سنڌ سلامت جا دوستو! اسانجو هڪ يار هوندو هو ” رنجيت “ عرف پپو عرف رام رکيو، ڪيترن ڏينهن کان غائب آهي ... ڪلاس ۾ حاضر نه هجڻ ڪري ... رجسٽر جو پنو ڳاڙهو ٿي ويو آهي ... آخري دفعو کيس ممبئي کان ريل جي زناني خاني ۾ چڙهندي کيس ڏٺو ويو هو ... پر پوءِ هيٺ لٿو يا نه ڪا خبر ناهي جي ڪا مائي سڳوري کيس پنهنجي پرس ۾ وجهي کڻي وئي ته کوجي ڳولهي لهنس باقي اسانجو ڪو وس ناهي جو مائي ذات سان پڄي الله ... دوستو! مهرباني ڪري ڳولهيو، يا وري دوست علي علي کي گذارش آهي ته اها پنهنجي ٺوٺ جيڏي مرلي (بقول سائين نثار ناز جي) وڄائي ته من ڪو نانگ ٻر مان نڪري ... اشتهار ڏيندڙ نثار ابڙو sindhsalamatsaathsal
HaqMojood hall chari هل رنجيت تهنجا ڀاڳ اسان ته فقط مس ٿي ڪيو اوهان کي ڇر سائين نثار ته اوهان جي فراق ۾ ٿريڊ به ٺاهي ورتو يار رنجيت تون اسان سان منڍ کان ساڻ آهين سو تو بنا اوطاق يار اڌوري پئي لڳي اصل ٽڪي جو سواد ئي نو پيو اچي سائين نثار مان (ٺوٺ) جيڏي مرلي وڄائڻ لاء تيار آهيان پر اوهان جيڪي پار پتا پرس وارا ڏنا آهين ان تائين مهنجي مرلي جو آواز ته چا پر ڪنهن توپ جو آواز به آثر نه ڪندو باقي مان ڍارو وجهان ٿو پتو ڪيان ٿو ته ان جي آزادي جو امڪان آهي يا نه
سائين رحيم بخش پهريان همراه جي خبر ته پوي باقي مون وٽ اهڙو تعويز آهي جنهن کي ديوار ۾ ڪوڪا هڻي ان ۾ رنجيت جو نالو لکي جي دعوت جلجلوتيه پڙهي مانس ته سنڌ سلامت جي اوطاق جي اڱڻ ۾ اچي فهڪو ڪندو hall chariپر شرط اهو آهي ته پرس جي قيد مان آزاد هجي اتي اسان جو سڳو فيڻو آثر نه ڪندو
وڃ ڀيسان۔۔۔۔ هاڻي ڳالهه ٿي سمجهه ۾ اچي ته مان آخر هر هر ڌڪا ڇو ٿو کاوان۔ هڏڪي مٿان هڏڪي جا ٽڙڪاٽ لڳا پيا آهن۔ اها هڏڪي جيڪا پاڻي پيئڻ ته پري جي ڳالهه بوتل پيئڻ سان به ڪونه ٿي لهي۔ ادي علي علي جي ڍاري واقعي اثر ڏيکاريو آهي۔ سائين جيڪو مزو ان پرس ۾ هيو اهو مزو ته ٻڌائڻ کان ٻاهر آهي۔ سندس پرس ۾ رکيل رومال۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻيو يا وري لڳي ٿو سائين منهنجو نالي وٺي ڪنهن نه ڪنهن ٽواٽي تي تيل ۾ منهنجو ڦوٽو ڏيکاري هاريو آهي۔ جنهن ڪري منهنجي اها حالت ٿي آهي۔ جو مان اڄ صبح لاڪون بار بار اوطاق تي اچڻ جي پيو سوچيان۔ يا وري لڳي ٿو ادي علي علي ڪو سڳو ڦيريو آهي يا وري تعويز ۾ منهنجو نالو لکي ڪوڪو لڳايو اٿائون۔ يا وري حقي جي سڪ اچي ستايو آهي جو مان اڄ بنا ڪنهن خواب خيال جي ڀٽڪندو اڄ اوطاق تي پهتو آهيان۔ ڪا ته ڳالهه آهي ادي علي علي جي ڍاري ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ علي علي جي مرلي به ٻڌڻ ۾ ايندي هئي پر الائي ڇو نڪرڻ تي دل ئي ڪونه چوندي هئي۔ باقي ادا منيرٰ! استاد سائين جي سڏ ۾ ته مان هميشه سڏ ملائيندو آهيان سو اڄ ڪيئن سڏ ڪونه ڏيندس۔۔۔ ادي نثار ابڙو سائين ته اصلي مونکي منهنجي اوقات ۽ اوطاق ياد ڏياري ڇڏي۔ سائين مان معافي ٿو گهران ته مان ڪڏهن به اوطاق جي احاطي کان ٻاهر ڪونه ويندس مهرباني ڪري مونکي معاف ڪيو وڃي ۽ هڪ سٺو اوطاقي ٿيڻ جي لاٌ هڪ چانس ڏنو وڃي۔۔۔۔ مهرباني قربن مان اوهانجو پنهنجو رنجيت رامرکيا ڱڱڱڍءِ
يار علي علي هاڻ مڃيوسون، ٻيلي تو وارو ڍارو اصل نانگ جو ڏنگ، همراه کي اصل رستو ئي نه مليو، اچي ٺڪاءُ ڪيائين ... هل ڙي تنهنجا ڍارا ... ابوءِ ... هاڻ ته خطرو ٿي پيو آهي ته ڪٿي اهو علي علي ڪنهن يار کان رسي ڪو اهڙو نه ڦيڙون پڙهي جو همراه جا وڃي ٿين ست خئير ... الله امان ... الله امان اهي اٿئي فقير .... مٺڙا علي علي اها رومال واري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڀائڙو رنجيت پرس ۾ رومال ئي سگهندو رهيو يا وري ڪي .....؟؟؟؟
متان نه مڃو ،،،اهي آهن فقيرن وارا ڦيڻا هيڏانهن ڦيڻو پڙهيو ويو هوڏانهن اثر شروع ٿي ويو ۽ همراه به اڏرندو اچي پهتو...:d
پيارو رنجيت اچي پهتو من جو ميت اچي پهتو، ڇڏي رُساما روح جو راڻو نڀائي پريت اچي پهتو سدا خوش هُجين ادا رنجيت شال جُڙيوهُجين
هل ڙي رنجيت تنهنجا ڀاڳ ...!!! ادي ناز گلن سان گڏ اهڙو سهڻو من مهڻو شعر چئي اصل اسانکي ته ڏندي آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن .... ايترو قرب ... ايترو پيار ... ايتري اڪير ... ڪجه ڪجه دل ۾ ساڙ ٿيڻ لڳو آهي ... هل ڙي رنجيت تنهنجا ڀاڳ ...!!! پيارو رنجيت اچي پهتو من جو ميت اچي پهتو، ڇڏي رُساما روح جو راڻو نڀائي پريت اچي پهتو suhnan saan
مهرباني استاد سائين! هڪ فقير جو ڍارو ٻيو توهان جي قرب مونکي ڏاڍا لڳا آهن. جو اچي هتي نڪتس. مٿان وري سڀني دوستن سان سڏ!.. هاڻي توهان ئي سوچي سگهو ٿا جو مون سان ڪهڙي حالت ٿي هوندي.
سائين چوندا آهن ته ”بخت ڏي ڀيرو ته دال مان به سيرو“ سو سائين اسان سان به ساڳئي حالت آهي. سائين نثاز نازجي روپ ۾ خبر نه آهي ته منهنجن ڪهڙن ثوابن جو اجورو مليو آهي. وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو...
ادا رنجيت اوهان سان دوستن جي چاهت جو اندازو ته اوهان کي ٿي ويو هوندو سائين نثار ته اوهان لاء دل ۾ ڪشادي جاء ٺاهيو ويٺو آهي پوء به اوهان ايترو پري پري رهو اهو مناسب نه آهي فارسي شعر آهي ته جـــــــدائي ز احـــباب کـــردن خـطا اســـت بـــــريــــدين ز يـــــاران خــلاف وفـــا اســـت يعني دوستن کان جـــــدائي ڪرڻ غلطي آهي دوستن کان ناتو ڇنڻ وفا جي خلاف آهي۔