ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ها ها مان اهي ٻه ڊڳڙيون کارائي وٺندس ڌي کي ۔ سهزادي سان واقعي ويڌن هئي پر ان جو حل شايد اهو نه هو ۔
پرغصي جو ڇا ڪجي غصي ۾ ته ماڻهون جي اهڙي حالت هوندي آهي جيئن باھ تي ٽهڪندڙ پاڻِي۔
بيٺل پاڻي ۾ ماڻهون پنهنجو عڪس ڏسي سگهي ٿو پر اٻرندڙ پاڻي ۾ ماڻهون پنهنجو چهرو نه ٿو ڏسي سگهي ۔
جڏهن ماڻهون غصي ۾ هوندو آهي ته هو پنهنجي پاڻ کان گذري ويندو آهي ۔
خوب فرمان آهي حضرت علي عه جو ته غصو بيوقوفي کان شروع ٿي ندامت تي ختم ٿي ويندو آهي ۔
ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهين کي جي اُسرڻ کان پهريان روڪجي ته ٺيڪ نه ته اهي ڪنهن وڏي تباهي جو ڪارڻ ٿي وينديون آهن ۔
شايد انهن جي گهر جي محبت کي نظر لڳي وئي هئي
ڪوڙل ۽ هاشم ڳوٺ جا معزز وڏيرا سمجهيا ويندا ها۔ ڪوڙل وڏو ۽ هاشم ننڍو هو۔
اسان وٽ به وڏيري جو عجيب ڪنسيپٽ آهي ۔
جنهن وٽ دولت اهو وڏيرو ۔
ان حساب سان ته اهو وڏيرو ناهي وڏيري جو خطاب ته دولت کي آهي جيسيتائين آهي تيستائين وڏيرو جڏهن وڃي هلي تڏهن خبر ناهي ڪير۔
جنهنجي دولت جي ڪري عزت ڪئي ويندي آهي شايد اهو اها ڳالھ وساري ڇڏيندو آهي ته ان جي عزت ان جي نه پر ان جي ملڪيت جي آهي ملڪيت وئي ته عزت ڪٿان رهندي ۔
ها پر جنهن غريبي ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو سو ختم نه ٿو ٿي سگهي ۔
بحرحال بک ته سڀني کي لڳندي آهي ۔
ڪوڙل ۽ هاشم جي گهر جون اڄ اهڙيون حالتون شايد ان جو بهترين ثبوت هيون۔
ٻئي سڳا ڀائر ها ڀائرن جي محبت به جڳ مشهور هئي ۔
ٻنهي جون گهرواريون پاڻ ۾ سڳيون ڀينرون هيون ۔
هاشم کي الله ڌي جي اولاد ڏني هئي ۽ ڪوڙل کي پُٽ جي نعمت سان پروردگار نوازيو هو ۔
شهزادي انٽر پاس هئي ۽ مسعود ايم ڦل ادب ۾ ڪئي هئي ۔
علم جو هجڻ ادب جي علامت ناهي هوندو، اهو ئي ٿيو ۔
مصعود جي طبعيت رنگين مزاج هئي ته شهزادي به لاشريڪ محبت جي قائل هئي ۔ هن چاهيو ٿي ته مصعود هميشه منهنجو ٿي رهي ۔
۽ ڇو نه هن قرباني به ڏني هئي ۔ هميشه پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندڙ هئي اهو ئي سبب هو جو اسڪول جي منظور نظر رهي هئي ۔
جڏهن هن جي شادي ٿي ته هن ان وقت انٽر جو امتحان پاس ڪيو هو ۔ان وقت مسعود هن کي چيو ته جي تون پنهنجي پڙهائي جاري رکڻ چاهين ته مونکي ڪو اعتراز ڪونهي ته هن مسڪرائي چيو مسعود هاڻي جيڪو ڪجھ پڙهڻو آهي اهو تو کان ئي پڙهنديس
هن کي اها خبر ته نه هئي مقصود هن کي زندگي جو اهڙو اوڻائو باب به پڙهائيندو۔
مقصود جيڪو جواني جي شروعات ۾ شرميلو هو ان جي شرم شايد جواني جي وڌڻ سان گهٽجندي وئي ۽ هن جي طبعيت ۾ عياشي جي حٍوس وڌندي وئي ۔
جڏهن ته شهزادي صرف نالي جي نه هئي هو ته حُسن جي به شهزادي هئي ڪئي رشتا ها جيڪي هن لاءِ آيا ها پر هن ته بچپن ۾ ئي مقصود کي پنهنجي دل جو شهزادو قرار ڏنو هو ۔
محبت ته هوندي ئي لاشريڪ آهي۔
جڏهن مصعود جي توجه شهزادي تان هٽڻ لڳي ته شهزادي جو پريشان رهڻ به فطري هو ۔
هن شروع شروع ۾ گهر بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ۔۽ تنهائي ۾ مصود سان احتجاج ڪيو پر آهستي آهستي احتجاج جو دائرو وڌڻ لڳو ۽ اهو مسئلو ٻنهي گهرن جي وڏن تائين وڃي پهتو۔
پرحوس جنهن جي سر چڙهندي آهي ان جو سر کڻڻ کان سواءِ ناهي لهندي ۔
پنهنجي خواهشن سان وڙهڻ ڪنهن مرد جو ڪم آهي ان لاءِ ته حضرت علي ڪرم الله وجه جو قول آهي مرد اهو آهي (جيڪو پنهنجي خواهشاتِ نفس کي لغام ڏئي ان جو واڳون ڇڪي الله جي تابع بڻائي ) سو ان نظريعي کان ته مرد اهو آهي جيڪو پنهنجي خواهشات کي لغام ڏئي ۔
شروع شروع ۾ هن جي پي به ڪوشش ڪئي پر جڏهن پي پُٽن ۾ تقرار وڌڻ لڳي ته ماءُ پُٽ جو پاسو کنيو۔
اوهان نه ٻُڌو ته آدم عه جنت مان امان هوا جي ڪري نڪتو هو ان جو مقصد صرف اهو هو ته حضرت آدم عه اهو پرڪٽيڪل پنهنجي اولاد لاءِ پيش ڪيو هو ته ڏسو رن مريدي سان ماڻهون جنت مان نڪري ويندو آهي ۔
اهوئي ڪم ٿيو هو ڪوڙل سان ڪوڙل مرد هوندي به زال اڳيان مقصود جي باري ۾ نه صرف چُپ ٿي ويو پر هن مصعود جي باري ۾ بعد ۾ وڪالت به ڪئي۔ڪيڏو نه مجبوري جو عالم هوندو آهي جڏهن ماڻهو سچ کي رشتن جي مٿان قربان ڪندو آهي ۔
ڪيڏي نه بهادري گهرجي رشتن کي سچ تان قربان ڪرڻ لاءِ ۔
شهزادي ڪئي ڀيرا پهريان ته ماسي سان شڪايت ڪئي ۔ هيا مان هن چاچي کي ڪُجھ چيو ته ڪي نه ڪي پر ڪوڙ: ڪو ٻار ته نه هو جو نه سمجهي سگهي ها۔
شڪايت ته ان جي سامهون ڪبي آهي جنهن کي خبر نه هجي ۔ پر جيڪو ڏسي ڪري خاموش رهي ان جي سامهون شڪايت ڪرڻ مان مطلب ته اکين وارن انڌن اڳيان روئڻ هوندو آهي سو شهزادي سان به اهو ئي ٿيو۔
آخر شهزادي جي انا جڏهن مجروح ٿيڻ لڳي ته هن به سرعام احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو۔ پنهنجي ماءُ پي کي شڪايت ڪرڻ لڳي پهريان ته هاشم ڀاءُ کي چاهيندي به ڪجھ نه چئي سگهيو پر جڏهن ظاهر ڀرم به ٽٽي چڪا ته هن ڀاءُ کي چيو ادا هي زيادتي آهي اوهان جي ۔
هاشم بجاءِ انجي ته پنهنجي گهر جي غلطي تسليم ڪري ها پُٽ جو پاسو کنيو هاشم ان وقت ته هليو ويو۔
هاڻي ان جي پاداش ۾ بجاءِ ان جي گهر ۾ ڪو اصلاحي پهلو تي غور ڪيو وڃي ها ڪوڙل جو وڏيرو ۽ سندس گهرواري جي وڏيريي پن جاڳي پيا ها ۔ مصعود جو وڏيرو ته پهريان ئي جاڳيل هو۔
هنن پنهنجين غلطين جي سڌاري بجاءِ شهزادي کي ئي ان جرم جو قصور وار سمجهڻ شروع ڪيو پهريان ته صرف هڪ ماڻهون جي بي توجهي هئي هاڻي ته پوري گهر ۾ اڪيلي هئي شهزادي ۔
شهزادي ۽ اڪيلي عجيب ڳالھ آهي ۔
جڏهن معاملا گهر جي بزرگن طرفان به، بي توجهي جو شڪار ٿي وڃن ته اهي ڪنهن وڏي طوفان جي آمد جي نشاندهي هوندا آهن۔
سو اهو ئي ٿيو شهزادي پي کي چيو بابا بس هاڻي مونکي هن گهر ۾ ناهي رهڻو ۔
هاشم آيو شهزادي کي وٺي جڏهن هلڻ لڳو ته ڪوڙل رسمن هن کي چيوهاشم اهو سٺو ناهي ماڻهون تو تي ۽ مون تي به کلندا۔
هاشم چيو ميان جي تو کي ماڻهن جي کلڻ جي پرواه هجي ها ته تون پنهنجي غلطي تسليم ڪرين ها پر تو ته ابتو منهنجي شڪايت کان پوءِ شهزادي کي ئي قصور وار ڪري سا ڏيڻ شرو ڪيو مون تو کي وڏو ڀاءُ سمجهي گهڻو برداشت ڪيو پر هاڻِ ڳالھ حد کان گذري وئي آهي ۔شايد ڪوڙل به پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو ٻنهي ڀائرن ۾ تقرار ٿي ته هاشم شهزادي کي هٿ مان وٺي چوڻ لڳو۔
هاها مان اهي ٻه ڊڳڙيون کارائي وٺندس ڌي کي ۔
هاشم جيڪو پاڻ کي جديد دؤر جو جديد وڏيرو سمجهندو هو۔
ماڊرن زماني جو ماڊرن وڏيرو چوائڻ سَوَلو آهي پر ٿيئڻ ڏکيو۔
هن معاملي کي ٻه سال گذري ويا ها نه ڪوڙل کي ڪا پرواه هئي نه وري مصعود کي ئي ڪو خيال هو ته هن جي غيرت گهران نڪري وئي آهي ۔
اوهان مان ڪنهن ڪيميائي سعادت پڙهي آهي ؟
چلو جي ناهي پڙهي ته اوهان کي آءُ ان جو لبِ لُباب ٻڌايان ۔
هڪ جسم جي بک ٿيندي آهي ٻي هن وجود جي اندر هڪ وجود جي بک ٿيندي آهي ۔جي امير ڪنهن جنگل ۾ ڀٽڪجي وڃي گهڻي دير تائين سفر ڪندو رهي ته جڏهن ان کي بک ۽ اڃ بدحال ڪندي آهي ته ان وقت جي هو ڪنهن اهڙي جهوپڙي ۾ وڃي پوي جنهن ۾ سڙيل ماني جا سُڪل ٽڪرا هجن ته ان وقت کاڌي اهي شاهي کاڌي کان ڪئي ڀيرا لذيذ لڳندا آهن ۔
حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي ته مذو طعام ۾ نه پر اصل بُک ۾ هوندو آهي ۔
۽ ساڳي حالت هن وجود جي اندر وجود جي هوندي آهي جڏهن خواهشات جي بک لڳندي آهي ته نوڪر مالڪ جو فرق ۽ مالڪ جو نوڪر فرق مٽجي ويندو آهي ان وقت ته بس جان بچائڻ لاءِ کائڻ ئي غنيمت هوندي آهي۔ امير فرق جي ڀت ڪري پوندي آهي۔
هاڻي جي ڪو ڪنهن کي بکيو رکي ۽ بکيو ماني نه کائي پر ڪيستائين۔
بک جي برداشت جي به ڪا حد هوندي آهي۔جڏهن امير کي بک لڳڻ شروع ۽ هو ڪنهن اهڙي مييدان ۾ هوندو آهي جتي هن کي پنهنجو کاڌو ميسر ناهي هوندو ته پهريان هو پنهنجي مرتبي مطابق طعام جي ڪوشش ڪندو آهي جيئن جيئن بک وڌندي ويندي آهي تئين تيئن هن جو مرتبو گهٽجندو ويندو آهي معيار ڪرندي ڪرندي سُڪل ماني تائين اچي ويندو آهي ساڳيو حال عالمِ خواهش جو هوندو آهي ،الائي ڇو ان ماني کائڻ تي غيرت جاڳي پوندي آهي ۔
شهزادي به ان سفر ۾ ڏاڍي بُکايل هئي جو هن نوڪر جي گهران ماني کاڌي ان جي خبر هاشم کي پئي ۔
هاشم جي غيرت جاڳي پئي ۽ غيرت جي زهر صبح صادق تائين شهزادي ۽ نوڪر کي ماري وڌو۔هاشم اهو نه سوچيو هو ته هن پوڙهي وجود کي به ماني جي ضروروت هوندي آهي هو به ماني بنان جي نه ٿو سگهي ۔
وڏيري هاشم کي جواني جي بک جو احساس نه هو هي پوڙهائپ ۾ بک نه ٿي سهي سگهيو ته شهزادي جواني ۾ بک ڪيئن برداشت ڪري ۔
ڏوهي بکيو الائي بکائيندڙ ؟

طالبِ دنيا مؤنث
طالبِ عقبى مخنث
طالبِ مولا مذڪر
ها ته مون چيو پئي پنهنجي خواهشات سان وڙهڻ ڪو آسان ڪم نه هو جيڪو مصعود ڪري ها ۔ جواني هئي دولت هئي هر هڪ شي اشاري جي منتظر هئي بس پوءِ هو ان وادي ۾ گهرندو ويو سو الائي ڪيترو پري نڪري چُڪو هو ۔شروع شروع ۾ هن جي پي به ڪوشش ڪئي پر جڏهن پي پُٽن ۾ تقرار وڌڻ لڳي ته ماءُ پُٽ جو پاسو کنيو۔