ڪشمش جا فائدا ....

'صحت سرير جي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    اي بندا تون ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندين؟
    قرآن

    ڪشمش بابت مفيد معلومات

    دوستو! ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ هندستاني دوست، ٻڌايو ته فشار الدم (هاءِ بلڊپريشر) کي گهٽائڻ جو هڪ ديسي نسخو مليو آهي، اوهان آزمائي ڏسو؛

    نسخو؛ ڪشمش جنهنکي انگريزيءَ ۾ Raisans چئجي ٿو.
    ڪشمش + گلاب جو پاڻي
    پهرين ڏينهن
    هڪ عدد ڪشمش + ٿورڙو گلاب جو پاڻي (ڪشمش ٻڏي وڃي) ننڍڙي پياليءَ ۾ رات جو سمهڻ وقت پسائي رکجي، صبح جو اٿي نيراني ڪشمش کائي ڇڏجي. (بچيل گلاب جو پاڻي نه پئجي)

    ٻي ڏينهن
    ٻه عدد ڪشمش جا داڻا ۽ ساڳيءَ طرح گلاب جو پاڻي

    ۽ اهڙيءَ طرح ايڪويهن 21 ڏينهن تائين اهو نسخو بنا روڪ جي جاري رکجي، ايڪويهين ڏينهن ايڪويهه ڪشمش جا داڻا ۽ گلاب جو پاڻ حسب ضرورت (جيئن ايڪويهه داڻا ٻڏي وڃن)
    ************
    نوٽ؛ مون اهو نسخو گذريل هفتي کان شروع ڪيو آهي، 21 ڏينهن کانپوءِ انجي اثر ۽ شفا بابت ٻڌائي سگهبو ...
    ************
    ڪشمش ۾ قدرتي طور ايترا ته فائدا آهن جو اسان سڀني کي ڪشمش استعمال ڪرڻ گهرجي.

    ٻارن يا وڏن کي ٽاڦين ۽ کٽمٽڙن يا چاڪليٽ جي جاءِ تي ڪشمش کائڻ جي ترغيب ڏجي.

    ڪشمش جا فائدا؛

    1. جسم کي ضروري سگهه مهيا ڪري ٿي. رانديڪرن يا جسماني پورهيو ڪندڙن لاءِ تمام اهم آهي، ڪشمش ۾ کنڊ ۽ گلوڪوز موجود هوندو آهي، جنهن سبب ڪشمش کائڻ سان وڃايل سگهه جلد ملي ويندي آهن، ڪشمش جسم جي مدافعتي نظام کي پڻ وڌائي ٿي.

    2. ڪشمش ۾ موجود ڌاتو حاضمي جي نظام کي وڌائن ٿا ۽ کاڌي حضم ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ٿا، نظام حضم ۾ پئدا ٿيندڙ غير ضروري هوائن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي

    3. ڪشمش وات جي حالت کي بهتر ڪري ٿي. ڏندن ۾ لڳندڙ بيمارين کان بچائي ٿي. مسوڙن ۾ پئدا ٿيندڙ ڪيڙن کي ختم ڪري ٿي.

    4. ڪشمش ۾ ڪئلشم جو خاصو مقدار هجي ٿو جنهن سبب جسم جو هڏائون پڃرو مضبوط ٿئي ٿو. جسم جي هڏن جي واڌ ويجهه ۾ ڪشمش تمام سٺو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

    5. ڪشمش ۾ موجود پوٽاشيم ۽ مئگنيشم انساني جسم ۾ پئدا ٿيندڙ زهريلن مادن ۽ هوائن کي ختم ڪري ٿو، انڪري جسم ۾ پئدا ٿيندڙ وائي بادي سور ختم ٿين ٿا. بڪيءَ ۾ پٿري پئدا ٿيڻ ناهي ڏيندي ۽ دل جي بيمارين ۾ پڻ مفيد آهي.

    6. ڪشمش ۾ موجود مادو polyphenolic phytonutrients جسم ۾ پئدا ٿيندڙ مختلف زهريلن اثرات کي ختم ڪري ٿو ۽ خطرناڪ جيوڙن کي ماري ٿو، جنهن سبب جسم ۾ بخار ي ڪيفيت گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

    7. ڪشمش ۾ مٿي ذڪر ڪيل مادو polyphenolic phytonutrients ، اکين جي ڏسڻ جي سگهه وڌائي ٿو ۽ اکين ۾ پئدا ٿيندڙ بيمارين کي ختم ڪري ٿو، جنهن سبب اکين جي روشنائي وڌي ٿي.

    8. ڪشمش ۾ لوه Iron ۽ ٽامي Copper جو سٺو مقدار هوندو آهي، جنهن سبب رت ۾ موجود ڳاڙها جزا وڌن ٿا ۽ جسم ۾ لوهه جي ڪمي به ختم ٿئي ٿي. انڪري جسم ۾ مختلف ڌڪن لڳڻ سبب جيڪي رت جا ڳوڙها پئدا ٿين ٿا سي به ختم ٿين ٿا.

    9. ڪشمش ڪئنسر ۽ ٽيومر ۾ پڻ فائديمند آهي يا وري ٽيومر پئدا ٿيڻ ناهي ڏيندي خاص ڪري colon cancer تي تمام وڌيڪ اثرائتي آهي

    10. ڪشمش جنسي سگهه وڌائي ٿي، ڪشمش ۾ موجود amino acid جنهن کي arginine چئجي ٿو، انسان جي جنسي سگهه وڌائڻ ۾ اهم حصو وٺي ٿو

    ************
    دوستو! ڏيو خبر آهي نه ڪم جي شئي .... علاج ۽ تدبيرون ڪرڻ انسان جي وس ۾ آهي ۽ شفا رب جي ذات جي هٿ ۾ ....
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مطلب ته سڀاڻي کان شروع ڪجي ڪشمش ۔۔۔۔۔

    اصل واهه واهه ۔۔۔۔ ڪشمش جا وڏا فائدا آهن ۔۔۔ نسخي جو نتيجو ضرور ٻڌائجو۔۔۔۔۔ اوهان جي بهترين شيئرنگ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو