سامايس ته سک وياابوفهيم شورو سنڌ وري به راڪاسن جي ور چڙهي وئي! ڪٿان ڪو پيو پٽي، ته ڪٿان ڪو پيو ڪوري ۽ ڪَپي! سنڌ تي ڌارين جا ڌاڙا، هلاڪُن جون هلائون چنگيزن جون چڙهايون ۽ ڦرون مارون تاريخ جي هر ورق ۾ نمايان آهن. انهن غاصبن لٽيرن سنڌ ۽ سنڌين سان ڪهڙا ويل وهايا، ڪهڙا ظلم ۽ زوراوريون ڪيون تنهن جو تفصيل تاريخ ۾ هنڌين ماڳين موجود آهي.اهو ڦرمار جو سلسلو سڪندر يوناني کان شروع ٿيو هو ۽ اڄ تائين هلندو پيو اچي. ان جو ڇيهه ڪڏهين ۽ ڪٿي ٿو ٿئي؟ پوءِ باقي ڇا وڃي بچندو؟! تنهن جي خبر خدا کي! اسان جو اڌورو عقل هي ٿو چوي ته، سنڌ ۽ سنڌين تي هاڻي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن پيا اچن، ۽ اهي ڏينهن به پنهنجن جي پرڪارن سبب ڏسڻا پيا پون.اسان پنهنجي ڪچهرين ۾ تحرير ۾ ڌارين کي ڌڪار ۽ نفرت جو نشانو بنايو آهي پر ڇا اسان سان به اسان جي پنهنجن ڪا گهٽ ڪئي آهي؟ڪنهن فارسي واري ڪهڙو نه سٺو چيو آهي : من از بيگانگاں ہرگز نہ نالم ۔کہبامن ہر چہ کرد آن آشنا کرديعني ته، آئون ڌارين جي دانهن ۽ شڪايت ڇو ڪريان؟ مون سان جيڪي ڪلور ٿيا آهن سي ته پنهنجن ئي ڪيا آهن. جي ها! سنڌ ۽ سنڌي سورن ۾ تڏهن پيا آهن جڏهن چند ڌرتي ڄاوا سپوت هجڻ بجاءِ ڪپوت بنجي ڌارين جي مفادن لاءِ اهو سڀ ڪجهه پيا ڪن، جيڪو شايد ڌاريا به نه ڪري سگهن ها. سنڌ ڌرتي جو سودو! سو به ٿورڙي مفاد عيوض!! سو مفاد به چند ڏينهن جي ڪرسي بچائڻ لاءِ!!! حيرت آهي، عجب آهي، بلڪه صد افسوس ۽ ارمان آهي، انهن ماڻهن تي جيڪي سنڌ جا سنڌي وزير آهن، سنڌ جي ڪابينه جا سنڌي ميمبر آهن. ويتر اهي وڏي فخر سان پيا چون ته اسان هي (ٻٽو مڪاني نظام ۽ ميئرشپ وارو قانون وغيره) تمام وڏو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جيڪو سنڌ جي اندروني نظام کي بهتر نمونه هلائڻ لاءِ آهي. سنڌ کي مال غنيمت سمجهي ڦريندڙ ڌارين لٽيرن کي منهن ڏيڻ آسان آهي پر جي انهن ڌارين لٽيرن جو ساٿ ڏيڻ وارا اسان جا پنهنجا سنڌي هوندا ته پوءِ انهن پنهنجن کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو. هونئن به سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته ” چُلهه کانسواءِ چوري نه ٿي سگهندي“ يا ”گهر کي گهر مان ئي لڳندي آهي“ ڪنهن اردو شاعر به چيو آهي ته، گهر کو لگی ہےآگ ، گهر کے چراغ سے. هن وقت سنڌ تي حڪومت سنڌين جي آهي. پاڪستان جو صدر به سنڌي آهي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي سنڌي ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌي ٽوپي به پائيندو آهي پر پوءِ به سنڌ، سنڌين کان کسجي وڃي! ۽ سنڌ حڪومت جا سرڪاري پاور غير سنڌي ڀائي لوگن جي هٿ ۾ هجن ته، انهيءَ ڳجهارت جي ڀڃڻي ڪهڙي آهي؟ سياست جا سگهڙ اها ڳجهارت ڀڃي سگهن ٿا. باقي اسان اڻ ڄاڻ ڌُڪو هڻنداسون جي لڳو ته واهه، نه ته ڳجهارت ڳجهه ڳولڻو آهي جيڪو اسان کان زور آهي! اسان ڌُڪيبازن جي نظر ۾ ته، ڀائي لوگن کي ڌرتي کپي ٿي ۽ سنڌ حڪومت جي موجوده اقتدار ڌڻين سنڌين کي ڪرسي کپي ٿي. مفادن جو اهو اتحاد ۽ ڳٺ جوڙ آهي جنهنڪري سنڌين کي تير ۽ تلوار کانسواءِ فقط قلم سان لکيل قانون جي وار سان ڌارين جي حوالي ڪيو ويو آهي. قانون کي نافذ ڪرڻ وارا ۽ ڌارين ڀائي لوگن کي سنڌ حوالي ڪرڻ وارا اسان جا پنهنجا سنڌي آهن. اهو تاريخي ڪارنامو ڪيئن انجام کي پهتو؟ تنهن جو ڪارڻ هڪ پراڻو وچن آهي جنهن جو ظهور اڄ کان چار پنج سال اڳ ان وقت ٿيو هو جڏهن موجوده سنڌي صدر، پاڪستان جو صدر ٿيڻ کان پهرين جڏهن نائن زيرو تي حاضري ڀري هئي ته پاڻ هي اعلان ڪيو هئائين ته ”سندس اولاد ۽ الطاف جو اولاد پڻ پ پ-ايم ڪيو ايم اتحاد کي ايندڙ نسلن تائين جاري رکندو.“ انهي اعلان جي آئينه ۾ ڏسڻ کانپوءِ ڇا ٿو سمجهه ۾ اچي؟ ڳجهارت جي ڀڃڻي ڪهڙي ڳالهه تي ڇيهه ٿي ڪري؟ سا هر پڙهندڙ ٿوري غور ڪرڻ سان پروڙي سگهي ٿو. مفاد پرستن جا اهڙا اتحاد، سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ ڪيترو لاڀائتا ٿي سگهن ٿا سا ڳالهه پڌري پئي آهي! سيٺ نائون مل واڻئي وارو قلم نه هجي پر سراسر حق سچ ۽ غيرجانبدار قلم تاريخ لکندو ته، نئين نسل کي ضرور ٻڌائيندو ته، جي توهان مير جعفر ۽ مير صادق نه ڌٺا هئا ته هي انهن جو ٻيو جنم آهي جن جا هي روپ ۽ رويا، هي ڪردار ۽ ڪارناما آهن! سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائي سنڌ جي وحدت کي ڇيهو رسائڻ ۽ ان جي اندر هڪ نظام بجاءِ ٻه ٽي نظام جاري ڪري سنڌ کي مختلف ننڍڙين رياستن جو مجموعو يعني يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف سنڌ قرار ڏيڻ جهڙا ڪُڌا ڪرتوت، ڪو ڌاريو ڪري ها ته ان تي ميار به ڪهڙي ڪجي ها! پر اهو سڀ ڪجهه جڏهن سنڌي ٿو ڪري ته از خود اندر مان دانهن نڪريو وڃي!! ڇو ته، سنڌ ڄائو هر سنڌي جنهن جو اصل نسل هن ڌرتي جي خمير مان جڙيو آهي سو پنهنجي ڌرتي سان جيجل وارو پيار ڪري ٿو. ماءُ جي جهولي وانگر ڌرتي جي فرش کي امڙ جي جهولي سمجهي ان جي ننگ ۽ دنگ تي سر جي بازي لڳائڻ کان نٿو لنوائي، اهو سنڌي ڪيئن چوندو ته، سنڌ فروشي جو ڪردار ادا ڪندڙ پي پي، سنڌين جي پنهنجي پارٽي يا سنڌ جي عوام جي ترجمان پارٽي آهي بلڪه هو ته، چوندو ته، اها ته پاپين جي پاپي پارٽي آهي، جنهن جي اڳواڻن جا پاپ ست حج ڪرڻ کانپوءِ به شايد معاف نه ٿيندا. ڇو ته، انهن غدارن جي غلط فيصلن سبب سنڌي ماڻهن جا حق نه رڳو نيلام ٿين ٿا پر انهن جو جياپو ئي داءُ تي لڳل آهي. هن وقت سنڌين سان نه رڳو ٻه اکيائي، پر سڌا سنوان ظلم ڪيا پيا وڃن، نه هنن جي جان محفوظ آهي. نه مال، نه هنن جا حق محفوظ آهن نه مستقبل؟ جڏهن ته سنڌين جيڪي شهيد ڀٽي جي سنڌي هجڻ جي عشق ۾ جيئي ڀٽو واري نعري ۽ محترمه بينظير جي شهادت بعد ان جي پارٽي کي مظلوم سمجهي ووٽ ڏيئي جيڪا زبردست خراج تحسين پيش ڪئي هئي سا ته بي قدري جي ور چڙهي وئي؟ پي پي وارن سنڌي ماڻهن جي انهي همدردي جو بلڪل ناجائز فائدو ورتو!هونئن ته هر دور ۾ پر خاص ڪري سنڌين جي موجوده دؤر حڪومت ۾ به سنڌ سدائين سورن ۾ رهي، ڪڏهن ٻوڏن جا عذاب، ته ڪڏهن درياء جا بند ٽوڙي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙڻ، لکين ايڪڙ فصل باغات تباه ڪرڻ جهڙا ڪرتوت به ته پي پي وارن جي رهنمائن جي مهرباني ۽ برڪت سان ٿيا؟ پوري دنيا جيڪا امداد ڏني سا جيڪڏهن انصاف سان حقدارن ۾ ورهائجي ها ته، پنج سال انهن ٻوڏ جي ستايلن جو سهارو ٿئي ها، پر پي پي ميمبرن، عهديدارن اهي سڀ هڙپ ڪري، ٻه سير چانور، ڇٽانگ دال ۽ ٻه سير ڊالڊا ظاهر ڪري سو به اڪثر پنهنجن خوشامدي ماڻهن ۾ ورهائي ستايلن جي نالي پارٽي جي امداد وارا بينر هڻي، نمائش ڪئي وئي. ڇا اهو ستايلن سان مذاق نه هو؟ پر هاڻي ٿورو صبر ڪريو، ڪجهه انتظار ڪريو، خود انهن پي پي جي جيالن سان مذاق ٿيڻا آهن! رب وٽ دير آهي پر انڌير ڪونهي!! اڄ ڪي سڀان، اجهو ٿو انصاف وارو فيصلو ٿئي؟! ازمکافات عمل غافل مشو ۔گندم از گندم برويد جو ز جويعني ته عمل جي نتيجي کان ويسلو نه ٿي، ڪن ٽار نه ڪر، جهڙو عمل تهڙو نتيجو، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. چڱائي جو اجورو چڱو ۽ برائي جو برو. ڪڻڪ پوکيندين ته ڪڻڪ لڻندين، جَوَ پوکيندين ته جَوَ لڻندين. مال کائي کائي آخر ته ڀڀ ڀرجي ڦاٽندا، بارودي سرنگن وانگر ٺڪاءُ ڏيندا. اسان عام رعيت ته هونئين ڌڪن ٿاٻن جا هيراڪ آهيون. اسان ته ڏکن سورن جا عادي آهيون بقول شهيد، هالائي: اسان اونداهه جا عادي اسان سڀ رات جا راهي - اسان کي هاڻ يارو ڪنهن ضيا تي ڀروسو ناهي.سواسان ته پيا سور کائينداسون ۽ جيئنداسون پر جن ڪرسي جا مزا ورتا، پارٽي مان فائدا حاصل ڪيا، مال ميڙي موجون ڪيون تن کي کري کنئي خبر پوندي! آخري پنو انصاف رڳو انڌو ٻوڙو ۽ گونگو نه ٿيندو آهي”انصاف انڌو ٻوڙو ۽ گونگو ٿيندو آهي“. عدالتي فيصلن تي گهري نظر ۽ تجربو رکندڙ استاد وڪيل، جن کي هاڻي پنهنجون آفيسون ناهن رهيون، اهي بار روم يا عدالتن جي احاطن ۾ قائم ڪيفي ٽيريائن يا ڪينٽينن ۾ جونيئر وڪيلن کي انهن جي آرڊر تي گهرايل چانهه جي ڪوپ مان سرڪي ڀريندي اها پٽي پڙهائيندي ٻڌي ۽ ڏسي سگهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. اهو به ممڪن آهي ته انهن جملن مان هر هڪ جي تشريح ٻڌڻ لاء جونيئر وڪيلن کي چانهه جي نئين ڪوپ جو آرڊر ڏيڻو پئجي ويندو هجي ۽ پوء هي تشريح ٻڌڻ نصيب ٿيندي هجي ته: انصاف انڌو ٿيندو آهي. يعني انصاف ڪيس جي فائيل ۽ ٻنهي ڌرين يا انهن جي وڪيلن ڏانهن نهارڻ کان سواء ٻي ڪا به ڳالهه ڏسڻ کان انڌو هوندو آهي . انصاف ٻوڙو ٿيندو آهي . يعني ٻنهي ڌرين جي موقف ٻڌڻ کان سواء ان جا ڪن ٻي ڪا به ڳالهه يا سفارش وغيره ٻڌڻ کان ٻوڙا هوندا آهن. انصاف گونگو ٿيندو آهي يعني مختصر سوال جواب کان علاوه ڪجهه به نه ڳالهائيندو آهي. انصاف نه ڳالهائندو آهي انصاف جو قلم ڳالهائيندو آهي. اهي سڀ تشريحون ۽ اصول ٻين ملڪن ۾ ته تسليم جوڳا ٿي سگهن ٿا. پر مملڪت خداداد ۾ عدالتي فعاليت يعني جوڊيشل ايڪٽوازم کان پوء جيڪي نوان عدالتي نظريا ۽ نظير نروار ٿي رهيا آهن انهن لاء به ڪي اهڙا اصطلاح ، چوڻيون يا پهاڪا جڙي سگهن ٿا يا نه ؟ اهو مسئلو اڄ جي جونيئر توڙي سينيئر وڪيلن لاء هڪ وڏو اشو بڻيل آهي. جيڪو چانهه جي چند ڪوپن تي حل ٿيڻ وارو ڪونهي . مثال طور: جيڪڏهن انصاف انڌو نه هجي ۽ اهو قانوني ڪتابن جي مطالعي جي بجاء سوئو موٽو وٺڻ جي لاء سڄي رات ٽيليويزن تي سياسي ٽاڪ شو ٻنهي اکين سان چتائي ڏسي صبح تائين اکيون سڄائي چڪو هجي پوء ڪاروائي هلائيندي ٽيڏي اک سان ڪنهن نامراد خان ڏانهن نهاريندي نوان ڪمينٽس ڏيڻ شروع ڪري ته اهو انصاف انڌو چئبو، سڄو چئبو، يا ان کي ڪاڻو به چئي سگهجي ٿو؟ جيڪڏهن انصاف ڪنهن اعتراض احسن جون آزيون نيزيون ٻڌڻ کان ٻوڙو هجي ۽ چيمبر جي چپ چپات واري ماحول ۾ سوئٽزر لينڊ ۾ ٿيل سرگوشيون به سڻي وٺي ته ان انصاف کي ٻوڙو چئبو، سرلو چئبو يا هڪڙي ڪن کان ٻُٽو چئبو؟ جيڪڏهن انصاف، دوران ڪيس دل کولي ڪنهن کي داد ڏيندي ٻڌو وڃي. يا ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽيندي ڏٺو وڃي يا ڪنهن شهزادي گل مير جي گاڏي ۾ گندرف رکڻ جي افواهه ۽ امڪاني موت کان بچي وڃڻ جي ڊرامي ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس گلن جو گلدستو موڪليندي ملاحظه ڪيو وڃي ته اهو انصاف گونگو چئبو، ٻاتو چئبو، گلن وانگر خوشبودار چئبو يا گردن تائين گند ۾ ٻڏل چئبو ؟ اسان جي خيال ۾ جرنلسٽڪ اينڊ جوڊيشل، جيلسڪ اينڊ ايٿنڪ ايڪٽوازم بابت ڪا نئين جوڙجڪ نه ٿي سگهي ته پوء انصاف رڳو انڌو ٻوڙو گونگو نه پر ڪڏهن ڪڏهن ڪاڻو، ٻُٽو ، ٻاتو ، لولو، لنگڙو، ڇڙيل ۽ ڇتو به ٿي سگهي ٿو. پوء جي ڪالاباغ يا ٻن عهدن جهڙي ڪنهن ڪيس کي چڪ هڻي ويهي رهيو ته پوء ممڪن آهي ته اسان کي به نئين ديري ۾ ”مملڪت خداداد“ کي ”مملڪت جدا جدا آباد“ ٿيڻ کان بچائڻ لاء ” سانوں انصاف کھپے، کھپے، کھپے “ جا نعرا لڳائڻا يا ٻڌڻا پون! ابوڪاشف@ ايٽ د ريٽ آف آخري ڊاٽ ڪام