مصور عالم
سينيئر رڪن
خدا کي وڃي ٿو بلندين تي ڳولي،
چريو آهي آدم پيو پاڻُ رولي.
وسي ٿو ٿو منجھس دل هو ساهن کان ويجھو،
اڃان ڀيد پنهنجو ڀلا ڪيئن کولي.
پچاري، پروڙي عمر ڀر جي آدم،
قصو عبديت جي پيو آهي اولي.
ڏکيو عشق پوءِ ڀي سمورن ڪمن کان،
ڀلي توڙي ويهاري سوني کٽولي،
ڪڏهن تورسينا تان موسيٰ سان ڳالهيون،
ڪڏهن“مرتضيٰ” جي زبان مان ٿو ٻولي.
مرتضيٰ شيخ