مڪلي ڪو مقدر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    مڪلي جو مقدر
    هي مڪلي آسٿان جو شاهڪار آهي، جيڪو هاڻ اسان سنڌين جي مقدر جيان ٽٽل، ڀريل ۽ اڊڙيل حالت ۾ نظر اچي رهيو آهي۔هن جي اهڙي حالت ڏسي سنڌي لوڪ مان ڪير به ٻڙڪ ٻاهر نه ٿو ڪڍي پر انهن کي ڏندين آڱريون اچڻ سان گڏ مٿي تي هٿ اچي وڃي ٿو، جيڪي ڪشالا ڪٽي ڏيساور کان هي ڏيهه ۽ ان جا تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ اچن ٿا۔ پرڏيهي سياحن کي سودا ان ڪري ورايو آهي جو اهي اهو سوچن ٿا ته سنڌي ڪيڏي نه ڪٺور قوم آهي جو پنهنجي تاريخي ورثي کي سنڀالي نه ٿي سگهي۔

    سچ ته:
    مڪلي جي ماٺ نه مان ٽوڙي سگهان ٿو ۽ نه وري منهنجي محبوبا، جنهن سان چيٽ جي ڏهاڙن ۾ مڪلي تي ملڻ ٿيندو هو، جنهن جي ويڪري اکين ۾ مون کي سنڌ نظر ايندي هئي۔
    2167 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مڪلي جا مقبرا ۽ تاريخي جايون تيزي سان تباهه ٿي رهيون آهن ۔۔۔۔ ۽ مونکي نه ٿو لڳي ته هن تاريخي ورثي کا بچائڻ لاء ڪا سنجيدهه ڪوشش ٿي هجي۔
     
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    هي قوم به هاڻي جي حڪمرانن کي موئن جي دڙي جيان يا مڪلي جي کنڊرن جيان نظر ٿي اچي،تڏهن ئي جيڪو هو چاهين ٿا سو ڪن ٿا ۽ ڪنهن جي ڪَنَ تي جونء به ڪان ٿي رينگي،الله پاڪ پناه ۾ رکي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    پنهجن تاريخي آثارن کي بچائڻ لا صرف الله پاڪ کان دعا ئي گهري سگهون ٿا۔۔۔:(
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,725
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مڪليءَ جا تاريخي ماڳ


    ڄام نظام الدين جو مقبرو مڪليءَ جي ”ساموئي“ واري ڪنڊ تي آهي جيڪو سنڌ تي ارغونن جي حملي ڪري مڪمل ٿي نه سگهيو. ليڪن هن مقبري جي ديوارن تي جيڪو پٿر تي اڪر جو عاليشان ڪم ٿيل آهي، اهو پنهنجو مثال پاڻ آهي هن مقبري جون چورس ديوارون ٺهيل آهن جيڪي پٿر جون ٺهيل آهن ۽ تمام اونچيون ۽ ويڪريون آهن اولهه واري ديوار ۾ هڪ محراب ٺهيل آهي ۽ ان جي ئي پاسي کان هڪ ننڍو دروازو آهي، جنهن مان مقبري ۾ اندر وڃي سگهجي ٿو ۽ ڏکڻ واري ديوار مان اندران هڪ ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنهن تان مٿي وڃي سگهجي ٿو. ليڪن هاڻي هن ڏاڪڻ کي حفاظتي طور بند ڪيو ويو آهي. هنن ديوارن جي اڏاوت ٻڌائي ٿي ته هنن مٿان هڪ وڏو ڳنبذ ٺهي ها جيڪو ارغونن جي حملي ۽ سنڌ فتح ڪرڻ ڪري نه ٺهي سگهيو. مقبري جي اندر چار قبرون آهن جيڪي هڪ ئي قطار ۾ آهن ۽ هڪ جهڙيون آهن ۽ هنن قبرن تي ڪوبه ڪتبو لکيل نه آهي جنهن ڪري خبر نه ٿي پئي ته ڄام نظام الدين جي قبر ڪهڙي آهي ۽ ٻيون ٽي قبرون ڪنهن جون آهن مقبري جي سڀن ديوارن تي نقش نگاريءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي اندران توڙي ٻاهران پٿر تي خوبصورت اڪر جو ڪم ٿيل آهي ۽ خاص طور تي اولهه واري ديوار جو محراب اندران به تمام خوبصورت ٺهيل آهي ليڪن ٻاهران ته هي محراب هنر منديءَ جو هڪ دلڪش ۽ نادر نمونو آهي جنهن جو ڪوبه مثال نه آهي. هن محراب تي خاص سنڌي نقش نگاريءَ سان گڏوگڏ راجستاني هنرمنديءَ جو به وڏو ڪم ٿيل آهي جنهن ڪري محراب ڄڻ سنڌي، اسلامي، راجستاني ۽ هندي طرز تعمير جو هڪ گڏيل شهڪار آهي. هن تي اهڙو ته سنهون ۽ سهڻو اُڪر جو ڪم ٿيل آهي جيڪو انهن هنرمندن جي پنهنجي بادشاهه سان محبت جو اظهار لڳي ٿو. هي مقبرو سنڌ جي هڪ عظيم سلطان جي آخري آرام گاهه ته آهي ليڪن سنڌ جي هنر مندن جو تخليق ٿيل هڪ عظيم شهڪار پڻ آهي.
    دولهه دريا خان جي مزار:
    مڪليءَ جي شروعاتي حصي ۾ ڄام نظام دلين جي مقبري جي سامهون اولهه پاسي دولهه دريا خان جي مزار آهي دولهه دريا خان ڄام نظام الدين جو وزيراعظم سپهه سالار رهيو. هن جو اصل نالو قبوليو هو. ليڪن بهادري، جرئيت مندي، عقل مندي ۽ ڏاهپ سبب سندس ڪيل ڪارنامن سبب مختلف وقتن تي کيس ڄام صاحب پاران مختلف لقبن سان نوازيو ويو، جنهن ڪري هي دولهه دريا خان، مطبارڪ خان ۽ خان اعطم سڏجڻ لڳو. سنڌ جي هن سپورت جي بهادريءَ جا ڪئي ڪارناما آهن هن پنهنجي سپهه سالاريءَ دوران ڪنهن به ڌارئي کي سنڌ جي ڪنهن به حصي تي پير ڄمائڻ نه ڏنو ۽ سنڌ جي سرحدن جي بهادريءَ سان حفاظت ڪيائين ۽ ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز جي غلط روش کان بيزار ٿي ٺٽو شهر ڇڏي وڃي پنهنجي جاگير تي رهڻ لڳو هو. ليڪن جڏهن ارغونن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هن سنڌ جي عاشق کان رهيو نه ٿيو ٺٽي پهچي پنهنجي پٽن، دوستن ۽ پنهنجي سپاهه سميت اچي ارغونن سان مهاڏو اٽڪايائين ۽ سنڌ وطن جي عزت ۽ ناموس لاءِ آخري دم تائين وڙهندو رهيو ۽ بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو ليڪن پنهنجي حياتي ۾ ارغونن کي ٺٽي شهر ۾ پير پائڻ نه ڏنائين. پٽن ۽ ٻين ڪئي ساٿين سميت سنڌ تان سر گهوري سرخرو ٿيو. دولهه دريا خان جي مزار هڪ وڏو قلعي نما چوديواريءَ اندر آهي هيءَ چوديواري به پٿر جي ٺهيل آهي ۽ سڄي چوديواريءَ تي اندران توڙي ٻاهران اڪر ۽ چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي چوديواريءَ جي اولهه ۾ محراب ٺهيل آهي اوڀر ۽ ڏکڻ کان به وڏا محرابي دوروازا ٺهيل آهن. هن چوديواريءَ اندر لاتعداد قبرون آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ساڻس گڏ شهيد ٿيل سندس پٽن، مائٽن ۽ ٻين ساٿين جون آهن.
    دولهه دريا خان جي مزار پٿر جي ٺهيل آهي جنهن کي سيرانديءَ کان تاج به ٺهيل آهي هن سٺي مزار تي اُڪر جو تمام خوبصورت ڪم ٿيل آهي. ڪوبه مقبرو يا ڇپرو نه هجڻ جي باوجود کلي آسمان جي هيٺان هيءَ مزار اونچي ڳاٽ سان سڀن کان نمايان ۽ شاندار محسوس ٿئي ٿي.
    دولهه دريا خان قومي هيرو آهي سائين جي ايم سيد کيس سنڌ جو سرومون لکيو آهي اسان سڀن تي فرض ٿئي ٿو ته سنڌ جي سورمن جي يادگار ۽ مزارن تي وڃي کين مڃتا ڏيون ۽ پاڻ به سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ۽ وفاداريءَ جو وچن ورجايون.
    شيخ حماد جماليءَ جي جامع مسجد:
    مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي مهاڙيءَ تي جتان هيءَ ٽڪري شروع ٿئي ٿي اُتي هيءَ مسجد ٺهيل آهي هن مسجد جي اڏاوت پڪين سرن واري آهي ۽ مسجد جي ڇت ڪري پئي آهي باقي پڪين سرن سان ديوارون موجود آهن. هن مسجد جي اڏاوت مشهور سمي حاڪم ڄام تماچيءَ ڪرائي. هن مسجد لاءِ چيو وڃي ٿو ته جڏهن ڄام بابينو (ٻيو) سنڌ جو حاڪم ٿيو ته هن ڄام تماچيءَ ۽ سندس پٽ ڄام صلاح الدين کي قيد ڪرائي دهليءَ موڪلي ڇڏيو هو ۽ پوءِ جڏهن اهي ٻئي شيخ حماد جماليءَ جي دُعا سان واپس ساموئي (سماننگر) پهتا ۽ پوءِ جيئن ئي ڄام تماچيءَ کي حڪومت ملي ته هن پهريون ئي ڪم هيءَ مسسجد جوڙائڻ وارو ڪيو.
    شيخ حماد جمالي اسلامي علم جو عالم ۽ استاد هو هيءَ مسجد ان جي حوالي هئي ۽ هن صاحب پنهنجي علم جي روشنيءَ کي ٻين تائين پهچايو. شيخ جماد سمن کي چيو ته هاڻي پنهنجا مقبرا به مسجد جي آس پاس ٺهرايو سمن سندس حڪم موجب ايئن ئي ڪيو.
    ڄام تماچيءَ جو مقبرو:
    ڄام تماچي ۽ نوريءَ جو قصو مشهور آهي جنهن کي شاهه عبداللطيف به ڳايو آهي. نوري هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي جيڪا ڪينجهر ڍنڍ تي آباد مهاڻن جي جي گهر ۾ پيدا ٿي هئي. نوري ۽ سندس مائٽ ڪينجهر ڍنڍ مان مڇي ماري پنهنجو گذران ڪندا هئا، هڪ ڏينهن ڄام تماچيءَ کي ڪينجهر جو سير ڪندي نوري نظر اچي وئي ۽ ڄام صاحب نوريءَ جي سونهن ۽ سوڀيا تي دل هاري ويٺو ۽ نوريءَ جي مائٽن کان شاديءَ لاءِ سنڱ گهريائين، هنن غريب مهاڻن خوشيءَ سان نوريءَ جي شادي ڄام تماچيءَ سان ڪرائي، ڄام تماچيءَ ان خوشيءَ ۾ مهاڻن تان ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيو ۽ ٻيون به رعايتون ۽ عنايتون ڪيون.
    ڄام تماچيءَ جو مقبرو به مڪليءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي جامع مسجد جي اوڀر ۾ موجود آهي. هي مقبرو مڪمل پٿر جو ٺهيل آهي. ڄام تماچيءَ جي مزار جي چوڌاري پٿر جا خوبصورت ٿنڀا ٺهيل آهن ۽ انهن ٿنڀن جي آڌار تي گول ڇٽي ٺهيل آهي جيڪا به مڪمل پٿرن جي جڙيل آهي هن ڇٽيءَ تي اندران نقش نگاريءَ جو ڪم ٿيل آهي ۽ ٿنڀن تي به خوبصورت نقش اُڪريل آهن. هاڻي هي مقبرو هڪ پاسي جهڪيل نظر اچي ٿو. هن مقبري جي ڀرسان ئي ڄام نظام الدين جو وڏو مقبرو آهي.
    ......عنايت الله کٽياڻ

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو