• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊوآدم ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي سيمينار

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ٽنڊوآدم (نيوز باءِ عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم
مادري ٻولين جي ڏهاڙي جي مناسبت سان مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي پاران عوامي پريس ڪلب هال ٽنڊوآدم ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي سيمينار ڪوٺايو ويو جتي پي ايم ايل(ن) جي مرڪزي اڳواڻ انور مري . اڳوڻي تعلقه ناظم غلام مرتضه جوڻيجو اي ڊي او علي اڪبر برهماڻي گل حسن لاکو آچر خاصخيلي سميت شاعرن اديبن ڏاهن سياسي سماجي شخصيتن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي جتي دنيا مادري ٻولين جا ڏهاڙا ملهائي پئي اتي اسان به مادري ٻولي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۾ ڪو به عار محسوس نٿا ڪريون سنڌ هزارين سالن جي تهذيب ۽ مڪمل الفابيٽ رکندڙ ٻولي آهي.پر اسان کي افسوس آهي جو هندستان ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو حاصل آهي پر اسان جي اصل سنڌ ۾ ٻولي جو درجو اڃا نه پيو ڏنو وڃي جيڪا سنڌ ۽سنڌي ٻوليء سان ويساه گھاتي آهي هنن اهوبه چيو ته جتي اسان ڌارين کي قصوروار سمجھون ٿا اتي اسان جي ووٽن تي چونڊجي آيل اهي سنڌي ئي حڪمران ميمبر آهن جيڪي ڪي به ڪوششون نٿا وٺن هنن چيو ته هاڻ اسان وٽ ته ڪيترن ئي سنڌين لالچن ۾ اچي پنهنجن ٻارڙن کي سنڌي پڙهائڻ بجاء ڌارين اسڪولن ۾ ڌاري ٻولي پڙهائي سنڌ سان دشمني ڪئي پئي وڃي انهن جي رستا روڪ ڪرڻ به اسان تي فرض عائد ٿئي ٿي ته جيئن اسان پنهنجي ٻولي بچائي سگھون. ان موقعي تي ٽي قراردادون سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليء جودرجوڏيڻ.ٽنڊي آدم سميت سڄي سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي کي لازمي قرارڏنو وڃي ۽ ٻهراڙين جا بند اسڪول کولرائي سنڌي ماسترمقرر ڪيا وڃن جڏهن ته ٽي قرار داد سنڌ جي مذاح فنڪار استاد بيگو خان مشڪري جي بيماري جو اعلاج سرڪاري طور تي جلد کان جلد ڪرايو وڃي. آخر۾ سنڌ جي سلامتي لاء صوفياڻي انداز ۾ دعا گھرڻ بعد محفل موسيقي پڻ ٿي جتي فنڪارن قومي گيت ڳائي سنڌيت جو ثبوت ڏنو
 
سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۔۔۔

سنڌي هڪ قوم جي ٻولي آهي، سنڌي هڪ ملڪ جي ٻولي آهي، سنڌي جيڪا هڪ ثقافت ۽ تهذيب جي ٻولي آهي ۔۔۔ ان ٻولي جي ڳالهائيندڙن کي سلام هجي۔
 
Back
Top