مان آهيان عاشق ڏاهري مان شاهپور جهانيان شهر ۾ رهندو آهيان مان هن وقت شاهپور جهانيان شهر جي مڊل اسڪول ۾ عربي ٽيچر آهيان ان سان گڏوگڏ مان صحافت به ڪندو آهيان هن وقت مان شاهپور جهانيان شهر جي پريس ڪلب جو صدر آهيان هن وقت مان “دنياٽي وي نيوز” ۽“ ڌرتي ٽي وي نيوز” جو رپوٽر آهيان ان سان گڏ مان انگريزي اخبار روزانه “ريجنل ٽائيم” جو به رپورٽر آهيان اڄ جڏهن منهنجي ڀاءُ حافظ اسدالله ڏاهري مون کي چيو ته ادا صحافت سٺي شيءِ آهي پر ڪجهه ٽائيم اسان جي سنڌ سلامت کي ڏيو جڏهن مون سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ ڏٺي ته دل کي تمام خوشي ٿي سنڌ سلامت تي ايترو ڪم ٿيو آهي ۽ مونکي هاڻ خبر پئي آهي . بهرحال چوندا آهن دير آيو درست آيو. انشاءَالله زندگي رهي ته سنڌ سلامت تي دوستن سان ڪچهري جاري رهندي . طالب دعا عاشق حسين ڏاهري sindhsalamatsaathsal sadayeen gud HaqMojood
السلام عليڪم ادا عاشق علي ڏاهري صاحب ادا مان اوهان کي سنڌ سلامت انتظاميه طرفان سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي خوش آمديد چوان ٿو اسان کي بي حد خوشي ته توهان جهڙا قابل صافي ماڻهو اڄ اسان جي سنڌ سلامت فورم جا ميمبر ٿيا آهن ۽ ان سان گڏ مان حافظ اسدالله صاحب جو پڻ شڪريو ادا ڪندس جنهن توهان کي سنڌ سلامت فورم جي باري ۾ ٻڌايو bhali kareaya ادا عاشق علي ڏاهري صاحب اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو . ادا سنڌ سلامت فورم جي هيمشه روايت رهي آهي ته هر نئي دوست کي گلن جو تحفو ملندو آهي ادا هي گل قبول ڪجو sadayeen gud shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جن موکي سنڌ سلامت تي اچڻ تي ڀليڪار چئي ۽ مان خاص شڪر گذار آهيان ڦلپوٽي فقير جو جن مونکي ايترا سارا گلن جا تحفه ڏئي مونکي ته قرضي بنائي ڇڏيو آهي سائين اهان جي وڏي مهرباني فقير صاحب الله پاڪ اوهان کي مديني واري سرڪار جي صدقي خوش ۽ آباد رکي آمين ثم آمين
مون کي اڄ تمام خوشي ٿي جو منهجي غريباڻي مشوري تي منهنجي وڏي ڀا ءُعاشق حسين ڏاهري سنڌ سلامت تي آيو ۽ ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو صحافي جي حيثيت سان سنڌ سلامت تي هڪ نواڻ آڻيندو۔ مان سائين کي وري دل سان سنڌسلامت تي اچڻ تي ڀليڪار 'چوان ٿو ۽اميدرکان ٿوته ”انشا ءَالله“ سائين عاشق جي اهاڪوشش جاري رهندي۔آمين ثم آمين۔الله پاڪ مديني واري سرڪار صدقي شل سنڌ سلامت کي هميشه وڏي ترقي عطا فرمائي آمين ثم آمين طالب دعا حافظ اسدالله ڏاهري عفي عنه
عاشقن جي محفل ۾ هڪ ٻيو عاشق اچي پهتو ... ڀلي ڀلي ڪري آيو ... جي جي آيو ... سندس اچڻ تي اسانجون دليون ٺريون ... علمي، ثقافتي ۽ معلوماتي ادارن سان جڙيل هڪ سهڻو انسان جو هاڻ اسانجي هن فورم جي زينت ٿيو آهي ... ادا عاشق، اسانجي ساٿ ۾ سهڻن دوستن جو اضافو ٿيندو آهي ته حقيقت پڇو ته دل وڏي ٿي ويندي آهي ... سگهه ۾ اضافو محسوس ٿيندو آهي ... اوهين اسانجي ساٿ سان هلندا ته اسين اوهان مان ڪجهه پرائينداسون ۽ اوهين اسانجي لکڻين کي درستگيءَ طرف وڌائيندي پاڻ به ڪجه سکندا ... اصل ۾ هن فورم جو مقصد آهي سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ حيات رکڻ ... سو اوهان اسانجا ٻانهن ٻيلي ٿيندا ته ... همٿ مردان مدد خدا ... محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو. آهي سنڌ جي خاڪ، منجهه مڪي پاڪ، الله ڪـــــر آک، ته ملان ماروئـــــڙن ســــان. sindhsalamatsaathsal
جواب: مان آهيان عاشق حسين ڏاهري ڏاهري صاحب اوهان جي تعارف تي هيئنر نظر پئي اٿم اوهان کي ڀليڪار ڪجهه دير سان چوان ٿو قبول پوي