سانوڻ خاصخيلي
سينيئر رڪن
مُقدر ۽ مامرو
مقدر سندي مامري
پاڻ پئون ڇو پيچري
جو ٿئي جھڙو ٿئي
ليکو رکڻ ناھي روا
جو مليو جيڪو مليو
مام ان ۾ ڇو مُنجھون
سو ڪريون سونا ٿيون
راھ اھڙي راھجي
۽ پاڻ کي ٺاھجي
ڀل تـ دنيا ڪو دان ڏي
مرڪي ملي ۽ ميتري
پاڻ پئون ڇو پيچري
شاعر: سانوڻ خاصخيلي