• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڳڙهي ياسين ويجھو درگاھ حاجن شاھ ماڙي واري جي درگاھ وٽ ڌماڪو،

شڪارپور ، ڳڙهي ياسين ويجھو درگاھ حاجن شاھ ماڙي واري جي درگاھ وٽ ڌماڪو، ٽن ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع، 12 کان وڌيڪ زخمي

ڳڙهي ياسين ويجھو درگاھ جي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا رپورٽ موجب شڪارپور ويجھو حاجن شاھ ماڙي واري جي درگاھ وٽ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سميت ٽن ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي جن ۾ اڪثر جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته درگاھ وٽ زائرين وڏي انگ ۾ موجود هئا، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هڪ ماڻهو آيو جيڪو ڪا شئي رکي هليو ويو جنهن کانپوءِ ڌماڪو ٿيو. واضح رهي ته درگاھ حاجن شاھ لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ۾ واقع آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڌماڪو ان جاءِ تي ٿيو آهي جتي حاجن شاھ ويهندو آهي ۽ رات جو محفل پڻ ڪرائي ويندي آهي. جڏهن ته ڌماڪي سبب حاجن شاھ ماڙي واري جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. ڌماڪي وقت واقعي واري جاءِ تي 50 کان 60 ماڻهو موجود هئا. هوڏانهن وڏي وزير سيد قائم علي شاھ درگاھ حاجن شاھ ماڙي واري جي آستاني تي ٿيل ڌماڪي تي افسوسو جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
 
ڏک ۽ ڳڻتي جوڳي حالت آهي جو صوفين جي سرزمين سنڌ جي درگاهن ۽ ديني شخصيتن کي نشانو نڻايو پيو وڃي۔ مان سمجهان ٿو اهو سڀ هڪ سازش تحت ٿي رهيو آهي ته ٻين صوبن وانگر سنڌ کي مذهبي دشمني جي ور چاڙهيو وڃي۔ اهڙي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حڪومت کان اهو مطالبو ٿا ڪيون ته تازن واقعن جي جلد تحقيق ڪرائي وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي۔

عوامي آواز جي خبر آهي:

گذريل ڏينهن شام جو لکي غلام شاهه لڳ مشهور صوفي درگاهه سيد غلام شاهه غازي جي درگاهه تي نامعلوم شخص هڪ ڪاري رنگ جو ٿيلهو رکي فرار ٿي ويو، جنهن جي 15 منٽن بعد بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور تي شڪارپور نيو ويو، جتان سيد حاجن شاهه ماڙي واري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر نيو ويو آهي جتان کيس ايڌي ايمبولينس وسيلي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن بم ڌماڪي جي اطلاع تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي حڪم تي پوليس ۽ بم ڊسپوزل عملو درگاهه غلام شاهه ماڙي واري تي پهچي ويو، مارجي ويل شخص جي ڊي سي شڪارپور ۽ پوليس ذريعن موجب اقبال شيخ نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي. گادي نشين سائين حاجن شاهه ماڻهن، عورتن، ٻارڙن ۽ توڙي مردن کي دعا ۽ ڌاڳا ڏئي رهيو هو ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو. شڪارپور سوڳ ۾ بلڪل بند ٿي ويو. جڏهن ته شڪارپور شهر ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي. زخمين ۾ ناهيد لاشاري، محمد علي ٽانوري، ظفر سولنگي، نواب هاليپوٽو، نثار لاشاري، ديدار ميربحر، شير محمد، مريد لاشاري، بادل، سيد رحيم داد، ذوالفقار ميمڻ، محمد اسماعيل، زاهد چانڊيو، گادي نشين سائين حاجن شاهه، ۽ ٻيا شامل آهن.
 
سنڌ جي سهڻي سرزمين، هن ڌرتي جا سهڻا من مهڻا ماکي کان به مٺا ماڻهو۔۔ شابس هجي پ پ وارن کي جن اسان جي هن امن واري ڌرتي کي ٻه تحفا بمن جي صورت ۾ ڏنا آهن۔۔۔ اسان حڪومت کان اهو مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌين کي ان مذهبي ڪٽرپڻي کان پري رکيو وڃي، سنڌ کي ان رتو ڇاڻ ۾ نه وڌو وڃي نه ته نهايت حشر خراب ٿي سگهي ٿو۔۔۔صوفين جي ڌرتي آهي، هتي محبتون ونديون وينديون آهن هتي ولين جي درگاهن تي امن جو درس ڏنو ويندو آهي، سنڌ توڙي هند مان صوفين جي درگاهن تي زائرين اچي محبتون پيش ڪندا آهن۔ ان ڌرتي جي صوفين جي مزارات تي بم ڌماڪا ڪري نفرت جو ٻج ڇٽجي رهيو آهي۔ هر سنڌي ڀل اهو ڪنهن به مذهب ڪنهن به مسلڪ سان تعلق رکندڙ آهي ان ڪريل حرڪت جي نندا ڪري ٿو۔۔اسان سنڌي ڀرپور نموني ان حرڪت تي احتجاج جو سڏ ڏيون ٿا ته ٻيلي سنڌين کي ان مذهبي ڪٽرپڻي ۾ نه وڌو وڃي ڇو ته سنڌي اهو ڪٽرپڻو نٿا ڄاڻن۔ پر اڄ ڪلهه يهودي لابي نهايت سرگرم ٿي وئي آهي گهڻن ئي ماڻهن کي مذهب جي آڙ ۾ جهاد جي نالي تي منجهايو آهي۔ جيڪو اسان ڪنهن به ريت برداشت نه ٿا ڪري سگهون۔ حڪومت کان مطالبو آهي ته جلد کان جلد انهن ٻنهي بم ڌماڪن بابت ڪاروائي ڪري۔
 
Back
Top