ها ها فقير سائين بسم الله ويهو ننگر ڪريو اسلم ۽ سائين بخش علي هوٽل تي ماني لاءِ ويٺا ها ته هڪ فقير اچي الله جي نالي تي ماني کارايو جي صدا هنئي ۔ دراصل اهو ٽائيم ماني جو نه هو پر اسلم صبح صادق، سائين علي بخش سان گڏجي نڪتو هو ۽ سڄو ڏينهن ڄڻ فاقه ڪشي ۾ گذارڻو پيو هيس۔ سائين علي بّخش اسلم لاءِ پير ،استاد ،رهبر، مُرشد کان به ڪو مٿانهون درجو رکندو هو ۔ اسلم اڪثر چوندو هو ته سائين سان جي ڪنهن به رشتي کي جوڙيان ته اهو رشتو ننڍو ۽ منهنجو روحاني تعلق ان کان مٿانهون آهي سائين سان منهنجي ڳانڍاپي اڳيان لفظن جو هر رشتو ننڍو آهي ۔ منهنجي سڄي زندگي سائين جي محبتن جي ڪرم نوازي جي بدولت آهي ۔ اسلم جيڪو دوستن ۾ سالڪ ۽ عارف جي نالي سان مشهور هو ۔جنهن جي زندگي واقعي سائين علي بخش جي صحبت ۾ وڃڻ کانپوءِ بدلجي چُڪي هئي ۔ هن جو ماضي هو هر ماڻهون هن جي ڪنهن ڳالھ تي اعتبار نه ڪندو هو ۔ نه دوستن ۾ نه مٽن ۾ نه مائٽڻ ۾ هن جي ڪا عزت هئي ۔ حال اسلم جو بلڪل ان جي ابتڙ هو رشتيدارن توڙي دوستن ۾ هن وقت اسلم بلڪل ان جي مختلف هو ۔انجي وجه به عين حضرت علي عه جي ان فرمان جي مطابق هئي ته جنهن عزتدار حق کي ڇڏيو سو ذليل ٿي ويو ۽ جنهن ذليل حق اختيار ڪيو اهو عذتدار ٿي ويو۔ ۽ سائين علي بخش جي صحبت کان پوءِ ئي اهڙي تبديلي اسلم جي زندگي ۾ آئي هئي۔ سائين علي بخش به اسلم سان انتهائي محبت ڪندو هو ۔ دنيا اسلم کي سائين جو علمي وارث سمجهندي هئي ۔ مون به حقيقت ۾ اسلم کان زندگي ۾ گهڻو ڪجھ سمجهيو هو ۽ سائين علي بخش سان ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ملاقات به اسلم جي ڪري ئي ٿيندي هئي ۔ هڪ ڏينهن اسلم ۽ آءُ هڪ جاءِ تان گذري رهيا ها سين رستي تي جانور مئل هو جنهن جو جسم ڳري بدبودار ٿي ويو هو ۔ مون کڻي پنهنجي هٿ سان نڪ بند ڪيو ۔ اسلم مونکي غور سان ڏٺو جڏهن اسان ٿورو اڳتي هليا سون ته اسلم مونکان پڇيو تو پنهنجو نڪ ڇو بند ڪيو ۔؟ مون چيو ايتري بدبو هئي نڪ بند نه ڪيان ها ته ٻيو ڇا ڪريان ها؟ اسلم وراڻيو ڏاڏل بدبودار ڪا ٻي شي آهي ميان غور ڪر جيڪا هن بدبو کان وڌيڪ بدبودر آهي؟ جڏهن کان پاڻ کي اها ڳالھ سمجھ ۾ آئي آهي تڏهن کان هي گندگي جي ڍيرن تي بدبو پيدا ڪندڙ شين جي بدبو ختم ٿي وئي آهي ۔ مون چيو اسلم جي هي بدبو ناهي ته پوءِ بدبو ڇا آهي ۔؟ ته اسلم واقعو ٻُڌايو ته اهو احسان به سائين علي بخش جن جو آهي جن اصل بدبو سنگهائي ۽ ڏيکاري۔ پوءِ اهو پيرائتو واقعو ڪري ٻُڌايائين ته سائين ۽ اسان هوٽل تي شام جو تقريبن 5 وڳين ماني کائڻ لاءِ ويٺا ها سين بيري اڃان ماني اسان جي سامهون اچي رکي اسان اڃان ماني ڏانهن هٿ وڌايو ئي نه هو ته هڪ فقير اچي صدا هنئي ته سخي مردا الله جي نالي تي ماني کارايو ۔ سائين هڪدم ائين اٿي بيٺو ڄڻ ڪو مريد مُرشد لاءِ اٿي بيهندو آهي ۔ سائين فقير کي چيو ها ها فقير سائين بسم الله ويهو ننگر ڪريو ۔ مون فقير ڏي ڏٺو فقير جو هليو ڏاڍو عجيب هو ڏسندي ئي ڪِرڀ وٺيو وڃي۔ ڏاڙهي وڌيل گگون وهي وهي ڏاڙهي تان گذرندي مٽي پوڻ سبب ڏاڙهي جا وار رسي جي شڪل اختيار ڪري چُڪا ها وارن ۾ ايترو ته چيڙھ هو جو مٽي جي ڪري سندس ڏاڙهي ائين نظر پئي آئي ڄڻ ڪنهن فقير جي منهن تي ڊِيزل ملي ڇڏيو هجي ۔هٿ ميرا چيڙھ ٿنڀيل ننهن واڏا جن ۾ مٽي پئجي ڪاري ٿي وئي هئي ڪپڙا ڦاٽل جن تي گگون ڪرنديون رهيو هجن ۽ سڄي جسم جا ڪپڙا ڦاٽل جن کي ٽوپي بجاءِ ڳنڍيون ڏنل هيون ۔ مون کي عجيب ڪِرڀ لڳي ڄڻ جيرو منهن ۾ اچي ويو توبه توبه شايد زندگي ۾ ايترو بدبودار شخص مون ايتري ويجهڙائي کان نه ڏٺو هو۔ سائين جي ويهارڻ تي هي سائين ۽ منهنجي وچ تي ٽين ڪُرسي تيويهيويو۔ سائين هڪ ڊڳڙي کنئي ان کي چئن حصن ۾ ورهايو هڪ هڪ حصو هر ڪنهن جي هٿ ۾ ۽ هڪ حصو سامهون رکياؤن۔ فقير پهريون ئي جو گرنهن هنيو ته هي پنهنجو منهن ڀاڄي جي پليٽ مٿان کڻي آيو ڪجھ رسُ هن جي گرنهن کان ٿيندو ٺوٺين کان گذرندو رس جا ڪُجھ ڦڙا پليٽ ۾ ڪريا ته ڪٍجھ ڦڙا وڃي ميز تي لڳا۔ عجيب منظر هو منهنجي لاءِ مان جنهن عذاب مان گذري ريهو هيس ان کي الفاظن زريعي بيان نه ٿو ڪري سگهان۔ بحرحال ادب کي ملحوظِ خاطر رکندي اتان اٿي به نه پيو سگهان ماني کائڻ ڇڏي به نه پيو سگهان ۔منهنجي بک ته فقير کي ڏسندي ئي شاييد مري وئي هئي ۔ هاڻي جيڪو ويٺو هيس اهو جنهن کي زمانوادب جي خاطر چوندو آهي ۔ادب به عجيب قسم جو دل پئي ڪُڙهي دل ۾ نفرت ظاهر ۾ ادب هي ادب لاءِ دنيا جوانوکو انداز آهي بحرحال هي منهنجو موضوع ناهي۔ مون ان ادب جي خاطر پنهنجي ماني جي حصي مان هڪ ننڍڙو گرنهن ڀڳو جڏهن ته جي گرنهن ايترو ننڍڙو هوندو آهي ته ماني جي چوٿائي مان جي سو گرنهن به ڪجن ته شايد ماني جي يوٿين حصي مان به ماني بچي پوندي۔ هڪڙو گرنهن هنيم سو به ڪهڙي حالت ۾ ته ماني کي ڄڻ مون ڀاڄي سنگهائي هجي سا به صرف پنهنجي حصي ڏانهن جڏهن ته فقير ۽ سائين ٻي ڊڳڙي به مڪمل ڪرڻ وارا ها ۔ ٻيو گرنهن به مون ائين ئي ڀڳو ته سائين مون تي اهو وار ڪيو جو مان قي ڪرڻ وارو هيس شايد فقير کي مون تي رحم آيو يا فقير ۽ سائين هڪٻئي جا رازدان هيا جن منهنجي اصلاح ڪرڻ ٿي چاهي فقير اٿيو ۽ هليو ويو پر فقير جي اکين ۾ عجيب تبسم هو جنهن کي مون بعد ۾ سمجهيو هو ته فقير چيو هل پُٽ آر يا پار اسان ٻنهي تو کي ڊوز اهڙو هنيو آهي جو بس مردو زنده ٿي ويندو يا جهنم واصل ٿي ويندو۔ سائين اهو ڪم ڪيو جو سائين جڏهن مونکي ڏٺو ته آءُ ماني جو گرنهن پنهنجي پاسي ڏانهن ٻوڙيان ٿو ته سائين ماني جي گرنهن سان سڄي ڀاڄي مڪس ڪري ڇڏي منهنجي حالت غير ٿي وئي شايد فقير به منهنجي حالت کي جانچي ويو هو ۽ سائين به مون تي مسلسل نگاه رکيو پيو اچي ۔ بس ماني ڇا کائنڻي هئي سائين چيو بابا هلون مان به اٿي پيس۔ دلي حقيقت اها آهي ته پنهنجي ان ڪيفيت تي آءُ به شرمسار هيس جو منهنجي اندر ضمير جو اهو آواز بلند و بانگ هو ته جنهن شخص سان تون محبت جو داعي آهين ان جنهن کي عزت ڏني تو ان کان ڪِرڀ ڪئي آهي تنهنجي محبت خالص ناهي محبت عطاعت جي داعي هوندي آهي جنهن سان محبت هوندي آهي ان جي تابيداري شرط آهي تنهنجو ظاهر ته تابيدار آهي پر تنهنجو باطن ڪنهن ٻئي طرف جهڪي ٿو ۔ بس سائين سان اڳتي هليا سون مون پاڻ تي ضمير جي ملامت سمجهي ته منهنجو ضمير چاهي ٿو آءُ سائين کان ان گُستاخي تي معزرت ڪريان منهنجي معزرت کان پهريان ئي سائين مون کان سوال ڪيو ته اسلم جڏهن انسان ۾ انسانيت بلند ٿيندي آهي ته ان جا احساسات به بلند ٿيندا آهن۔ مثال جڏهن انسان ۾ عقل ڪامل ٿيندي آهي ته ان جي نگاه ۾ جنهن جي عقل ڪامل ناهي هوندي ان جي نگاه ۾ وڏو فرق هوندو آهي ۔ جڏهن عقل وارن جي گفتگو ٿيندي آهي ته انهن جي سمجھ جو انداز عليحده هوندو آهي ۔ جڏهن عارف قرآن تي غور ڪندو آهي ته ان جي مفهوم ۾ ۽ غيرِ عارف جي نگاه ۾ َرآن جو مفهوم به عليحده هوندو آهي۽ عارف جي نگاه ۾ ۽ غيرِ عارف جي نگاه ۾ زمين و آسمان جو فرق هندو آهي۔ اسلم برائي سڀ کان وڏي بدبودار آهي جنهن جي بدبو پري پري تائين محسوسو ڪئي ويندي آهي جنهن جي عمر به طويل هوندي آهي ۔ بدبودار جسم ته گذري ويندو آهي پر ان جي بدبو سماج ۾ باقي رهدني آهي ۔ جڏهن انسان تي هوس غالب هوندي آهي ته ان وقت ان هوس جي نگاه اڳيان ظاهر جي بدبو ختم ٿي ويندي آهي انسان تي جڏهن شهوت طاري هوندي آهي تڏهن هن وجود ۾ موجود بدبو هيچ نظر ايندي آهي پر جڏهن ان جي باطن جي نظر بيدار هوندي آهي ته ان جي نگاه بُرائي يعني گناه کان وڌيڪ ڪنهن ٻي شي کي بدبودار ناهي ڏسندي ۔جيئن انسان جا ظاهري حواسِ خمصه هوندا آهن ائين ئي انسان جي اندر به حواص خمصه هوندا آهن پر اهي صرف عارف جا حواس ئي ڪم ڪندا آهن سو اصل بدبو گناه آهي اوهان گناهن جي بدبو تي نظر رکو ته انساني وجودن مان ايندڙ بدبو ختم ٿي ويندي۔ وسلام
ڏاهپ ڀريي ڏس سان ٽمٽار ليک ۔۔۔ ڪاش انسان سمجهي ۽ پنهنجا انا ۽ وڏائيء کي ختم ڪري ۔۔۔۔ پر انسان ته تڪبر ۽ غرور سبب پاڻ کي الائي ڇا سمجهي ويٺو آهي۔۔۔۔ ڏاڏل سائين مهربانيون ۔۔۔۔ جو اوهان اهڙو ڏاهپ ڀريو ليک موڪليو۔
نصيحت ڀري تحرير۔۔۔۔ بيشڪ گناه انسان کي جانور جي درجي تي پهچائن ٿا ۽ نيڪ عمل انسان کي فرشتن سان ملائن ٿا۔۔۔ الله پاڪ اسان سڀن کي گناهن جي غلاظت کا محفوّظ رکي۔۔۔۽ نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي۔۔۔آمين۔