خوشيون مون خريديون

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    خوشيون مون خريديون
    امان او امان! تون منهنجي سڳي ماءُ آهين؟
    ماءُ: ها ڌيءَ ڪو توکي انهيءَ ۾ شڪ آهي ڇا؟
    سنڌو: نه امڙ پر آءٌ سوچيان ٿي ته شايد تون منهنجي سڳي ماءُ نه آهين جو نه ڪڏهن مون کي نوان ڪپڙا وٺي ڏنا اٿئي، نه ئي چوڙيون ۽ نه جُتي. پر امان... سپيءَ جي ماءُ آهي نه؟ امان او امان.“
    سنڌو: ”جي ڌيءُ.“ امڙ، تون ڪهڙن ويچارن ۾ آهين، آئون توسين ڳالهايان پئي پر تون ڪو جواب نه پئي ڏين.
    ماءُ: ڌيءَ، آئون تنهنجون سڀ ڳالهيون ٻڌان پئي تون ڳالهه ڪر.
    سنڌو: سپيءَ جي ماءُ سپيءَ کي چوڙيون نوان ڪپڙا جُتي سڀ ڪي وٺي ڏي ٿي پر تون مون کي ڪجھ نٿي وٺي ڏين!
    ڪلهه سپيءَ مون کان پڇيو ته سنڌو، تون عيد لاءِ ڪپڙا نٿي وٺين؟ مون چيومانس مون کي ته امڙ وٺي نه ٿي ڏي.
    سو امان! ٻڌايائين ته سپيءَ مون کي ڇا چيو. چيائين جيڪي مائون ڌيئرن کي ڪپڙو لٽو نه وٺي ڏينديون آهن سي سڳيون مائون ٿورئي هونديون آهن؛ اهي ته اڳيون مائون هونديون آهن؛ سو مون کي به شڪ پيو تڏهن توکان پڇي پڪ ٿي ڪيم.
    ماءُ: ڏس سنڌو! تون سپيءَ جي چوڻ تي نه لڳ سپي جن جون پنهنجون زمينون آهن. اهي ڀل سٺا لٽا وٺن پر پاڻ غريب آهيون. تون ننڍڙي ته ڪانه آهين جو اهڙيون ڳالهيون ٻڌيو انهن تي ويچار ٿي ڪرين. تون سنڌو منهنجي ساڄي ٻانهن آهين. مون کي تون گهڻي مٺي آهين. پر ڌيءَ پاڻ پنهنجي حال سارو هلنداسين.
    سپيءَ وارن جي جتي ۾ پاڻ پير ڪونه وجهي سگهنداسين. سمجھو ٿيءُ.. ڌيءَ عقل کان ڪم وٺ. هنن جي عيد نون ڪپڙن ۾ گذرندي ته پنهنجي ڌوتل ڪپڙن ۾ گذري ويندي. تون اُلڪو نه ڪر.
    ساگر هڪ غريب ماستر هو ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهائيندو هو.
    کيس هڪ نياڻي سنڌو نالي هئي ۽ هڪ پٽ سالار. سالار ته اڃان ننڍو هو سو کيس خبر ڪانه هئي ته اسان غريب آهيون يا امير پر سنڌو ته وڏي هئي سڀ ڳالهيون ڄاتائين ٿي پر سهيلين جي سنگت ۾ هوءَ پنهنجي غريب ٿيڻ تي احساس ڪمتري جو شڪار ٿيندي هئي، کيس سندس ماءُ (ساران) گهڻيئي دم دلاسا ڏيندي هئي. سنڌو اوڏي مهل ته ڪجھ سولي هوندي هئي پر سهيلين جا لٽا ڏسي کيس به دل ۾ حسرت ٿيندي هئي ساران هڪ سگهڙ عورت هئي.
    ساران: سالار جا پيءُ ٻڌئي سنڌو جون ڳالهيون؟
    ساگر: ڇا ٿي چوي منهنجي سنڌو؟
    ساران: چوي ٿي تون منهنجي اڳي ماءُ آهين جو مون کي لٽا نٿي وٺي ڏين.
    ساگر: ها، ساران سنڌو تمام اٻوجھ آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته پاڻ غريب آهيون. پر الله مالڪ آهي، تون کيس دلاسو ڏي ضرور ڪجھ ٿي پوندو اڃا عيد ۾ ڪي ڏينهڙا آهن.
    ساران: پر سنڌو ٻار ته ڪانهي جو اهي ڳالهيون نه سمجھي!
    ساگر: نه، ساران انهي ۾ سنڌوءَ جو ڪهڙو ڏوهه.
    ساران: ٺهيو هاڻ توهان ماني کائو. ڇڏيو انهن ڳالهين کي مان پاڻهي سنڌوءَ کي پرچائيندس.
    ساگر: ساران، سنڌو ۽ سالار، اڙي سڀ هيڏي اچو ڏسو توهان لاءِ ڇا آندو اٿم. ٽئي ڊوڙندا اچن ٿا.
    سنڌو: ڇا آندو اٿو بابا؟
    ساگر: اچي ڏس ڌيءَ.
    سنڌو: بابا توهان هي ڪپڙا، هي چوڙيون ايرينگ، رومال، جُتي ۽ هار هي سڀ منهنجي لاءِ آندا آهن.
    ها، ڌيءَ. سالار بابا هي ڪپڙا منهنجا آهن. ها پٽ. اڙي ها! اچي ساران هي تنهنجا ڪپڙا. ڏي مون کي. اچي سنڌو هي سڀ کڻي وڃ رک. سنڌو امڙ ڏسڻ ته ڏي، اڃا آيا آهن ته توڻي وڃي رکان!
    ساران: نه ڌيءَ تون ڀلي ڏس جيڏي مهل به ڏسي دل ڀرجنئي کڻي وڃي رکي اچجان.
    سنڌو: چڱو امان چڱو.
    سنڌو: سپي او سپي.
    سپي: ڇا آهي سنڌو؟ ڏس سپي هي سڀ لٽا ابو منهنجي لاءِ وٺي آيو آهي.
    سنڌو: سپي تو چيو پئي ته منهنجي ماءُ سڳي ڪانهي پر هاڻ ته سڳي آهي نه؟
    سنڌو: ڏس سپي الله وٽ دير آهي انڌير ڪونهي هاڻ ڏس تو وٽ اڳ ڪپڙا آيا پر مون وٽ پوءِ، پر اچي ته ويا نه.
    سپي: هائو.
    هوءَ ۽ سنڌو ٻئي گڏجي ڪپڙا ڏسن ٿيون. ڪي ڏينهن سپي سنڌو ۽ سالار نوان ڪپڙا اوڍي ڳوٺ جي گهٽين ۾ خوش خوش پيا گهمن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو