• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو نقشو ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي

يار سنڌ جي نقشي مان ته لسٻيلو به نڪري ويو ۔۔۔۔۔ جيڪو صدين تائين سنڌ هئي۔۔۔۔ شايد 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ کان ڌار ڪري بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو۔
 
يار سنڌ جي نقشي مان ته لسٻيلو به نڪري ويو ۔۔۔۔۔ جيڪو صدين تائين سنڌ هئي۔۔۔۔ شايد 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ کان ڌار ڪري بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو۔
ادا هاڻي اهڙو وقت آيو آهي جو شايد سنڌ جي نقشي ۾ سنڌي به ڪي نظر اچن،جهڙي طريقي سان اسان کي ڇڙ وڇڙ ڪيو پيو وڃي،خبر ناهي ته ايندڙ نسل کي پنهجي سڃاڻپ ڪهڙي نالي سان ڪرائڻي پوندي؟؟؟!!!!!!هر پاسي مير جعفر بنجي ويا آهن،پنهجي ڪرسي جي لالچ ۾ سڀ ڪجهه داء تي لڳايو ويٺا آهن پوء به ڏسو ته اهي بکيا آهن،
 
وري اهي پناهگير ڌار صوبي جي ڳالهه پيا ڪن، باقي سنڌ بچندي ڪهڙي ؟؟؟؟

الله ائين نه ٿئي جو پڙهجي ڪتابن ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
يار سنڌ جي نقشي مان ته لسٻيلو به نڪري ويو ۔۔۔۔۔ جيڪو صدين تائين سنڌ هئي۔۔۔۔ شايد 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ کان ڌار ڪري بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو۔
ڪاش ان وقت جي سنڌ جو ڪو دوست نقشو هٿ ڪري هن موضوع ۾ اسان سان ونڊي ته لک ٿورا ٿيندا، خاص طور ستر جو ڏهاڪو ڪافي پري نه آهي جو ان وقت جو نقشو هٿ نه اچي سگهي۔
 
ادا ستر جي ڏهاڪي کي ڇڏيو ماضي قريب کي ياد ڪريو فرنگين وارو دور جڏهن پاڪستان جو وجود ئي ڪونه هيو ! اسانجي سنڌ ملتان تائين هئي وري ٻئي پاسي انڊيا جي ڪافي شهرن سان لاپاپيل هئي ، ٽئين پاسي وري ايران جي لڳ ڀڳ سنڌ جون سرحدون هيون صرف لس ٻيلو ئي اسانکان ڪونهي کسيو ويو ، اسانجو سهڻو صوبو ته هوند پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صوبو هئڻ گهرجي ، اسانجي مٺڙي زبان ملڪ جي قومي زبان هئڻ گهرجي مگر ۔ اس گهر کو آگ لگ گئي گهر ڪي هي چراگ سي! ڇا ڪجي ، ڪهڙا سور سلجن
 
Back
Top