زندهه رهڻ جي قيمت: بيغيرت هجڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    زندهه رهڻ جي قيمت: بيغيرت هجڻ


    ڪافي ڏينهن کان مون ڪجھ به نه لکيو آهي. خبر ئي نه ٿي پوي ته منهنجي دماغ ۾ وجدان جي نالي سان ڪا شيءِ آهي به يا نه! مان واقعن ۽ لقائن کي ڏسي پروڙي انهن جي الجبرا سمجھي به سگھان ٿو يا نه ته جيڪڏهن هاڻي هي ٿي رهيو آهي ته پڪ سان سڀاڻي هُونئن ٿيندو، ۽ جيڪڏهن هاڻي هي نه ٿئي ته هُونئن ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي ويندا، وغيره وغيره.... پر مان محسوس ڪريان پيو ته منهنجي اندر ۾ ڪا اُڻ تُڻ ضرور آهي جيڪا مون کي هڪ جڳهه تي ٽِڪڻ نه ٿي ڏئي. حالتن جي عجيب طرحي مشاعري ۾ ڪا سِٽ پنهنجي وجھڻ نه ٿو چاهيان ڇو ته هاڻي هن سماج جي منڊَڪ ۾ ڪمينا، لوسي ۽ پرماري پنهنجا پنهنجا طرحي جملا ٺوڪي رهيا آهن، جن جي موٽ به انهن کي ساڳي ئي ملي رهي آهي. ها اهو ٿيو آهي جو مون ڪا اُلٽي نه ڪئي آ، جنهن سان اهو معلوم ٿي ته مان ڇا پنهنجي اندر ۾ اَوتي رهيو آهيان!​
    جڏهن مُقدس لفظن جون معنائون تبديل ٿي انساني رت سان وهنجن، جڏهن انسانن کي ابدي آزادي ڏيارڻ وارن نعرن ۾ غُلاميءَ ۽ معصوم نياڻين جي رڙين ۽ کَبرن جا ڪُوڪَاٽ محسوس ٿين، جڏهن انسان جي باطن کي اڇي اُجري ڪرڻ وارن ادارن جي جُبن تي رت جا ڳاڙها داغ چٽا نظر اچن تڏهن جيڪڏهن مان هِيانوءَ ڦُٽَي ڪا دانهن ڪريان ته به مونکي ئي ڇو ڏوهي سمجھيو وڃجي؟ هتي مان روز معصوم نياڻين جي عصمت دري ڏسندي، نوجوان ڳڀرُوئن جا ٽارچر سيلن جي ليبارٽرين مان ٽُنگ پروڻ لاش ڏسندي، هڪ ممتا کي پنهنجي جھولي وچ بازار ۾ وڪڻندي ڏسي، گھرمالڪن کي لاڪپن ۾ ۽ وحشي چورن کي مِيرن پِيرن وزيرن جي اوطاقن ۾ وڏا ٽهڪ ڏيندي ڏسي، اڃان به مون مان گُلقند جهڙن لفظن جي جيڪڏهن اوهان اميد ڪريو ٿا ته دوستو مونکي معاف ڪجو ڇو ته مان ڪو خدا جو چونڊيل وَلي، مسِيح يا اوتار ناهيان، مان هڪ بلڪل عام ماڻهو آهيان، ايترو عام جنهن جي گھر ۾ ڪو گِھري به ٿو ته به مان ان کان معافي وٺندي چوانس ٿو ته معاف ڪجانءِ اوهان کي تالي ٽوڙڻ ۾ جيڪڏهن ڪو ڌڪ لڳو آهي ته مون وٽ آيوڊين آهي. پر خدارا منهنجي مٿان ايترو ظلم نه ڪجانءِ جو صبحاڻي منهنجي زال پينشن جي قطار ۾ ڌڪا کائيندي وتي! مان ايترو ته هِيڻو ۽ بُزدل آهيان جو منهنجي نياڻيءَ کي ڪو صبحاڻي کنڀي کڻي به ٿو وڃي ته مان در در ٻاڏائيندو ئي رهجي ٿو وڃان پر مونکي منهنجي نياڻيءَ سان ملائڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. ڇو ته هن کي هڪ اعلى مان مرتبي واري هٿ قابُو ڪيو آهي ۽ اهو هاڻي نه ٿو چاهي ته منهنجا اڇُوت هٿ هن جي پيشانيءَ تي لڳن. ۽ جڏهن مان بدناميءَ ۽ عدم تحفظ خاطر، ۽ ٻين نياڻين کي بچائڻ خاطر پنهنجو شهر يا ملڪ ڇڏيان ته منهنجي مُلڪ جا امير المومنين چون ته ڀاڄوڪڙ جي ملڪيت اسان پنهنجي مرضيءَ سان ورهائينداسين!​
    اوهان کي سچ ٿو ٻُڌايان ته مان ايڏو ته اياڻو آهيان جو مونکي پنهنجي هلندڙ دين ڌرم جي به خبر ناهي، منهنجا ابا ڏاڏا ڇا هئا ڪا خبر ناهي، هو ڪهڙي مسِلڪ ڪهڙي ڌرم سان واسطو رکندا هئا مونکي ڪا به خبر ناهي، بس جيڪا خبر آ، سا اها آهي ته مان هڪ ڇَورو آهيان، منهنجو ڪو به پيءُ ماءُ ناهي، مان بس برسات ۾ ڦٽندڙ گاهه وانگر آهيان جنهن کي هر ڏاٽو لُڻندو آهي! ان ڏاٽي تي هزارين قومن، سوين مذهبن جا وڏا وڏا عاليشان نعرا چِٽيل هوندا آهن جن جو مُول مقصد ئي اهو هوندو آهي ته لُڻو، ڪَٽيو ۽ ناس ڪيو! (ستيا ناس ڪيو) منهنجي ڪا به زمين ناهي، جنهن تي مان بيهي اهو چوان ته هي منهنجي قبر لاءِ وقف ڪري سگھجي ٿي، ڇو ته منهنجا ابا ڏاڏا قبرستان ۾ ئي رهندا آهن، جن جي قبرن تي ڪو به ڪُتبو لڳل ناهي. پنهنجي ذات جي باري ۾ اڪثر سوچيندو آهيان ته مان اهو ڪپڙي جو ٺهيل نشانو آهيان جتي ماهر نشاني باز پنهنجا نشانا پڪا ڪرڻ لاءِ منهنجي ٽيڙين ڦڏين ڄنگھن، ٻانهن، ڪنڌ ۽ منهن تي گوليون وسائيندا آهن.​
    ها ڪو وقت هوندو هو جڏهن مان لائبريرين مان ڪتاب وٺي پڙهندو هئس جن ۾ ڪابلي ظلم کان وٺي اڄ جي انيائن جي باري ۾ ليک لکيل هوندا هئا، جن ڪتابن جي سڀني ڪردارن ۾ مان پنهنجي ذات جا عڪس ڳولهيندو هئم ته مان ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪردار جهڙو لڳندو آهيان. ٿي سگھي ٿو ته مان اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي پروميٿيس سمجھڻ شروع ڪيو به هجي پر مان ڪڏهن به زيوس ٿيڻ جو تمنائي نه رهيس ۽ اڄ ورهيه لنگھي ويا آهن مان پنهنجي ذات ۾ سِسِيفَس ڳولهيو آهي. جيڪو صدين کان هڪ پٿر پاتال کان ڌڪا ڏيندو، ڇڪيندو پربت جي اونچاين تي اڃا پهچائيندو ئي ناهي ته وري اهو گڙڪي هيٺ ڪرندو آهي، ۽ مان ان کي وري مٿي ڌڪيندو آهيان ۽ ائين مان هڪ نه کُٽندڙ ڪم ۾ رڌل رهيو آهيان. سو مان هاڻي جهڙوڪ سوچڻ به ڇڏي ڏنو آهي. ۽ لکڻ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي.​
    مان جنهن ديس ۾ رهان ٿو اتي هاڻي ڪانوَ مدحي ڪلام ڳائيندا آهن، اتي هاڻي ٻڪر قطارن جي آڏو بيهي ماڻهن کي اُٿَ ويهه ڪرائيندا آهن. مان جنهن ملڪ ۾ ساهه کڻندو آهيان اُتي ٻارڻ طور انساني خون استعمال ٿيندو آهي، جتي هاڻي سوچڻ ۽ سمجھڻ جي حس کي ويليم جون سُيون هڻائي سمهاري ڇڏيو ويو آهي. هتي خنزيرن کي بندوقن سان ماري انهن جا روح پنهنجي پاڻ ۾ حلول ڪرايا ويا آهن جتي رونشي ڪوڏيا سپهه سالار اٻوجھه ماڻهن جا جٿا ٺاهي انهن کي روڊن، بازارن ۽ چونڪن تي ريليون ڪرائي انهن مٿان پاڻ رَيلو ڪندا آهن. جن جي پريس ڪانفرنسن ۾ محبتون ۽ امن آشائون ائين نڪرنديون آهن جيئن ڪنهن محروم بيواهه عورت جون آهون، ڪُوڪُون پر پنهنجي عمل ۾ اهي هڪ وئشيا جي وعدي وانگر لڳندا آهن. مان ان ملڪ جو رهواسي آهيان جتي يارنهن سالن جي معصوم نياڻيءَ کي پوري عرب خطي جو دشمن ۽ زاني، چور، لٽيرن، پڪن پوڙهن کي چنڊ ستاري جو رکوالو سمجھيو ويندو آهي. جتي ناڪاره ۽ مُرده پَنن جي سڙڻ تي ڪيترن ئي زندهه يسوحن ۽ مريمن کي جيئري ساڙيو ويندو آهي. جنهن ملڪ جي يزيدن کي ڪنهن به شام، ڪُوفي يا ڪربلا جي زمين جي ضرورت ناهي هوندي ڇوته هو جتي به هوندا آهن اتي هو هر روز هر شام، شام غريبان ڪري هڪ نئين ڪربلا کي جنم ڏيندا آهن.​
    جيئن مان اوهان کي پهريون ٻڌايو ته مون کي ڪابه خبر ناهي ته مان ڪير آهيان ڇو ته مان پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو آهيان. شايد ان ڪري به مان اڃان جيئرو آهيان جو منهنجي ڪابه سڃاڻپ ناهي. مان مسلسل ڏسي رهيو آهيان ته هتي سڃاڻپ وارا ساڙيا ويندا آهن، لڏايا ويندا آهن، سندن پٺين تي زنجيرن جا نشان ڏسي ابن زياد جا پوئلڳ انهن کي ڪُهندا آهن، جتي جون مسجدون به خدا جي نالي واري سڃاڻپ وڃايون هاڻي سپهه سالارن جي نالن سان سڃاتيون وينديون آهن. مان هاڻي پوڙهو ضرور ٿي ويو آهيان پر ٿورو ٿورو ياد اٿم ته هتي جڏهن مسجدون خدا جي نالي سان مشهور هونديون هيون تڏهن انهن ۾ ڪڏهن به خونريزي نه ٿيندي هئي پر جڏهن کان انهن جي عاليشان ۽ پر وقار عمارتن تي خدا جا نالا مِٽائي سپهه سالارن جا نالا لڳايا ويا آهن ته شايد خدا به پنهنجي پناهه ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي. مان اهو به ڏسي رهيو آهيان ته هن ملڪ ۾ جيترين مسجدن جي عمارتن ترقي ڪئي آهي اوتري انسان جي ازلي عظمت ۽ عصمت پَستين طرف ڌڪبي پئي وڃجي. اوهان منهنجي ڳالهه سان شايد سهمت نه ٿيو پر مان هتي اوهان کي سالن کان پوءِ جيڪو ڪجهھ ٻُڌائي رهيو آهيان اهو منهنجو سچ آهي. شايد ڪٿي اوهان جذباتيت به محسوس ڪريو پر ڇا اوهان مونکي معاف نه ڪري سگھندا؟ ڪجھه رعايت نه ڏيندا ڇو ته هتي منهنجي ڪمائو پُٽ کي سيني ۾ گوليون هڻي ماريو ويو، ڇو ته هن صرف ايترو چيو مان پنهنجا حق ڏسڻ ٿو چاهيان! منهنجي جوان نياڻيءَ کي زوريءَ کنڀي کڻايو ويو ڇوته هوءَ سهڻي هئي! ڪالهه منهنجي ماءُ کي چور ماري ويا هئا ڇوته هن پنهنجيءَ مينهن کي چوريءَ ٿيڻ کان بچائڻ پئي چاهيو! مونکي شايد ان ڪري ئي اڃان تائين ڇڏيو ويو آهي جو مان چپ جو قسم کائي چڪو آهيان!​
    مون کي هن عجيب مُلڪ ۾ ڄمڻ تي ڪا به حيرت ناهي لڳندي، مونکي هاڻي ڪو به تعجب ناهي ٿيندو ڪابه غيرت ناهي ايندي، ڇوته مان هڪ جملو ڪنهن قبر جي ڪُتبي تي لکيل ڏٺو هئو، ڪنهن جي قبر هئي، ياد نه ٿو اچي، ها پر هُئي ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جي. شايد ڌرتيءَ جي ڪنهن نامعلوم جوڌي جي هوندي! جنهن جي ڪُتبي منهنجي دماغ ۾ سڄي جو سڄو خيرات تي مليل علم هڪ پل ۾ نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو هئو، جنهن کان پوءِ مان پنهنجي پاڻ جي حراميءَ هجڻ تي ڪو به تعجب نه کاڌو هئو. ان تي لکيل هئو ته : ”اوهان کي جيڪڏهن بيغيرت جي ڪيل ڪُڌن ڪمن تي غيرت نه ٿي اچي ته معاف ڪجو اوهان به بيغيرت آهيو.“​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار ڳالهيون ته اوهان جو سڀ صحيح آهن ۔۔۔ ۽ پاڻ کي به شرمسار ٿو محسوس ڪيان جو مان به بلڪل اوهان وانگر سوچيندي ئي پاڳل ٿي ويندوآهيان، ڇو ته مونکان پاڻ کان به ڪجهه ناهي ٿيندو۔ مان به ٻين ڏانهن ڏسندو آهيان ته ڪجهه ڪن ۔۔۔ پر هاڻ شرمساري ۽ بيغرتي بدران ڪجهه ڪرڻو ئي پوندو۔

    سچ ته تمام سهڻي تحرير آهي۔ جذبات ۽ احساسات سان ڀرپور۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جاويد گھوٽو

    جاويد گھوٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    سماجي ڪارڪن
    ماڳ:
    گهوٽڪي
    ادا سائين ! واقعي سچ آهي ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،پر همت مردان ، مدد خدا ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، ننڍڙي لا جو هڪ بيت : همت وارن جي آڏو جهڪي پوي ٿو نيٺ جبل ،،،،،،،،،،،،،،،پهاڙ پرزا ٿي پوندا ، ٻانهن ۾ جي آهي ٻل ،،،،،،،،،،،،،ارادو اٽل ،،،،،،،،،،،،،،،،،قدم وڌائي اڳتي هل ،،،،،،،،،،،،،،،،،،سستي مان ڇا هڙ حاصل ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،قدم وڌائي اڳتي هل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مٿين تحرير بابت ڇا لکجي۔۔جنهن احساس کي اوهان لفظن ۾ جوڙي جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي ان ئي احساس جا اُلن ۾ اڄ جو هر غيرت مند، باشعور، هڏ ڏوکي پچي ۽ پڄري رهيو آهي۔ پر غيرت مند ماڻهو ان ذلت مان ڇوٽڪارو ماڻن لا خاموش ٿي ويهي نٿو رهجي سگهي، اهو ڪهڙي به ريت پنهنجي ان احساس جي پيڙا کي ختم ڪرڻ جا حيلا ڳولڻ ۾ رڌل آهي۔ ڇو ته جيڪڏهن اهو ان احساس سان ناتو ڳنڍي ٿو وجهي ته اهو اوهان جي ڳالهه ڍجيان ته بيغيرت ٿي ويهي ئي رهندو۔۔پر جنهن فرد، يا جنهن قوم حق ۽ سچ جو دُڪو پيتو هوندو اهو ڪڏهن به بيغيرت ٿي نه مرندو آهي۔ پر ها حالتن جي پٽاندر وقت جو انتظار ضرور ڪندو آهي ۽ وقت جي انتظآر ڪندڙ کي بيغيرت نٿا ڪوٺي سگهون بس اهو خاموش ٿي ويندو آهي ۽ ان جي اها ئي خاموشي هڪ ڏينهن وڏو طوفان کني ايندي آهي ۽ يزيديت جا سمورا اوچا ڪوٽ ڪيرائي پٽ ڪندي آهي ۽ وري به جهنڊو حق جو جهولندو آهي ۽ حق جي علم کي بلند ڪرڻ تائين جيڪڏهن ڪيترا به يزيد ڪيترائي ڪربلا مچائي ڇڏين ڀل حسينيت کي شهادت جا ڪيترائي جام نوش ڪرڻا پون اهي شهيد ٿي ڪري به سوڀارا ٿي ويندا آهن۔ يزيد سڀ ڪجهه کٽي وڃڻ باوجود بي نام و نشان رهجي ويندو آهي۔۔۔سو اوهان جو ليک نوجوانن جي جوش کي جنبش ڏيارڻ لا ڪافي آهي۔ بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو