هن سنڌ کي مان ڇا چوان،الله جو شان چوان يا خدا جي دل چوان، هي ڌرتي پنهجي ڏاهن سان ،صوفين ۽ درويشن سان، سرشار هئي مهراڻ جي موجن سان، چئن موسمن جي نظارن سان هت ڪيولي کي پئي ڪڻ ملي هتي هاٿيء کي پئي مَڻ ملي، هت چرند پرند سڀ سوڀارو، چاهي سيارو يا هجي اونهارو سرء ۾ به ساوڪ هرجاء،بهار جي برکا ڇا ڇئجي هر پيٽ بکايل جيوت لاء،پناه جو گهر هئي منهجي سنڌ نه ڄاڻ ڪٿان ڪي لوڀيآيا پهريائون هنيائون پاڻي تي ڌاڙو، پوء ڌرتيء ڌڻين کي ڪيئون ويڳاڻو ڪنهن خوب چيو ته سنڌ کان پوء ڪجه ناهي بچڻو قيامت آ جا باقي ايندي،اگر دنيا ۾ سنڌ نه رهندي