• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻولي قومي ٻولي........

مصور عالم

سينيئر رڪن


سنڌي ٻولي - قومي ٻولي
ماءُ جي ٻولي - ڀيڻ جي ٻولي
هڪ تو رولي - ٻيو مُون رولي

ڌارين ماڻهن آڏو آهي
ڇالئه پنهنجي ڦاٽل جهولي.

هاءِ اسان کان ٻوليءَ سان گڏ
ڦُرجي پئي سنڌوءَ جي ڇولي.

سنڌي ادبي سنگت وارا
توُن ڇو ٿي وئين اڌ ۾ گولي

ڪنهن جي چُرچ چرين کي آئي؟
ڪيرُ سليندو هيءَ پرولي.
 
ڪهڙي ڪيان مان ڳاله مٺا،ڄاڻين ٿا سڀ هي درد ڪٿا،
تون معصوم بنجي ماريو ويوهين،پنهجي ديس مان ڌڪاريو ويو هين،
هي رهزن ڏس تون روز هتي،ٿا ڌرتيءَ تي ڌاڙو ڪيئن هڻن،
ڪونڌر ڪهن ٿا روز هٿن سان،جيئن ڏيهه ڌڻي پيا خوُب ڏَڪَن
هي ماري جيڪي ماڻهن جا ۽ ٽولا لوڪ لٽيرن جا،
سي سورهيه بنجي ويٺا هن،هر جاء هنن جا ٿا حڪم هلن،
هي سوئر سوئر ماڻهن جهڙا،ڪهڙا چئي چوان مان ڪهڙا،
نه نياڻين جي ٿا لڄ رکن،۽ هر ڪنهن جو ٿا حق کسن،

اُ ٿو واهر ڪريو ۽ وار ڪيو،دشمن جو ڌڙ ڌار ڪيو
سنڌ سان رکو ٿا چاه اگر،ته نعرو اهيو نروار ڪيو
 
Back
Top