مصور عالم
سينيئر رڪن
<<<<<<<<<<<<<<>>>>>>>>>>>>>>>>>
وائي
کِيرولِيءَ جي کِير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
فِلمي ڪنهن تصوير يا،
سياسِي ڪنهن تقدير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
ويري ديس ۽ ويس جو،
ڪاسائِي جي سير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
صدين جو ويساهه آ،
ڏنَ پنندڙ پيرَ جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
جيئڻُ پَلُ پَلُ ٿِئي متان،
ڏوهيءَ لئه تعذير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
سيني ۾ جي مَنُ رکون،
ڪَنوَرَ سنت ڪبير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
سرڪش لئه هيءَ سنڌ آ،
سرڪش جي تقدير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
>>>>>>>>>>>>>>>><<<<<<<<<<<<
وائي
کِيرولِيءَ جي کِير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
فِلمي ڪنهن تصوير يا،
سياسِي ڪنهن تقدير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
ويري ديس ۽ ويس جو،
ڪاسائِي جي سير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
صدين جو ويساهه آ،
ڏنَ پنندڙ پيرَ جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
جيئڻُ پَلُ پَلُ ٿِئي متان،
ڏوهيءَ لئه تعذير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
سيني ۾ جي مَنُ رکون،
ڪَنوَرَ سنت ڪبير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
سرڪش لئه هيءَ سنڌ آ،
سرڪش جي تقدير جيان،
ڪوبه نه وِڪڻي سنڌ کي.
>>>>>>>>>>>>>>>><<<<<<<<<<<<