• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏکڻ آفريڪا ڪلين سئيپ ڪري ورتو: پاڪستان کي زلت آميز شڪست

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
487145_434726749936871_375144519_n.jpg

سينچورين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پاڪستان کي ٽئين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ صفائي ڪري ورتي آهي۔ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي سولائي سان شڪست ڏئي ڏکڻ آفريڪا دنيا جي بهترين ٽيم ثابت ٿي آهي۔

پاڪستاني بيٽسمينن جي ناقص ڪارڪردگي ڏسڻ وٽان هئي جڏهن پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستان صرف 49 رنسن جي گهٽ ۾ گهٽ اسڪور تي آئوٽ ٿي۔

جهانسبرگ ۾ ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي اننگز ۽ 211 رنسن تان شڪست ملي۔

ڪيپ ٽائون ۾ ٿيندڙ ٻي ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ملي۔

سينچورين ۾ ٿيندڙ ٽين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي اننگز ۽ 18 رنسن تان شڪست ملي۔

ياد رهي ته پاڪستاني ڪپتان مصباح سيريز جي ڇهن اننگز ۾ صرف 22 جي ايوريج سان صرف 135 رنسون ٺاهي سگهيو، نائب ڪپتان حفيظ 7 جي ايوريج سان صرف 38 رنسون ٺاهي سگهيو۔
 
پاڪستان جي موجودهه ٽيم ۾ اهڙو ڪو به با صلاحيت رانديگر نه رهيو آهي جيڪو ٽيسٽ راند ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري۔۔هاڻ ڪرڪيٽ ۾ ٻاراڻين طريقن جي کيڏڻ سبب ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو اصل روح مري چڪو آهي۔ اهي رانديگر ئي نه رهيا آهن جيڪي سنجيدگي سان ٽيسٽ راند کي کيڏي سگهن۔ هاڻ بس پاڪستاني ٽيم ٽي 20 يا ون ڊي ميچن تي ئي گذارو ڪن۔ باقي ٽيسٽ راند هاڻ پاڪستانين جي مقدر ۾ نه آهي۔۔ اهو ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي۔
 
پاڪستان ۾ سنڌ شامل آهي الاجي نه! جو پوري ٽيم لا کين ڪو باصلاحيت سنڌي کلاڙي نه ٿو ملي!!
 
هن موضوع ۾ رشيد جي تبصري جو بي چيني سان انتظار آ۔۔ :)

مونکي ته اوهان جي تبصري جو انتظار هو ۔۔۔۔ خبر ته خبر هوندي آ، جي پاڪستان کٽندو آهي ته به خبر ڏيندا آهيون ۽ نتيجي ۾ دوست ناراض ٿيندا آهن۔ پر مون ته هي شڪست بلڪه شرمناڪ شڪست واري خبر به شيئر ڪئي آهي۔
 
مهرباني سليمان سائين۔۔۔
اهڙي سٺي خبر ڏيڻ تي ،جيڪڏهن توهان ڀر ۾ هجو ها ته توهان جا هٿ ضرو چميان ها۔۔ پر توهان لاء تمام گهڻيون دعائون۔۔ سدائين خوش هجو شال ۔۔
ها خبر خبر هوندي پر يار جيڪڏهن غلطي سان t20 يا وري ون ڊي ۾ پنجابي ڪو ميچ کٽي وڃن ته اهڙي خبر جي ضرورت آهي ڪا نه۔۔ پرهيز ڪجو، مهرباني ٿيندي۔۔
 
Back
Top