ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري کي سائنس ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ تي واڌايون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جي سرگرم رڪن ۽ ڀائرن جهڙي دوست ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري کي سائنس ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ تي واڌايون پيش ڪيون ٿا.

    بدين ضلعي جي ملڪاڻي جهڙي پٺتي پيل سنڌ جي نج ٻهراڙي جو نوجوان جڏهن سائنس جي سبجيڪٽ ڪيمسٽري ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ته يقينن سندس والدين، خاندان، ڳوٺ وارن، دوستن ۽ عزيزن کي مٿس ناز ٿيندو۔ مان سندس والدين کي به سلام پيش ڪندس جن تعليم نه هوندي به تعليم جي قدر کي سمجهيو ۽ اولاد کي سٺي تعليم ڏياري۔

    هن وقت ڪراچي ۾ پي سي ايس آءَ آر ۾ سائنيٽيفڪ آفيسر طور ڪم ڪندڙ ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رهندڙ هن نوجوان کي هميشه تعليم ۽ ادب طرف سوچيندي ۽ ووڙيندو ڏڍو اٿم۔ سنڌ جي نوجوانن کي به مٿس ناز آهي۔

    اسان سندس بهتر مستقبل لاء دعاگو آهيون ۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    25 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    اسان جي پاران ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري کي لک لک مبارڪون، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي،انهن سنڌ جي عالمن اديبن ۽ سپوتن مان سنڌ جو هڪ وڏو عالم درويش صفت بزرگ مولانه حاجي احمد رح جن به آهن جيڪي اسان جي سنڌ جي شهر بدين سان تعلق رکن ٿا، ۽ ان کان علاوه بدين جي هڪ ٻئي وڏي شخصيت پڻ آهي محترم فاضل راهوجنهن جو نالو پڻ هن سنڌ جي جوڌن ۾ لکيو ويو آهي، اسان جو والد صاحب چوندو هو ته بدين جا ماڻهون تمام سادا ۽ پيار ڪندڙ ماڻهون آهن ۽ انهن ۾ ايتري لالچ ڪانهي جيڪا ٻين علائقن جي ماڻهن ۾ آهي،..........ادا اسان جي لاء ته اهيا ناز ڪرڻ واري خبر آهي ته اسان جو دوست محترم ڊاڪٽر حفيظ لغاري صاحب پڻ بدين سان تعلق رکندڙ اسان جو محنتي دوست آهي، جنهن سائنس جهڙي سبجيڪٽ تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، جيڪا ڊگري اسان جا سنڌي دوست تمام گهٽ حاصل ڪندا آهن بنسبت ٻين سبجيڪٽن
    جي. ادا منهنجو دوست عبدالرسول ڪولاچي هميشه ڊاڪٽر صاحب جو ذڪر ڪندو رهندو آهي، ۽ پنهنجي به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي چڪي آهي، مگر اڃان تائين ملاقات جو موقعو ناهي ملي سگهيو.ادا منهنجي طرفان به اسان جي دوست محترم ڊاڪٽر حفيظ لغاري صاحب کي دل جي گهراين سان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ تي
    مبارڪباد پيش ڪيون ٿا
    ، ڀاء لغاري صاحب سندن مقالي جو عنوان جيڪر سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪن ته سندن مهرباني ٿيندي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ تي کوڙ ساريون مبارڪون ڏجن ٿيون۔

    سندس والدين، خاندان، ڳوٺ وارن سان گڏ دوستن کي مٿس ناز ٿيندو۔ بيشڪ اسان کي به ان تي ناز آهي دل سان وري به کوڙ ساريون مبارڪون۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اها خبر پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي۔۔۔۔
    ادا حفيظ۔۔توهان کي دل جي گهرائين سان کوڙ ساريون مبارڪون هجن۔۔۔:)
    ڌڻي در دعا آهي ته شل اڳتي به علم ۽ ادب جي هر منزل، هر ڪاميابي توهان جا قدم چُمي۔۔۔آمين۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    عبد الحفيظ لغاري صاحب جن کي دل جي گھراين سان کوڙ ساريون مبارڪون هجن۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    حقيقت ۾ نهايت گهڻي خوشي ٿي جو اسان جي هن سهڻي فورم جي هڪ سهڻي ميمبر کي اهڙو اعزاز اچي مليو آهي جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو ، الحمدلله دوست عبد الحفيظ لغاري سان گڏ هاڻ ڊاڪٽر جو اضافو ٿيو ، اميد آهي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ملڪ لاءِ باعث غنيمت ۽ سود مند ثابت ٿيندا ، آمين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سڀ کان پهريان ته لک لک واڌايون، پيار ۽ چميون ۔۔۔ مٺائيءَ کان بغير ۔۔۔ جيڪا ضرور کائبي پر وقت اچڻ تي۔

    جڏهن پي ايڇ ڊي ۽ نالي سان گڏ ڊاڪٽر جو نالو ايندو آهي ته لڳندو آهي ته ڪو پوڙهو، اکين تي عينڪ ۽ اڇن وکريل وارن سان ڪو شخص هوندو پر جڏهن ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاريءَ بابت سوچجي ته ائين بلڪل به ناهي ۽ ائين لڳي ٿو يا ته ڊگري ڀلجي پئي آهي يا حفيظ ڀلجي پيو آهي ۔۔۔ هههههه

    سچ پڇو ته هن نوجوان جي اکين ۾ جڏهن به گهور پائيندو آهيان ته سندس روشن اکين ۾ علم جي روشنيءَ جا جلوه پسندو آهيان ۔۔ منهن تي مرڪ، اکين ۾ روشني کڻي پيار جي جستجو ۾ هلندڙ هي نوجوان لڳندو ڪون آهي ته ڪو اندر ۾ سمنڊ کڻي پيو هلي پر جڏهن سندس علمي ڪاوشون ڏسبيون آهن ته ڏندي آڱريون اچي وينديون آهن ۔۔۔ ته سنهڙي بت ۾ هماليه جهڙا جذبا پيا پلجن ۔۔۔ شايد انڪري ئي شاه فرمايو هو ته؛
    سنهان مَ! ڀانءِ سَپَ وياءَ واسينگن جا،
    جن جي جهپيٽ هاٿي، هنڌان ئي نه چري۔

    اسانجو هي دوست علمي ميدان ۾ تمام ڏاهو ۽ ڏاڪڻيون ڪڏڻ وارو سورهيه آهي ۔۔۔ سندس علمي اڃ اجهامي وئي آهي يا نه پر مونکي لڳي ٿو ته سندس منزل اڃان اڳتي آهي۔ اسانکي فخر آهي ته اسين سندس دوستن جي فهرست ۾ آهيون ۔۔۔

    سائنس ۽ ان ۾ وري ڪئمسٽري مضمون ڪو آسان يا ڪا اڪ جي ماکي ناهي ۔۔۔ جو هٿ وڌايو ۽ لاهي ورتي ۔۔۔ دماغ جو بهترين استعمال ۽ عقل جي اڏام ئي اهڙيون شيون حاصل ڪري سگهي ٿي ۔۔۔ جيڪا نوجوانن ۾ تمام گهٽ هوندي آهي پر هن دوست کي ڏسي، مستقبل ۾ نوجوانن جي سورهيائي تي ايمان تازو ٿي ويو آهي ۔۔۔

    عبدالحفيظ جو لاڙي سڀاءُ ۽ سندس بابا سائينءَ جي سادگي ۽ پيار، ٻنهي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس۔

    مٺڙي پيءُ جو هونهار پٽ ۔۔۔

    سلام دوست ۔۔۔ ٽوپي لاهي سلام ۔۔۔
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا عبدا لحفيظ اسلام عليڪم۔ اسان جي دل ۾ اوهان جي لاء پلجندڙ احساسن جي ترجماني ادا نثار ابڙو صاحب جن پنهنجي ڪمينٽس ۾ ڪيو۔ اسان جي به اوهان جي شخصيت جي باري ۾ اهئي ساڳيائي احساست آهن۔ الله پاڪ شل اوهان جي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري کي اوهان لاء برڪت واري بنائي ۽ اوهان پنهنجي ريسرچ سان سائنس جي ميدان ۾ ڪا اهڙي ڪاميابي آڻيو، جيڪا انسان جي فلاح وبهبود لاء تمام گهڻي ڪم اچي۔هميشه الله پاڪ جي حفاظت ۾ رهو۔آمين۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين نثار جن سڀني دوستن جي ترجماني ڪري ڇڏي سائين عبدالحفيظ جن کي لک لک مبارڪون هجن پاڻ ايس ايم ايس به ڪيو هئائون ليڪن نالو نه هئڻ ڪري سمجهه ۾ نه آيو ته ڪنهنجو آهي بهرحال تمام خوشي جي ڳالهه آهي جو اسان جي سنڌ سلامت فيملي مان هڪ پياري کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سابه هڪ پيچيده سبجيڪٽ ۾ حاصل ٿي يقينا اها سندن محنت ۽ ذهانت آهي جو پاڻ پنهنجي جستجو کي ڪاميابي جي منزل تائين پهچائي دم ورتائون اميد ته سندن علمي خزاني مان سڀني سنڌين کي فائدو رسندو۔ دعا آهي ته الله تعالى سندن علم ۾ مزيد ترقي عطا فرمائي۔
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڊاڪٽر عبدالحفيظ کي مبارڪ هجي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    علم انسان کي عزت عطا ڪندو آهي علم انسان جي دوستن ۾ اضافو ڪندو آهي علم انسان جي ٽين اک آهي ۔ علم انسان جي شخصيت ۾ اضافو ڪندو آهي ۔
    الله سائين حفيظ صاحب کي پهريان ئي انهن خوبين سان نوازيو آهي مٿان هي تاج ادا حفيظ اوهان کي مبارڪ هجي۔
    وسلام
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڏاڍي خوشي ٿي، ڊاڪٽر صاحب جن سان اڄ فون تي ڳالهائيندي به مبارڪون پيش ڪيون سين، وري به لک لک واڌايون، ڌڻي اوهان کي وڌيڪ توفيق ڏي، آمين۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ادا لک لک مبارڪون هجن ڀا ڊاڪٽر لغاري صاحب کي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري صاحب کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ تي کوڙ ساريون مبارڪون ڏجن ٿيون۔ ڌڻي پاڪ الله جي در تي دعا آهي ته سائين جن جو خدمتون سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هجن۔ شل اڃا به وڌيڪ عزتون ۽ مان حاصل ڪن، اسان سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته هڪ وڌين هونهار ۽ سلڇڻو انسان ان اعزاز سان نوازيو ويو آهي اهو سڀ ڪجهه سندس جي محنت ۽ ان جي والدين جي دعائن جو ئي نتيجو آهي۔ شل جڙيا هجن۔ آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. پارس ميمن

    پارس ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم تعلقو سجاول ٽٽو ، ڪاروليز اوريگان اسٽيٽ
    مبارڪ باد هڪ سٺو عمل آهي . پراهڙن نوجوانن کي پنهجي قوم جي ترقيءَ لاءِ ڱهڻو ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حقيقت ۾ اسانجي روح کي راحت پهتي آهي ، دعا آهي ته شال مولا ڪريم ادا عبدالحفيظ کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا فرمائي آمين ، گڏوگڏ اها به دعا آهي ته الله پاڪ سندس روحاني علم ۾ به اضافو عطا فرمائي آمين ، دوست کي لا محدود مبارڪون هجن!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    اسان کي هن وقت سائنسدانن جي ضرورت آهي
    سائنس جي انتهائي ڏکي سبجيڪٽ ۾
    ٿيسز مُڪمل ڪري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري
    حاصل ڪندڙ هن اسان جي سنڌي ڀاء کي لک
    واڌايون،اِن اُميد سان ته سائنس جي ميدان ۾
    نوان لاڙا مُتعارف ڪرائي اسان تان ڪاهل،
    سُست،۽ ڄٽ جو لقب لاهيندا۔۔۔۔۔۔
    هڪ عليم نه،صرف سنڌ سلامت جا دوست
    نه پر تنهنجي هن محنت تي،ٽلٽي جو راڻو
    مخدوم بلاول،جهوڪ جو جيالو شاهه شهيد،
    ڊنيا جي سڀ کان وڏي سامراج ( عرب) سامراج
    سان سنڌ جي وحدانيت خاطر جي ساهه جي آخري هِچڪي تائين
    دُشمنن کي للڪاريندڙ مهاراجا ڏاهر،سنڌ جي دنگن ۽ ننگن
    تان سِر واريندڙ شهيد دودو سومرو،وطن ۽ يار خاطر پنهنجي محبوب ونيء
    کي سُهاڳ رات سيڄ تي ڇڏي دوستي جو ڀرم رکندڙ هانسو سوڍو،
    ڪينجهر جي ڪنارن کي پليت ارغون جي پليتي کان بچائيدڙ
    دولهه درياء خان،جي تو فارسي پڙهي ته گولو تون غُلام جو نعرو هڻي
    ڀٽ جي جهنگل ۾ منگل مچائيدڙ سنڌ جو فڪري اِمام سهڻو لطيف،
    ڪارونجهر ۽ کير ٿر جهڙو قداور،سنڌي سمنڊ ۽ ڪينجهر جهڙي گهرائي
    رکندڙ،آزادي جو امام سائين جي ايم سيد۔۔۔سچ پُڇين او منهنجا جاني
    هي سڀ ضرور مُرڪيا هوندا،تنهنجي هن قومي ڪارنامي تي۔۔۔۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن جي مهرباني جنهن منهنجي محسن ڀائر ۽ دوست سليمان وساڻ جي ڏنل مبارڪباد جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي مبارڪباد ڏني، نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ ڪُجهه ڪري ڏيکارڻ جي تلقين ڪئي۔ بس دوستن جو ساٿ دعائون ۽ همٿ ڏياريندڙ جذبا آهن ته ڌڻي ڪندو ڪُجهه ٿي ويندو۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو