شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
شڪارپور ، ڳڙهي ياسين ويجھو درگاھ حاجن شاھ ماڙي واري جي درگاھ وٽ ڌماڪو، ٽن ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع، 12 کان وڌيڪ زخمي
ڳڙهي ياسين ويجھو درگاھ جي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا رپورٽ موجب شڪارپور ويجھو حاجن شاھ ماڙي واري جي درگاھ وٽ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سميت ٽن ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي جن ۾ اڪثر جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته درگاھ وٽ زائرين وڏي انگ ۾ موجود هئا، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هڪ ماڻهو آيو جيڪو ڪا شئي رکي هليو ويو جنهن کانپوءِ ڌماڪو ٿيو. واضح رهي ته درگاھ حاجن شاھ لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ۾ واقع آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڌماڪو ان جاءِ تي ٿيو آهي جتي حاجن شاھ ويهندو آهي ۽ رات جو محفل پڻ ڪرائي ويندي آهي. جڏهن ته ڌماڪي سبب حاجن شاھ ماڙي واري جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. ڌماڪي وقت واقعي واري جاءِ تي 50 کان 60 ماڻهو موجود هئا. هوڏانهن وڏي وزير سيد قائم علي شاھ درگاھ حاجن شاھ ماڙي واري جي آستاني تي ٿيل ڌماڪي تي افسوسو جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي