. جعلي اسلام هنن پنهنجو پيش ڪيو. اسان ان کي واضح ڪري ٻڌايون ته اهو جيڪو به اسلام آهي سڀ جعل سازي آهي. ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانهي.
    اسان کي چون ٿا ته سڄي پاڪستان ۾ اسلام آڻيو، ان جي ڪري اوهان سڄي پاڪستان جي جيڪا جماعت آهي علماءَ جي ان ۾ شامل ٿيو.
    اسان انهن کي چئون ٿا ته اسان تي اسلام جي ذميداري اها ڪانهي ته اسين سڄي دنيا کي اسلام سيکاريون. اسان تي اها ذميداري ڪانهي ته اسين سرحد وارن کي اسلام سيکاريون. اسان تي اها ذميداري ڪانهي ته اسين پنجاب کي اسلام سيکاريون. ۽ نڪو اسان تي اها ذميداري آهي ته اسين سرحد يا پنجاب ۾ ڪو اسلام جو تحفظ ڪريون. اسان جي مٿان فقط اها ذميداري آهي ته اسان پنهنجي قوم کي سنڌين کي اسلام سيکاريون.
    ۽ جيڪڏهن اسلام جي خلاف ڪابه گڙٻڙ هتي سنڌ ۾ ٿئي ٿي ته اسان سنڌي قوم جي لاءِ اسلام جو تحفظ ڪريون ۽ اهو اسان کي قرآن به ٻڌائي ٿو. الله تبارڪ و تعاليٰ واضح اکرن ۾ فرمايو آهي:
    فَلَوۡ لَا نَفَرَ مِنۡ کُلِّ فِرۡقَۃٍ مِّنۡہُمۡ طَآئِفَۃٌ لِّیَتَفَقَّہُوۡا فِی الدِّیۡنِ وَ لِیُنۡذِرُوۡا قَوۡمَہُمۡ اِذَا رَجَعُوۡۤا اِلَیۡہِمۡ لَعَلَّہُمۡ یَحۡذَرُوۡنَ
    (سورة التوبة:122)
    ان مان صاف اسان کي اهو حڪم آهي ته اسين فقط سنڌ جي علماءَ جي جمعيت، جمعيت علماء سنڌ ٺاهيون. الله تبارڪ و تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
    اوهان مان، هر هڪ قوم مان، ڪجهه ماڻهو نڪرن. دين جو علم حاصل ڪن. يعني علماءَ ٿين ۽ دين جو علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس وڃي فقط پنهنجي قوم کي دين سمجهائن، پنهنجي قوم کي اها هدايت ڪن ته دين جو هي رستو آهي ان تي اوهان هلو.
    انهن تي ٻي ڪنهن قوم جي ذميداري ڪونهي. ڪنهن به علائقي جي ذميداري ڪانهي. فقط پنهنجي قوم جي ذميداري آهي. قيامت جي ڏينهن اهو سوال اسان کان نه ٿيندو ته اوهان پنجاب ۾ يا سرحد ۾ يا ٻين علائقن ۾ اوهان اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪئي؟ اهو سوال اسان کان نه ٿيندو. اسان کان فقط اهو سوال ٿيندو ته اوهان سنڌ ۾ اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪئي؟ اوهان پنهنجي سنڌي قوم کي ڪهڙو اسلام ٻڌايو؟ ڪهڙي ڳالهه سمجهائي؟ هاڻ اسان کي ٻڌايو ته اسين جمعيت علماء سنڌ ٺاهي ان ۾ رهون يا ٻين جمعيت علمائن ۾ شامل ٿيون! ڇو ته هن آيت ۾ ته اسان کي واضح هدايت آهي ته صرف اوهان پنهنجي قوم جي ماڻهن کي علم سکي ۽ انهن کي سمجهايو، ۽ انهن کي ڊيڄاريو ۽ انهن کي اها هدايت ڪريو ته اوهان هتي ظلم ۽ زيادتي کي قابض ٿيڻ نه ڏيو، بلڪه اوهان هر ظالم جي خلاف، هر ان شخص جي خلاف وڙهو. عملي طريقي سان جدوجهد ڪريو، جيڪو ڪنهن به قسم جو ظلم ڪري ٿو. چاهي اهو عقيدي جو ظلم ڪري يا دنيا جو ظلم ڪري. الله جي حق کي غصب ڪري، يا ٻانهن جي حق کي غصب ڪري. ٻنهي صورتن ۾ اهو ظالم آهي ان سان اوهان جهاد ڪريو.
    اوهان اهو ٻڌايو ته هتي ڇا ٿي رهيو آ ؟ جيڪو ظلم ڪري رهيا آهن ٻاهر جا ماڻهو، پنجاب جا يا سرحد جا ماڻهو جيڪي هتي ظلم ڪري رهيا آهن. افغان جا جيڪي مجاهد آهن اهي هتي جيڪو ناحق ڪري رهيا آهن، جيڪا بدامني هنن اچي ڦهلائي آهي هتي سنڌ ۾ انهن کي چوڻ يا انهن کي جهلڻ جو الله جو ڪوبه حڪم ڪونهي؟؟ اهو علماءَ ڪرام اسان کي ٻڌائن ته انهن جي باري ۾ الله جو ڪهڙو حڪم آهي؟
    بجاء اهو جو هنن کي ظلم کان ۽ بدامني کان روڪين، بلڪه اسان کي زمين جي مالڪن کي ڌمڪائي رهيا آهن ته جيڪڏهن اوهان افغان مجاهدن جي مرضيءَ جي خلاف هليا ته افغان مجاهد اوهان تي جهاد ڪندا.
    اهو ڪهڙو اسلام آ، اهو اسلام ڪٿان کان آيو؟ اهو اسان کي سمجهايو .
    ۽ اهو منصوبو جيڪو ٺاهيو آ، ڪالاباغ ڊيم جو، ان منصوبي سان ڪهڙي تباهي ٿيندي سنڌ ۾؟ ان جي باري ۾ اسان کي علماءَ ڇا ٿا سمجهائن؟ ۽ ڪهڙي اسان کي رهنمائي ٿا ڪن اهو اسان کي ٻڌايو!
    ان کان اڳ سنڌو نديءَ تي جيڪي ڊئم ٺهيا آهن جيڪي لئنڪ ڪئنالون نڪتيون آهن. انهن سان ڪيڏو نقصان ٿيو آ، جيڪو اڄ هتي گڊو بئراج تي به ايترو پاڻي ڪونهي تمام ٿورو پاڻي آ. ۽ جيڪڏهن ڪالاباغ ڊئم ٺهي ويو ته اسان کي هڪڙو قطرو به پاڻيءَ جو نه ملندو.
    ان جي ڪري ته آبپاشي جا جيڪي ماهر آهن انهن جي اها رپورٽ آهي ته جيستائين (هي چون ٿا ته ڪالاباغ ڊئم اسان بجلي جي واسطي ٺاهيون ٿا، پاڻي جو ان ۾ مسئلو ڪونهي. ان جي ڪري اسين ٺاهيون ٿا ته هتي بجلي پيدا ٿئي ۽ سڄي ملڪ کي بجليءَ جي ضرورت آ) ۽ ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته ڪالاباغ ڊيم ۾ بجلي ايستائين نٿي پيدا ٿي سگهي جيستائين 60 لک مڪعب ايڪڙ پاڻيءَ کي اتي گڏ نه ڪيو وڃي ڊئم جي اندر! ۽ جيڪڏهن ايترو پاڻي جمع ٿيندو ته سڄي سنڌو نديءَ جيڪا آهي ان جو سڄو پاڻي روڪڻو پوندو ان کانپوءِ اتي ايترو پاڻي جمع ٿي سگهندو. جيڪڏهن ٿورڙو پاڻي به انهن ڇڏيو سنڌ ڏانهن، ته اهو بجلي پيدا ڪرڻ جي قابل نه رهندو اهو ڊئم.
    هاڻي ٻڌايو ته جڏهن ڪالاباغ ڊئم ٺهي ويندو ته پوءِ اسان کي ڪيترو پاڻي ملندو؟ جيڪڏهن بجلي اتي پيدا ڪئي ويئي ته اسان کي هڪڙو قطرو پاڻي جو به نه ملندو ۽ اهو ڪهڙو حق آهي؟ انهن کي شرعي لحاظ کان به ڪوبه حق ڪونهي پاڻي روڪڻ جو. شرعي قانون پاڻي جي باري ۾ اهو آهي ته جيڪي به اهڙيون نديون نڪرن ٿيون اهي جتي وڃي ختم ٿين ٿيون، اتي جيڪي رهڻ وارا آهن انهن جو اختيار آهي سڄي نديءَ تي! يعني جتان کان اها ندي شروع ٿئي ٿي اوستائين فقط انهن جو اختيار هلندو جيڪي نديءَ جي ڇوڙ تي رهن ٿا جتي ندي ختم ٿئي ٿي، سمنڊ سان ملي ٿي.
    تنهن جو مطلب آهي ته سنڌو ندي جيڪا ڪشمير کان شروع ٿئي ٿي، ته ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمير تائين سنڌو نديءَ تي فقط سنڌين جو حق آهي ۽ اختيار آهي ۽ سنڌين جي مرضي جي بغير ان تي ڪوبه ڊيم نٿو ٺهي سگهي. ڪابه ان مان نهر نٿي نڪري سگهي.
    هاڻ ٻڌايو ته شريعت جي خلاف ورزي ڪنهن ڪئي؟
    مفتي محمود، سڀ کان پهريائين چشما لنڪ ڪئنال اتي ٺهرايو، ڊيرا اسماعيل خان ۾. ۽ سنڌو نديءَ جو ڪيترو پاڻي کڻي ويو، ان کي ڪهڙي شرعي اجازت ملي ۽ ڪهڙو شريعت تي ان عمل ڪيو؟ جو اسان کي وري شريعت ٿا سيکارين ۽ شريعت ٿا سمجهائن!؟
    شريعت جو قانون ڇا آهي؟ اهو هاڻي علمائن به ته فتويٰ ڏئي موڪليو آهي اتي سنڌ کان. انهن جي فتويٰ سڄي مڪمل رد ٿي وئي، ڪابه جيڪو آهي سو ذري برابر به ان فتويٰ کي حيثيت نه ڏني وئي. انهيءَ جي ڪري اسان چئون ٿا ته سنڌ جا جيڪي علماءَ آهن سو پاڻ اختيار وارا ٿين. جيڪڏهن سنڌ جا علماءَ پاڻ اختيار وارا نه ٿيا ته پوءِ شرعي فيصلو به هنن جو نه هلندو. واڳون جو ٻين جي هت ۾ ٿيون! اهي پنهنجي مرضيءَ جي مطابق شريعت ٺاهن ٿا ان کي موڙي ٽوڙي ڇڏين ٿا. اصل شريعت سان انهن جو واسطو ئي ڪونهي.
    هاڻي جيڪڏهن اسان اهڙين تنظيمن ۾ شامل ٿيون جن جا اڳواڻ سنڌ کان ٻاهر جا هجن ته اسان سنڌ جي باري ۾ ڪهڙو فيصلو ڪري سگهنداسين پنهنجي اختيار سان؟ ۽ جيڪڏهن اسان ڪو فيصلو ڪيو ته ان کي رد ڪري ڇڏيندا.هاڻ ته فيصلو به نه ٿيو فتويٰ ٿي، ته به رد ڪري ڇڏيائون!
    يعني سنڌ جي سڀني علمائن جي فتويٰ کي هو هڪڙي پٺاڻ يا پنجابي پيش امام جي ڳالهه جي برابر نه نٿا سمجهن! ان صورت ۾ ڪهڙي اسان جي حيثيت آهي جو اسان ٻاهر وڃون؟
    ۽ خود الله تعاليٰ جيڪو هي فرمايو آهي ته ان جو مقصد ئي اهو آهي ته هر ڪنهن عالم کي پنهنجي قوم ۾ حيثيت هوندي. ٻاهر ٻي قوم ۾ ان جي ڪا حيثيت ٺهي نٿي سگهي، ان جي ڪري هر هڪ عالم کي اهو حڪم آهي ته هو فقط پنهنجي قوم کي هدايت ڪري ۽ رهنمائي ڪري. ٻين جو واسطو هن سان ناهي. سڄي اسلام جي ٺيڪيداري ڪرڻ جو ان کي حق ڪونهي، ته هتان کان سڄي دنيا ۾ اسلام جي ٺيڪيداري پيو ڪري. صرف پنهنجي قوم کي اسلام سمجهائي ۽ ٻي ڳالهه ۾ دخل نه ڏئي.
    ته اسان سنڌين جي وجود کي ختم ڪرڻ جي واسطي مختلف منصوبا ٺهن پيا ۽ انهن تي عمل به ٿئي پيو. هڪڙي طرف پاڻي ٿا روڪين. ٻئي طرف ڌارين کي بي حساب اچي هتي آباد ڪيو ويو آ. پنجاهه فيصد کان چڙهي ويا آهن مٿي! 48 فيصد پراڻي ڳالهه ٿي وئي! هاڻ پنجاهه فيصد کان به مٿي آهن! ۽ اها صورتحال رهي ته ڏهن سالن کانپوءِ سنڌي وڃي اٽي ۾ لوڻ جي برابر رهندا ۽ انهن جي ڪابه حيثيت نه رهندي.
    سڀ کان پهريائين اسان تي اهو لازم آهي ته اسان هتي ڌارين جي آبادڪاريءَ کي روڪيون ۽ ان جي واسطي قدم کڻون.
    ۽ ٻئي نمبر تي اسان جي واسطي هي ضروري آهي ته اسان جيڪي به منصوبا سنڌ جي خلاف ٺهيا آهن اهي منصوبا ختم ڪرايون.
    پنهنجي حيثيت، پنهنجا جيڪي حق آهن انهن کي واپس وٺون. ان جي واسطي طريقا آهن ۽ منصوبا آهن، جيستائين اسان انهن طريقن ۽ منصوبن تي نه هلنداسين تيستائين اسان پنهنجو ڪوبه حق حاصل نه ڪري سگهنداسين. چاهي آزاديءَ جو حق هجي يا ٻئي ڪنهن قسم جو حق هجي،
    اسان اسلام جي ڳالهه ان جي واسطي ڪريون ٿا ته اسلام جي اندر هر قسم جو حق اسان کي ڏنو وڃي ٿو. جيڪڏهن اوهان جمهوريت جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اسلام جي اندر جمهوريت به موجود آهي، جيڪڏهن اوهان سيڪيولر جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اسلام جي اندر سيڪيولر به موجود آهي. جيڪڏهن اوهان سوشلزم جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اسلام جي اندر سوشلزم به موجود آهي. جيڪڏهن اوهان تقرير ۽ تحرير جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اسلام جي اندر اها به آزادي موجود آهي. جيڪڏهن اوهان مذهبي رواداري جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اسلام جي اندر مذهبي رواداري به موجود آهي. جيڪڏهن اوهان اقتصادي مسئلن جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اسلام جي اندر اقتصادي مسئلا به موجود آهن. جيڪڏهن اوهان سياسي نظام جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اسلام جي اندر سياسي نظام جي رهنمائي به موجود آهي. جيڪڏهن اوهان زمينن جي مسئلن جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اسلام جي اندر زمين جي مسئلن جي واسطي به هدايت موجود آهي. جيڪڏهن اوهان پاڻي جي ۽ دريائن جي ۽ نهرن جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اسلام جي اندر اها به هدايت موجود آهي.
    ڪهڙي اهڙي اوهان جي ڳالهه آهي جيڪا اسلام جي اندر موجود ڪانهي؟
    ۽ اسلام جي اندر جيڪو اخلاقي نظام آهي، سو ڪنهن به نظام جي اندر موجود ڪونهي. اسلام جي اندر جيڪا روحاني تربيت آهي اها ڪنهن به نظام جي اندر موجود ڪونهي. ڪوبه قانون، ڪوبه نظام، ايستائين ڪامياب نٿو ٿي سگهي، جيستائين ماڻهو پاڻ ان کي ڪامياب ڪرڻ نه گهري. ۽ اها فقط تڏهن پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن انسان جو اخلاقي نظام بهتر هجي. جيڪو قانون هو پاڻ ٺاهي ان جو پورو احترام ڪري، ان تي پاڻ عمل ڪري تڏهن اهو قانون فائدي جو ٿي سگهي ٿو.
    هينئر، اوهان ٻڌايو ته ملڪ جا جيڪي به قانون ٺهيل آهن انهن جي ڪابه حيثيت آهي يا ڪانهي؟ ڪابه حيثيت ڪانهي.
    ٿورڙن پئسن جي ذريعي يا ڪنهن سفارش ذريعي يا ڪنهن دٻاءَ جي ذريعي ڪنهن به قانون تي عمل نٿو ٿئي. عدالتن ۾ انصاف وڪيو وڃي ٿو. خريد و فروخت ٿئي ٿي. ايمان ۽ ضمير جي خريد و فروخت ٿئي ٿي.
    ڪوبه قانون، ڪوبه نظام ايستائين نٿو هلي سگهي جيستائين ماڻهو پاڻ کي نه سڌاري، پنهنجو اخلاق درست نه ڪري. اهو اخلاقي نظام دنيا جي ڪنهن به نظام ۾ موجود ڪونهي. نه جمهوريت ۾ نه سوشلزم ۾ نه سيڪيولرازم ۾ نه ٻي ڪنهن شيء ۾. اهو فقط اسلام جي اندر موجود آهي.
    اسلام جي اندر ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي ٻين نظامن ۾ ناهن ته پوءِ اسان اهڙا ٻيا نظام ڇو کڻون؟ جن ۾ هڪڙي ڳالهه آهي ته ٻي ڳالهه ڪانهي. اسان ڇو نه اهڙو نظام کڻون، جنهن ۾ سڀ ڳالهيون موجود آهن ۽ هر شيء جي رهنمائي ۽ هدايت موجود آهي ته پوءِ اسان کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿيندي. اها بنيادي ڳالهه آهي ۽ جمعيت علماء سنڌ جو مقصد به اهو آهي.
    ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي جيڪو اوهان گهرو ٿا ته قومي حقن جي ڳالهه ٿئي. جنهن کي اڄ ڪلهه نيشلزم چون ٿا، يا ٻي زبان ۾ قوم پرستي چون ٿا. ڪي قومي حقوق جي حمايت چون ٿا. ڪي نيشنل ازم چون ٿا ڪي قوم پرستي چون ٿا مقصد فقط هڪڙو آهي ته قوم جي ڳالهه ٿئي، قوم کي آزادي هجي، قوم کي پنهنجا حق هجن. ڪنهن قوم جي مٿان ٻي ڪنهن قوم جو قبضو نه هجي. ظلم ۽ زيادتي نه هجي.
    ماڻهو چون ٿا ته هي اصول پرست آهي. يعني اصول تي هلڻ وارو. ڪي ماڻهن چون ٿا ته هي جمهوريت پرست آهي جمهوريت تي هلڻ وارو. ته ساڳئي نموني چون ٿا، قوم پرست آهي. معني قوم جي حقن لاءِ هلڻ وارو.
    پر اسان جا عالم دين اڄ اچي ڪري قوم پرستيءَ کي شرڪ ثابت ڪن ٿا. يعني قرآن شرڪ جي هدايت ڏئي ٿو ته شرڪ ڪريو!؟ الله جو پيغمبر شرڪ جي هدايت ڏئي ٿو!؟ اهو ڪڏهن ٿي سگهي ٿو.!!!؟؟؟
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته اوهان مان سڀ کان بهتر شخص اهو آهي جيڪو پنهنجي ڪٽنب لاءِ قبيلي لاءِ پنهنجي قوم جي واسطي وڙهي. پنهنجي قوم جي حقن جي ڳالهه ڪري، ان جي حمايت ڪري، ان جو دفاع ڪري ۽ ان جي واسطي وڙهي. اهو اوهان ۾ سڀ کان بهتر آهي. سنن ابي دائود جي حديث آهي. جيڪڏهن علماءَ گهرن ته سنن ابي دائود باب العصبية ۾ ڏسي سگهن ٿا.
    ۽ اڄ اسان کي علماءَ جيڪي اچن ٿا ٻاهر جا، پنجاب ۽ سرحد جا، سي چون ٿا ته اوهان قومي حقن جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اوهان شرڪ ڪريو ٿا. ته پوءِ اهو شرڪ ته قرآن ۾ موجود آ! اهو شرڪ ته حديث ۾ به موجود آ! ۽ پيغمبرچئي ٿو ته اهو شرڪ ڪرڻ وارو، اوهان مان سڀ کان بهتر آهي.
    هاڻ ٻڌايو ته اسين پيغمبر جي ڳالهه مڃيون يا هنن عالمن جي؟ جيڪو جڙتو ڳالهه کڻي اچي. جنهن جي واسطي ڪابه هنن وٽ دليل ڪونهي ڪابه ڳالهه ڪونهي.
    ۽ وري افسوس جي ڳالهه اها ته سنڌ جا جيڪي به علماءَ آهن اتي موجود آهن اتي اها ڳالهه ان جي ٻڌن پيا ته ڪو اکر نٿو چئي ته هو اوهان شرڪ ڪيئن ٿا چئو! ڪهڙي نموني سان ڳالهه ڪريو ٿا!
    ته اهي علماءَ اسان کي ڪهڙو اسلام سيکاريندا ۽ ڪهڙو اسلام جو سبق ڏيندا ۽ شريعت جو درس ڏيندا؟ چون ٿا اوهان تعصب ڪريو ٿا. اسان تعصب ڪيئن ٿا ڪريون!؟ حديث اسان کي ٻڌائن ٿا ته ”جيڪو ماڻهو اوهان مان تعصب لاءِ سڏ ڏئي سو اسان مان ڪونهي“. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايوآ.
    پر اتي اها ڳالهه نٿا ٻڌائن ته ان کان پوءِ اها حديث به موجود آهي ته تعصب اهو آهي ته پنهنجي قوم جيڪا ظالم آهي ان کي ظلم ۾ مدد ڪري. فقط اهو تعصب آهي. پر جيڪڏهن ان جي قوم ظالم ڪونهي ۽ ان کي ظلم ۾ مدد نٿو ڪري، بلڪه ان جي قوم مظلوم آهي ۽ ان کي مظلوميت ۾ مدد ڪري ٿو ته اهو تعصب ڪونهي بلڪه اهو جيڪڏهن تعصب آهي ته اهو بهتر آهي ڇو ته، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته اوهان کي پنهنجي مظلوم قوم جي حمايت ڪرڻي آهي، مدد ڪرڻي آهي ان جي واسطي هر قسم سان دفاع ڪرڻو آهي.
    هڪ ئي باب جي اندر ٻئي حديثون موجود آهن پر هڪڙي حديث اسان کي ٻڌائن ٿا ۽ ٻي حديث جيڪو آهي سو کائي وڃن ٿا. يعني اڌ دين اسان کي ٻڌائن ٿا ۽ اڌ کائي وڃن ٿا. قرآن ڪريم ان کي ڪفر چيو آهي.
    اَفَتُؤۡمِنُوۡنَ بِبَعۡضِ الۡکِتٰبِ وَ تَکۡفُرُوۡنَ بِبَعۡضٍ (سورة البقرة:85)
    ڇا اوهان ڪتاب جي هڪڙي حصي تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ٻئي حصي کان انڪار ڪريو ٿا!؟
    اها ته يهودين جي روش آهي. يهودين جو طريقو آهي ته اڌ ڳالهه ٻڌائن ٿا ۽ اڌ لڪائي ڇڏين ٿا. اوهان اڌ حديث ٻڌايو ٿا ۽ اڌ حديث لڪائي ڇڏيو ٿا ۽ پوءِ اسان کي اوهان مشرڪ چئو ٿا.اسان کي اوهان ڪافر چئو ٿا؟؟
    قرآن جي هن آيت جي مطابق اوهان ٻڌايو ته ڪير مشرڪ آهي ۽ ڪير ڪافر؟ ڪير شرڪ ڪري ٿو ۽ ڪير ڪفر ڪري ٿو؟ اسان سڄو ڪتاب ٻڌايون ٿا، ڪابه آيت اسين نٿا لڪايون. اسان چئون ٿا ته ان حد ۾ اوهان هلو جنهن حد ۾ الله جو فرمان آهي.
    اسين پنهنجو، جيڪو اسان جو حق غصب ٿيل آهي. اسان تي جيڪو ظلم ٿيل آهي، ناحق ٿيل آهي. زيادتي ٿيل آهي، ان کي اسان ختم ڪرڻ گهرون ٿا. اسان ڪنهن تي ظلم ڪرڻ نٿا گهرون. !!!!!!!
    اسان پنجاب تي حملو ڪرڻ نٿا گهرون. اسان پنجاب جو حق کسڻ نٿا گهرون. اسان سرحد تي حملو ڪرڻ نٿا گهرون اسان سرحد جو حق کسڻ نٿا گهرون. اسان صرف انهن ماڻهن سان وڙهون ٿا جيڪي هتي اسان جي سنڌ ۾ اچي ڪري پنجاب ۽ سرحد جا ويهي ڪري اسان جي هر شيء کائي ويا آهن اسلام جي نالي ۾. جيڪا شيء کائن ٿا تنهن جي پٺيان اسلام جي فتويٰ پيا هلائن. نتيجو هي نڪتو آهي ته اسان جيڪي به نوجوان آهن سو اسلام کي هاڻ سامراج ٿا چون! عرب سامراج! عربن سامراجي ڪئي. عربن هيئن ڪيو!
    عربن ڪهڙي سامراجي ڪئي؟ عربن ته اوهان کي پنهنجو حق وٺڻ سيکاريو. اسلام جيڪو عربن آندو سو ان ۾ ٻڌايو ويو ته اوهان جو هي هي حق الله مقرر ڪيو آهي ۽ هن نموني سان اوهان حق وٺو ۽ اهو هنن جڙتو اسلام ٺاهيو آهي ته ٻين جا حق غصب ڪري وڃو اسلام جي نالي ۾.
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي فرمان جي مطابق اسين تعصب نٿا ڪريون بلڪه اوهان تعصب ڪريو ٿا! اوهان جي قوم ظالم آهي ۽ اوهان ان جي ظلم ۾ ان جي مدد ڪريو ٿا اوهان تعصب ڪرڻ وارا آهيو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي فرمان مطابق، اوهان نبي جي امت ۾ نه آهيو. ان جي ڪري ته اوهان پنهنجي ظالم قوم جي مدد ڪريو ٿا.
    اسان پنهنجي قوم جيڪا آهي اسان جي مظلوم آهي. ظالم ڪانهي. اسان پنهنجي مظلوم قوم جي حمايت ڪريون ٿا. هن جي واسطي آواز کڻون ٿا. اسان ڪيئن متعصب ٿياسين !؟
    [نوٽ: هتي ريڪارڊنگ دوران ڪجهه ٽڪرو رهجي ويل آهي جنهن جو مفهوم هي آهي:
    ... متعصب ته اهي پاڻ آهن جيڪي پنهنجي ظالم قوم لاء عصبيت ڪرڻ وارا آهن ؟ اسان ته خود مظلوم آهيون!
    ۽ اسان جميعت علماء سنڌ جي طرفان سنڌ جي انهن نوجوانن کي جيڪي هن جڙتو اسلام سبب اصل اسلام کان بيزار ٿي رهيا آهن،اهو چئون ٿا ته :]
    اوهان اسلام کي ڇو ٿا بڇڙو چئو؟. اهي ڳالهيون جيڪي اسان اوهان کي ٻڌايون ٿا اهي به ته قرآن حديث ۾ موجود آهن. اهي اسلام ڪونهي ڇا؟ اهي غلط آهن ڇا ڳالهيون؟؟
    ۽ علماءَ ڪرام کي به اسين چونداسين ته اوهان سوچيو ۽ سمجهو! اوهان جي جيڪڏهن اها روش ۽ طريقو رهيو ته سنڌ ۾ اسلام ختم ٿي ويندو. بخارا ۽ سمرقند ۾ ٻين ملڪن ۽ اسپين ۾ اسلام ڇو ختم ٿي ويو!؟
    ان جي ڪري ته اها ئي صورتحال هئي. اتي جڙتو اسلام پيش ڪيو ويو. بادشاهن، جيڪي ظالم بادشاهه هئا، ظالم جاگيردار هئا، ظالم جيڪي حڪمران ۽ ڪامورا هئا انهن جي واسطي اسلام جون غلط فتوائون ڏئي ڪري انهن جا هٿ مضبوط ڪيا. نتيجو اهو نڪتو جيڪو مظلوم عوام اٿيا، ته انهن هر شيء کي ختم ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته مذهب اسان کي ظلم جي اجازت ڏئي ٿو ته اهڙو مذهب ئي اسان کي نه کپي!
    سڀاڻي جيڪڏهن اهائي حالت رهي ته سنڌ ۾ به اها صورتحال ٿيندي. ڇو ته هي جيڪي علماء اچن ٿا جن جي اوهان سلامي ڏيو ٿا ۽ جن جو استقبال ڪيو ٿا اهي ته مذهب کي ظالم جي روپ ۾ پيش ڪن ٿا. سڀاڻي جيڪڏهن سنڌ جا نوجوان ڪامياب ٿي ويا ته هو سڄو مذهب ختم ڪري ڇڏيندا ته هي اسلام ظالم آهي ۽ اهڙو ظالم مذهب اسان کي نٿوکپي!
    اوهان صحيح اسلام ڇو نٿا پيش ڪريو؟ جڏهن اوهان وٽ اسلام جي هر ڳالهه هر ڪتاب، هر حديث، قرآن جون آيتون موجود آهن ته پوءِ اوهان ٻين جي پٺيان ڇو ٿا لڳو؟ صحيح اسلام جي شڪل اوهان پنهنجي نوجوانن کي ٻڌايو. جنهن ۾ انهن جو هر حق موجود آهي، ظلم سان ۽ ظالم سان مقابلو موجود آهي ته پوءِ اسلام جي مخالفت ڇو ڪندا.؟
    اسان پنهنجي غلط فتوائن ۽ غلط عمل سان اسلام کي بڇڙو ڪري ڇڏيوسين، بدنام ڪري ڇڏيوسين. قرآن جي هي آيت پيش نظر رکو! ته هر فرقي جا، هر قوم جا جيڪي عالم آهن سو فقط پنهنجي قوم جي واسطي ذميوار آهن. پنهنجي علائقي جي واسطي ذميوار آهن.
    آءٌ چوان ٿو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي عمل ۾ ۽ حديث ۾ اسان کي علائقي جو جيڪو طبعيت تي اثر پئي ٿو، اهو به موجود آهي. بخاري ۾ حديث آ. صحيح بخاري ۾!
    ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سامهون ڳوهه اچي ڪري رکيائون. جيڪا ڳوهه هڪڙو جانور ٿيندو آ، ننڍو! ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ان کي کائڻ قبول نه ڪيو. ٻيا جيڪي ويٺا هئا مانيءَ تي، انهن نبي صلي الله عليه وسلم جن کي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ڇا هي حرام آهي؟؟ ته نبي صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته نه، حرام ڪونهي. پر، ڇو ته هي جانور جيڪو آهي سو منهنجي قوم جي علائقي ۾ موجود نه هئو ان ڪري منهنجي طبعيت ان کي کائڻ پسند نٿي ڪري. يعني الله جو نبي ان کي حرام نٿو ڪري، ان جانور کي. پر، ان جي قوم جي علائقي ۾ سرزمين تي جيڪڏهن اهو جانور نه هئو، هن جي قوم ان جانور کي نه کائيندي هئي، تنهن جي ڪري اهو به ان کي کائڻ پسند نٿو ڪري. اوهان ٻڌايو ته نبيعلائقائيت ڪئي يا ڪونه ڪئي؟ نبي قوميت ڪئي يا ڪونه ڪئي؟ ته ڇا نبيبه مشرڪ ٿيو؟ نعوذبالله!.
    اسان ائين چونداسين ته نبي به ته قوم جي ڳالهه ڪئي.
    قوم جي ڳالهه ڇو ڪئي؟ اڙي!! بخاري ۾ آهي ته نبيچئي ٿو ته منهنجي قوم جي علائقي ۾ هيءَ جانور نه هئو. ان جي ڪري آءٌ هي جانور نٿو کانوان، اوهان چئو ٿا ته قوم جو نالو وٺو ته مشرڪ آهيو!!!؟؟؟
    نبي کي مشرڪ چئي ڏيکاريو! تڏهن اوهان کي مڃون ته اوهان جيڪو آ سو فتويٰ ڏئي ڄاڻو.فقط اسان کي مشرڪ ڇو ٿا چئو؟ جو اسين قوم جو نالو ٿا وٺون. نبي به ته قوم جي ڳالهه ڪئي! نبي چئي ته آئون هي جانور نٿو کانوان ڇو ته منهنجي قوم جي علائقي ۾ نه هئو. منهنجي قوم هن کي نٿي کائي. اڄ اسين جيڪڏهن چئون ته منهنجي قوم هيئن نٿي ڪري ته آءٌ ائين نٿو ڪريان ته چوندا اوهين مشرڪ آهيو!
    اسان کي ته نبي جو عمل جيڪو آهي، ان ۾ اسان کي اسلام ملي ٿو. نبي ڪريم جي سنت ۾ اسان کي اسلام ملي ٿو. اسان کي قرآن ۾ اسلام ملي ٿو. اسان کي هنن بزرگن جي ڪابه ضرورت ڪانهي!
    سنئون سڌو جڏهن اسان اسلام کي سمجهي سگهون ٿا ته پوءِ ڇو اسان هنن جي پٺيان هلون! جو هر ڳالهه کي جيڪا قرآن جي آيت ۾ موجود آهي ته به چون ٿا شرڪ آ، حديث ۾ موجود آهي تڏهن به چون ٿا ته شرڪ. ان مان ثابت ٿيو ته انهن جو اسلام جڙتو آهي. ڇو ته جيڪو قرآن جي عمل کي چئي قرآن جي حڪم کي چئي ته شرڪ آ، نبي ڪريم جن جي عمل کي چئي شرڪ آ، ته پوءِ انهن جو اسلام اهو ته نه ٿيو جيڪو قرآن ۾ آهي ۽ حديث ۾ آهي ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو.
    ته جمعيت علماء سنڌ جيڪا آهي ان جو مقصد اهو آهي ته هنن غلط ڳالهين کي، جڙتو ڳالهيون جيڪي پيش ڪيون ويون آهن انهن کي ختم ڪري ان جو بڇڙو هجڻ ثابت ڪري، غلط هجڻ ثابت ڪري اسلام جي جيڪا صحيح شڪل آهي، سو اسان پنهنجي ماڻهن جي سامهون پيش ڪيون تاڪه اسلام جي خلاف اها نفرت به ختم ٿئي ۽ جڏهن صحيح اسلام اچي ته اسان جو هر مسئلو حل ٿئي. قومي مسئلو به حل ٿئي، ملڪي مسئلو به حل ٿئي. روحاني مسئلو به حل ٿئي. آخرت وارو مسئلو به حل ٿئي.
    ان تي آءٌ پنهنجي ڳالهه کي ختم ڪندس. الله اسان سڀني کي هدايت ڏئي. آمين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو