• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هن تنبوري جي تارن تي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
هن تنبوري جي تارن تي
شيخ اياز
2164 اٽيچمينٽ ڏسو2164 اٽيچمينٽ ڏسو2164 اٽيچمينٽ ڏسو2164 اٽيچمينٽ ڏسو

هن تنبوري جي تارن مان
تون چندرما جي ناوَ جهلي
ٿي نڪرين دور ستارن مان
۽ منهنجي سيرانديءَ ڀرسان
هٿ ڦيري منهنجي وارن ۾
تون ڪوئي گيت ٻڌائين ٿي
هن تنبوري جي تارن تي
جو گيت " اُمارو" ڳوليو هو
جو " ڪاليداس " نه پاتو هو
ڪلھ رات" روي ءَ"سمپان جهلي
جو گيت اڌورو ڳاتو هو
اڄ مان سنڌوءَ جي ڪنٺي تي
هر مانجهي جو مونجهارو هان
هر ڪوئي پڇي ٿو "آڻين ٿو
هي لهرون لهرون گيت ڪٿان ؟ "
۽ ياد اچن ٿيون آڱريون
هو تنهنجون منهنجي وارن ۾
 
خوبصورت چونڊ ۔۔۔ مونکي ڊاڪٽر خادم منگي جي نظم جون هي سٽون به تنبوري جي مناسبت سان سهڻيون لڳيون:

تنبوري جي تار نہ ڇنجانءِ،
رابيلن جو ھار نہ ڇنجانءِ.
اجرا اجرا گجرا پويون،
پاڻ تہ من جا ميرا ناھيون.
پاڻ امن جا ڳيرا آھيون.
ڀڙڪو ايئن نہ کاءُ،
موھن منھنجا ڀاءُ،
سنڌ نہ ڇڏجانءِ تون.
 
Back
Top