سانوڻ خاصخيلي
سينيئر رڪن
شفق ويل ساٿي
تنھا ھي منڙو
دور تون کان ڀلا
ڪئين پرچي پوي
چين چارئي پھر
ڄڻ وڇڙي ويل
صدا ڪا صدين جي
آھي ڀٽڪي پيل
تنھنجي تصورسواءِ
ڏينھن ڪٽجي نٿو
پنڌ پٽجي نٿو
اچي ڪر عنايت
ھن اُلجھيل مٿي
روح رُلجھيل مٿي
تند تنھنجي تنواري
تڪي ويٺو تنڙو
تنھا ھي منڙو
دور تون کان ڀلا
ڪئين پرچي پوي
سانوڻ خاصخيلي