ترقي جو هڪ نئون انداز، اسان جو پيارو وطن هن وقت اوچتو بجلي کان محروم ٿي چڪو آهي۔۔۔۔ملڪ جا سڀ وڏا شهر اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، ڪوئٽه،پشاور سميت هر طرف اونداهي جو راڄ۔۔۔!!!
هن ڪابينه جو هڪ به ماڻهو هن ملڪ جي بهتري ۾ ناهي ،۽ نه هن کي ملڪ هلائڻ جي ڪا سُڌُ آهي ،شهر جا رولوُ حڪمران آهن ،انهن کي ڪهڙي ڪل ته ملڪ ۾ ڇا هجڻ کپي يا ڇا نه،هنن جي روز رات رنگين ٿي گزري ،ڏينهن سڄو مزاڪن ۾ ٿو گزري، حڪم انهن جو هلي ٿو پيو، ٻيو انهن کي ڇا کپي،بد نصيبي آ هن قوم جي جيڪي ستا پيا آهن ۽ لالچ جون ڀريون دل ۾ رکيون آسرن تي پنهجو سڀ ڪجهه لٽايو ويٺا آهن، الله پاڪ ڪا همٿ ڏئي ،
خبرون آهن ته رات دير سان حبڪو پاور پلانٽ ٽرپ ڪرڻ سبب سڄو زور منگلا ۽ تربيلا پاور هائوس تي پيو۔ جنهن سبب اهي ٻئي به ٽرپ ٿي ويا۔ بعد ۾ اُچ پاور پلانٽ ۽ گڊو پاور پلانٽ به لوڊ سبب ٽرپ ٿي ويا۔ نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختوڳنخواهه جي اڪثر علائقن سميت ملڪ جو وڏو حصو اونداهي ۾ هليو ويو۔ رات ساڍي يارهين بجي کان ٿيل بريڪ ڊائون سبب بجلي اڃان تائين بحال ناهي ٿي سگهي۔ اُچ پاور پلانٽ ۽ ڪجهه ٻيا بحال ٿيا آهن پر اڃان تائين ڪراچي جي بجلي بحال ناهي ٿي سگهي۔ اهڙي صورتحال سبب ماڻهو مختلف ڳالهيون ڪندا رهيا۔۔۔ ڪن سمجهيو ته شايد ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي وئي آهي۔