غزل وفا گل محمد جمالي فرمائي ٿو............

مصور عالم

سينيئر رڪن

غزل ____ وفا گل محمد جمالي

هير هئي برسات هئي
ٿڌڙي ٿڌڙي رات هئي

ٽهڪ ڏئي، لاتو سيني
ويل اها من ڇا ته هئي

ائين لڳو تنهنجو چولو
ڄڻ ڪا نئين سوغات هئي

تنهنجي مک تي وار پرين
مون لئه ڄڻ فِڪرات هئي

ويل وڇوڙي واري ڄڻ
ساهن کي سڪرات هئي
 
Back
Top