ڊائري جو ورق ڪامريڊ ٻنين جي وچ واري ڪچي رستي تان گاڏي هلائيندي ”ڪامريڊ سلطان “ پنهنجي هڪ هاريءَ کي ايندو ڏسي بريڪ هڻي، دروازو کوليندي ... هڪل ڪئي ... ” اڙي او پيرو ! “ ” جي ڀوتار ... “ هٿ ٻڌي نوڙي سلام ڪيائين ” رات پاڻيءَ واري تي، تون ڪيڏانهن مري ويو هئين “ ” ڀوتار ! مون وارو ڇورو نڀاڳو سخت ...“ اڃان لفظ وات ۾ ئي هيس ته ... ٽڪاءُ چماٽ ٿي ويس ... پٽڪي سميت ڌڪو کائي وڃي ڪريو ... مٿان بڪين واري لت لڳس ... بس پوءِ لتن مٿان لتون ... مون پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون ... ” جوءِ جا ... رات جو جوءِ سان ... هاڻ وڃي ڏينهن ۽ راتيون جوءِ سان ملهاءِ ... “ مون اکيون کوليون ... پيرو مٽيءَ ۾ ڀڀوت ... ٻئي هٿ پٽڪي ۾ ... وات مان رت ...! ” اڙي يارو ! هن ڀيڻ جي ... جو کاتو بند ڪري ڇڏ “ ڪمدار کي رڙ ڪندي چيائين ... ” جي ڀوتار ... جيئن حڪم ...“ هو گاڏيءَ ۾ اچي ويٺو ... ٿوري دير جي خاموشي ... ماحول کي خوشگوار ڪندي ... ٽيپ ۾ ڪيسٽ وجهندي ... ” ها پيارا...! ته پاڻ قومي آزادي کانپوءِ پنهنجي ديش ۾ برابريءَ وارو نظام رائج ڪنداسين ...“
ادا نثار ابڙا تمام وڏي ڳالهه لکي ويو آهين ، پر هڪ ڳالهه جيڪا مون اڪثر پڙهي آهي ته ڊائري جي ورق ۾ هڪ قسم جي آپ بيتي يا خود سان سلهاڙيل ڪا يادگيري لکي ويندي آهي، توهان باقائده هن ڊائري جي ورق ۾ ڪنهن ڪهاڻي جي عنوان جيان عنوان ”ڪامريڊ“ لکيو آهي، جيڪڏهن هن ڊائري جي ورق کي ٽيڪنيڪ جي ماپي ۾ توريون تڪيون ته هي ڊائريءَ جو ورق شارٽ اسٽوري جي تور ۾ پورو ٿو لهي، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير ۔۔۔۔۔۔۔ توهان جي هن خوبصورت ڪهاڻي جي ورق مان اها ڳالهه ڀليءَ ريت پروڙي سگهجي ٿي ته اڄڪلهه جا ڪامريڊ وقت جي ڪسوٽيءَ تي پورا ڪونه لٿا آهن، سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، سندن زبان تي آزادي، ۽ ڇوٽڪاري جا سکڻا نعرا آهن پر سندن دل ۽ ذهن ۾ حاڪم ۽ محڪوم وارو کيل ڪنهن ٽي درجي جي ڪهاڻيڪار وانگر بلا عنوان واري موضع سان جاري ۽ ساري آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين سدائين حق موجود پر بقول سائين شمشير الحيدري جي ڪٿي ڪٿي سدائين ناحق موجود۔۔۔۔ سدائين جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان اهو آئينو يار اسان جهڙن ڀوتارن ۽ ڪامريڊن کي جي توکان پُڄي سگهي ته روز روز نه ته هفتي مهيني ضرور ڏيکاريندو ڪر۔۔۔۔۔۔۔
قبلا سائين اڪثر ڀوتارن وٽ دنيا دني هجڻ ڪري جيڪو فرعون جو ورثو آهي ان سان سندن ذهن ۾ اها بالادستي اچي ٿي وڃي غريب کي اهو زر خريد ٻانهو سمجهڻ لڳن ٿا ليڪن انهن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته فرعونيت جي ذهن رکندڙن لاء آخر انتها ڪهڙي آهي جيڪڏهن غور ڪندا ته کين ان ظلم کان هٿ روڪڻو پوندو۔
سهڻا ناز سائين! اوهانجي ڳالهه بلڪل صحيح، اها آپ بيتي به سمجهو ته جڳ بيتي به سمجهو، ڪئي سال پهريان اهو تجربو ٿيو، جنهن منهنجي ذهن تي الائجي ڪهڙا اثر ڪيا هئا ... پر پوءِ اندر جي گهٽ کي مون پني تي لاهي ڇڏيو هو ... جو اوهان سان ونڊ ڪيم ... ٻي ڳالهه ته اسانجي قول ۽ فعل ۾ جي سچائي جو عنصر زوآور ٿي وڃي ته هوند منزل آسان ٿي وڃي ... پنهنجو هڪ دوست هوندو هو ڪامريڊ اب ت .... پاڻ جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ هوندا هئاسون ته غريب مسڪين هوندو هو ... تازو منهنجي ساڻس اوچتو ملاقات ٿي ته ڏندي آڱريون اچي ويون ... شاديءَ جي دعوت حال ٻاهران هڪ سهڻي نئين ڊبل ڪيبن ٽيوٽا هاءِ ايس ۾ هٿيارن سميت، پويان نوان ڪامريڊ، جنکي هو ”واٺا“ جي لفظ سان ياد ڪري رهيو هو، ريپيٽر ۽ خودڪار بندوقن سان ويٺل ... اچي لٿو، مون کيس نه سڃاتو ته ڪير آهي، پر جڏهن سامهون آيو ته اچڻ سان چيائين غازي ڪهڙا حال آهن؟ سندس لوڏ ۽ آواز مان خبر پئي ته يار اب ت آهي پر هي ته مسڪين هوندو هو، هي رنگ ڪٿان لڳو ... ذهن ۾ سوال اڀريو؟ خبر پئي ته؛ همراه ڪراچيءَ جي زمينن تي قبضا ڪرائيندو ۽ ڇڏرائيندو آهي ... بلڊرز کان منٿليون کائيندو آهي ۽ هن وقت ڪروڙ پتي آهي ... ڪنهنجي به کل لاهڻ ۾ دير ناهي ڪندو ... سو اهڙا ڪامريڊ به آهن ... ۽ وري آڱريون برابر به ناهن ڪي ته اسانجا دوست ڪامريڊ اڃان سچ جي راه ته هلن پيا ... اڃان پيٽن تي پٿر ٻڌي واڪا ڪندا وتنٿا ... اڃان رنڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي متان ايئن سمجهين مئا مور سارا .... sindhsalamatsaathsal