هڪ گذارش؛

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2009۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو، تازو مون هڪ ڀوڳ موڪليو هو (ڀوڳ ڀوڳ هوندو آهي جي عنوان سان)، جو اسانجي ڪجهه دوستن کي پسند نه آيو ۽ انتي اعتراز ڪيو ويو ... مون اڄ جڏهن ان تي دوستن جا رايا پڙهيا ته سڀ کان پهريان ادي ناز جي حڪم کي عملي جامو پهرائيندي ان ليک کي ختم ڪري ڇڏيو... نه رهيو بانس نه رهي بانسري ... دل وڏي ڪجي ته معاملا فهمي آسان ٿيو وڃي ... اميد ته دوست خوش ٿيا هوندا ...

    پر دوستو ان مطلق آءُ ٻن قسطن ۾ ٻه ڳالهيون چوندس ... هڪ مٺو سچ، ٻيو اڳرو سچ ...
    قسط پهرين : مٺو سچ؛
    1. اهڙيون هزار لکڻيون اوهان دوستن، اوهان ماروئڙن، اوهان سانگيئڙن، اوهان پاڙيچين ۽ ۽ سنڌ واسين تان قربان ... اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني ...
    2. منهنجو علم، منهنجي سگهه، منهنجو وجود سنڌ ۽ سنڌين لئه آهي ته پوءِ هي ليک ته معمولي ڳالهه آهي ... جيتوڻيڪ ان ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه هئي جنهن تي اعتراز ڪيو وڃي جنهنجو تفصيل اڳري سچ جي عنوان سان، ڪجهه واندڪائي ٿيندي ئي موڪليندس ته جيئن اسانجا ذهن ڪجهه صاف ٿين ... ۽ ڪي فڪري ۽ معلوماتي بحث ٿين ... ممڪن آهي ته جي خيال منهنجي ذهن ۾ آهن سي به پنهنجي پڄاڻيءَ تي رسن ...

    سلامن ۽ دعائن ۾ گڏ

    آهي سنڌ جي خاڪ، منجهه مڪي پاڪ،
    الله ڪـــــر آک، ته ملان ماروئـــــڙن ســــان.

    sindhsalamatsaathsal
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    او جيئو مُنهنجا موڀي ڀاءُ شال جُڙيو هُجين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين ڪندو ته مٺي نثار ابڙي ڀاءُ جي ڏات جي سگهه ۾ سدائين اضافو ئي ٿيندو۔۔۔۔۔۔ آمين۔۔۔۔ شال اسان کي ۽ سڀني کي ڪڙا ۽ اُگرا سچ ٻُڌڻ جي
    رب سائين توفيق عطا فرمائي۔۔۔ آمين۔۔۔
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0


    سائين نثار،

    اسان کي نه توهان جي ليک تي اعتراض آهي ۽ نه ئي اسان جا ذهن ايترا ميرا آهن جو توهان کي صاف ڪرڻ جي زحمت پئي ٿئي۔۔
    منهنجي لکڻ جو مطلب صرف ۽ صرف پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪرڻ هو۔ تخليق هر ڪنهن کي پياري هوندي آهي ۽ ان تخليق جو قدر نه ڪرڻ تي اوترو ئي ڏک به ٿيندو آهي۔۔ توهان هڪڙو ڀوڳ مٽايو ان تي توهان کي ايتري تڪليف پهتي آهي جو توهان ان لاء هڪ وڏو آرٽيڪل لکي اهو ثابت ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيو ته توهان ڪيترا صحيح آهيو ۽ ٻيا ڪيتري گهٽ سوچ رکندڙ آهن وغيره وغيره۔

    هر انسان پنهنجي صلاحيتن آهر پنهنجي احساسن کي لفظ ڏئي سگهندو آهي۔۔ ٻروچ پنهنجي سوچ مطابق ڪجهه جملا لکي ته ان کي ايئن چئي مٽايو ويو ته پياري پاڪستان جي گستاخي پئي ٿئي۔۔
    ادا اسد هڪ علمي ڳالهه لکي ته ان کي ايئن چئي مٽايو ويو ته شانِ الاهي جي گستاخي پئي ٿئي۔۔ حالانڪه ان ۾ ڪنهن به حساب سان ڪا به اعتراض واري ڳالهه ڪا نه هئي۔۔
    ۽ جڏهن نثار ابڙو هڪ لطيفو لکي موڪلي ته پوء ڪجهه به نه۔۔۔۔۔

    مون صرف روين تي اعتراض ڪيو آهي، مون کي نه توهان جي لطيفي تي اعتراض آهي ۽ نه ئي مان سمجهان ٿو توهان جي ڀوڳ سان ڪو اسلام کي نقصان آهي۔۔

    خدارا، ڳالهه جو غلط مطلب نه ورتو وڃي۔۔ ڳالهه جيتري آهي، اوتري ئي سمجهي وڃي۔۔ مان پنهنجو فورم سمجهي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه پيو ڪريان۔۔ مون کي توهان غلط چئو، ان ۾ منهنجي ڪا گهٽتائي ڪو نه ٿيندي۔۔ ليڪن جيڪا ڳالهه محسوس ڪئي سنگت سان شيئر ڪيو۔۔ سنگت ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه چوڻ گناهه ڇو ٿو سمجهيو۔۔

    روين جي نشاندهي ڪرڻ جو مطلب اهو هوندو ته ان ۾ سڌارو آندو وڃي، اگر غلطي آهي ته ان کي قبول ڪيو وڃي، نه ئي اهو ثابت ڪرڻ جي ۡڪوشش ڪئي وڃي ته ڪنهن ۾ سهپ ڪانهي، ڪنهن جو هاضمو خراب آهي، ڪوئي ٻروچ ڇو ٿو سڏرائي، وغيره وغيره

    مان اهو مڃان ٿو ته منهنجو هن فورم تي تمام گهٽ فعال رهيو آهيان ۽ لکڻين جي حوالي سان به منهنجو حصو تمام گهٽ رهيو آهي۔ ان حساب سان ٿي سگهي ٿو مون کي اعتراض ڪرڻ جو حق نه به هجي پر مان وري به اهو ئي عرض ڪندس ته رويو سڀني لاء ساڳيو هجڻ گهرجي

    وڌيڪ منهنجي لاء جيڪو حڪم، مان ٻانهي جو ٻار

    غريب ٻروچ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوست ٻروچ، ڇاڪاڻ جو اوهان منهنجي ان قينچيءَ جي حوالي ٿيل ليک کي سراسر گستاخيءَ جو لفظ ڏنو هو سو مون ان گستاخيءَ جو ازالو ڪرڻ ٿي چاهيو ... مون جيڪو اڳرو سچ لکڻ شروع ڪيو هو سو حقيقت ۾ ڇا هو، نج علمي بحث ... پر هاڻ مون بس ڪئي جو متان وري اوهان ان بحث کي به پنهنجي ذات ڏانهن ڇڪي نه وڃو!!!

    اهو بحث انسانن ۽ ملائڪن جي حيثيت تي هو، اهو بحث قرآن جي آيتن جي حوالي سان هو ... اهو بحث ان نوري مخلوق ۽ هن ترابي مخلوق جي اهميت جي ڀيٽ سان هيو ... ان نوري مخلوق جي علمي ڄاڻ ۽ هن ترابي مخلوق جي اشرف المخلوقات واري حيثيت جو هو ... پر هاڻ جو اوهان منهنجن پهرين لفظن کي ئي پاڻ تي تنقيد سمجهيو ته ٻين لفظن سان ته مڏي ڪاتي هٿ ڪري، هن دل کي ڳڀا ڳڀا ڪندئو ... سو اسان بس ڪئي !!!

    مٺا دوست! اسانکي تون پيارو آهين ... بلڪ شاه جي بيتن جيئان ٻانهي ٻاروچن جي ...

    اوهانکي هڪ نماڻو عرض آهي ته دوستن جون ڳالهيون دلين ۾ نه رکندا ڪريو ... سٺي ڳالهه آهي چئي ڏيندا ڪريو ...

    باقي آءُ به سائين نثار ناز کي هيٺيون عرض ضرور ڪندس؛

    سنڌ سلامت تي پيش ڪيل لکڻين تي قينچيءَ جي استعمال سان هيٺيان نقصان واقع ٿينٿا ...
    1. محنت ۽ وقت رائگان ٿئي ٿو...
    2. دل ۾ وسوسا پئدا ٿين ٿا ...
    3. لکڻ واري جذبي ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي ...
    4. ممڪن ٿي ته ميمبر پنهنجي ميمبري تان ئي هٿ کڻي وڃي ...

    انڪري قينچيءَ جي استعمال ۾ احتياط ڪيو وڃي، اها منهنجي گذارش آهي ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    قبلا سائين نثار ابڙو جن جي خدمت ۾ باادب گذارش آهي ته پاڻ اهڙن صدمن ڀري ڳالهه سان پاڻ کي ڏک ۾ نه رکن اسان کي اوهان جهڙن محبوب شخصيتن جي شديد و اشد ضرورت آهي باقي دوستن جي راء جي ڳالهه آهي سا هر ڪنهن سان موافق ٿيڻ ضروري نه آهي هر انسان تي ڪجهه ماحولي ڪجهه خانداني ڪجهه فطري اثرات هوندا آهن ان ڪري هر ڪنهن جي سوچ ۾ فرق ته ضرور هوندو ليڪن مان اوهان جي خادم جي حيثيت سان هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪيان ته ڪجهه ڳالهيون جن سان ڪنهن به دوست جي دل کي ڪو رنج پهچي انهن کان جيڪڏهن ٿورو ڪنارو ڪجي ته منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪا قباحت نه ٿيندي بشرطيڪ ان رنج پهچندڙ ڳالهه ۾ ڪا 25 فيصد جيتري حقيقت به موجود هجي اوهان واري لکت ته منهنجي ذهن ۾ نه آهي پر هڪ عرض اهو ڪندس ته اسان سڀ مسلمان ڀائر آهيون ان ڪري اسلام جي لحاظ سان ڪا ڳالهه مذاق واري نه هجي ته بهتر آهي اوهان صاحب علم آهيو خوب سمجهو ٿا ته جيڪڏهن اسين خود پنهنجو دين سان مذاق ڪنداسين ته باقي ڪير ادب سيکاريندو اوهان کي علامه ثناء الله پاني پتي رحمه الله عليه جي عبارت ذهن ۾ هوندي ته الاستهزاء بالدين ڪفر مقصد ته منهنجو ڪنهن لاء به تنقيدي گفتگو جو هرگز خيال نه آهي ليڪن هڪ اسلامي مفڪر جو قول اوهان جي اڳيان پيش ڪيو آهي مان ته اوهان جي اڳيان هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪيان ته هن کي پنهنجي ذات لاء نه سمجهندا فقط عام معلومات لاء عرض ڪيو آهي
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا نثار ابڙا اسان کي توهان جي انهيءَ علمي مضمون جو شدت سان انتظار رهندو، مٺا نثار اسان جي هٿن ۾ ڪا به قينچي ڪانهي، توهان ڏسو ته هزارين لکڻيون سنڌ سلامت تي موجود آهن، انهن مان صرف ڪنهن هڪ اڌ لکڻي تي منهنجي طرفان قينچي هلي آهي ان قينچي هلڻ ۾ مونسان مسئلو اهو آهي ته جيئن توهان ٻُڌو ڪونهي ته مُدعي خاموش ۽ سُڪون سان آهي پر گواهه انتهائي چُست ۽ برجستو آهي، منهنجا رويا سڀني لاءِ برابر آهن ڪو ماڻهو گوٻاٽو هڻي ۽ پوءِ هلڪي چهنڊڙي به برادشت نه ڪري اها ڳالهه مونکي حيرت ۾ وجهندڙ جهڙي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جهڙي طرح ڪو لکندو ان جو جواب ته ضرور ڏيڻو پوندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان ته سنڌ سلامت جي هر دوست جو دعاڳو رهيو آهيان، مان ادا ٻروچ جي ڪنهن لکڻي کي بلاڪ ڪيو هُجي ته ڏوهه جو ڏوهاري آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي سائين ڄامشورائي جي لکڻي کي بلاڪ ڪيم اها سموري حقيقت سائين ڄامشورائي جي گوش گُذر ڪيم، ۽ اهو خالص فورم جو انتظامي معاملو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين ڄامشورائي پنهنجون لکڻيون موڪلي پيو دعا سلام هلي پئي ، پر ان ڳالهه کي ڪير به ٻيو جيڪو انهي شيئرنگ سان واسطو ئي نٿو رکي خامخواهه انا جو مسئلو بنائي لاڪ ٿيل مضمون جا وري حوالا ڏئي انتظامي معاملات ۾ ٽنگ اڙائي ته ڏک ته ٿيندو نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ ئي چيائين ته ڇو اڃان ان مضمون کي لاڪ نه ڪيو ويو آهي، سو ادا توهان دل وڏي ڪري اها پوسٽ ئي ڊيليٽ ڪري ڇڏي۔۔۔۔۔۔۔ ان کان پوءِ توهان پنهنجي انهيءَ ڳالهه تي قرآني حوالن سان معلومات جي ڳالهه ڪئي ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه توهان لکي مان ته شدت سان توهان جي انهيءَ مضمون جو انتظار پئي ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ٻروچ به منهنجي ڊليٽ ڪيل پوسٽ جي حق ۾ ڪو قرآني، علمي، ڪو مضبوط دليل لکي ها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ته دل جي گهرائين سان ان جي آجيان ڪريون ها باقي ڪير جذباتي انداز سان اهو لکي ته اسان ٻه اکيائي ڪريو ويٺا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اهو سراسر نا انصافي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي دوستن خاص ڪري سنڌ سلامت جي سمورن دوستن مونکي محبت سان جيڪا سرپرستي واري پڳ ٻڌائي آهي............. ان پڳ جي ڪري ڪير سمجهي ٿو مان ڪنهن سان نا انصافي جو قصور وار ٿيو آهيان ته دوستو توهان سڀني پيارن کي مودبانه گُذارش ٿو ڪريان براءِ مهرباني مونکي انهي سرپرستي واري انتهائي اهم ترين منصب کان آجو ڪيو وڃي ته توهان سڀني دوستن جو دل جي گهرائين سان شڪر گُذار رهندس............
     
  7. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين وڏا،
    جيڪڏهن توهان کي ايئن محسوس ٿيو ته مان توهان جي بي ادبي يا گستاخي ڪئي آهي ته
    پنهنجن ٻارن جيان ٿوري گهڻي شرارت يا ناداني سمجهي معاف ڪندا۔
    ٻروچ دل جو ايترو برو ڪونهي، ٿي سگهي ٿو ٻروچ جو انداز ڪجهه تلخ هجي، ان لاء معذرت۔۔

    اميد توهان پنهنجي ڪاوڙ ختم ڪندا۔۔۽ ڏک به ڪو نه ڪندا
    توهان جي لاء هي نذرانو۔۔ اميد ته قبول پوندو

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    sindhsalamatsaathsal
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا رحيم بخش،
    حق موجود؛
    مهرباني ادا سائين! اوهان دوستن کي ايترو مان ڏيو ٿا، مٺا سائين اوهانجي سٺي طبيعت ۽ سوچ اسانجي لئه هڪ تحفو آهي ... اوهان جهڙا دوست اسانجي سٿ جي سونهن آهن ...

    اسانجي سنڌ جي سڄڻ سياستدان سائين آريسر صاحب جي هڪ تقرير جو جملو ياد ٿو اچيم ته؛

    ” ڪاوڙ ٻن قسمن جي هوندي آهي، هڪ ڪاوڙ دشمن سان ٻي ڪاوڙ پنهنجن سان ٿيندي آهي، پهرين ڪاوڙ جيتري سگهاري ۽ پائيدار هوندي اوترو ماڻهون دشمن کان محفوظ به رهندو ۽ مقابلو به ڪري سگهندو پر پوئين قسم جي ڪاوڙ نرم ۽ ٿورڙي وقت ۾ ختم ٿيڻ واري هجڻ کپي ... ته جيئن پنهنجائپ وارو وهنوار هلندو رهي ...“

    سو مٺا سائين اسين دوست هڪ اوطاق تي گڏ ٿي هڪ ٻئي سان ذهني ۽ فڪري ڏي وٺ ڪري رهيا آهيو ... ممڪن آهي ته ڪٿي ڪا ڪاوڙ ٿي به وڃي پر اها ڪاوڙ پنهنجائپ واري هجي جو پنهنجائپ جو وهنوار ان ذريعي ئي هلندو آهي ... اسين سڀ دوست پاڻ ۾ آهيون، پنهنجا آهيون، دوست آهيون، قومي ۽ ثقافتي رشتن ۾ جڙيل آهيون ... نه ته هڪ ٻئي کي ڪو کاڌو کارايون ٿا نه هڪ ٻئي جي ڪا مادي يا جسماني مدد ڪريونٿا ... مطلب ته اسين هڪ ٻئي جي ڪڙي تي ناهيون ... پر تنهن هوندي به پنهجو رشتو پيار جو سڪ جو ۽ وڏي ڳالهه ته قومي آهي، جنهن سبب هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهيون ...

    ٻي ڳالهه جا ذهن ۾ هر هر اچي ٿي اها آهي ڀٽائي ڀلاري جي هيءَ آيت؛

    ويٺي جني وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
    تون تني سان اڏ، اوڏا اڏي پکڙا.

    ويٺي جني وٽ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي،
    سا محفل ئي مٽ ته، حاصل ٿئي حضور کي.

    سو ڀائڙا سڪ جو سودو آهي جي اسان سڀني دوستن کي هڪ ٻئي جي ساٿ سان مزو اچي ٿو، ڪي علمي ۽ فڪري نقطا هٿ اچنٿا ته ساٿ هلندو رهي ۽ جي ڪو ايئن سمجهي ته سندس ڏکن ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ ڪجه حاصل ٿيڻ بجاءِ نقصان ٿئي ٿو ته محفلون کوڙ ... سنڌ جو هر گهر هڪ ننڍڙي اوطاق آهي ...

    ڳالهيون ته الائجي ڪيتريون آهن جي شايد نه کٽن پر تنهن هوندي به اوهانجا لک لائق جو اوهان پنهنجائپ جو احساس ڏياريو ... دوست ٻروچ به اسانجو ڀاءُ آهي، اسانجي اوطاق تي ايندڙ هڪ دوست آهي، قومي جذبي سان سرشار آهي، کيس سنڌ سان پيار آهي، سو اسانجي خامين ۽ سٺائن تي ڳالهائڻ جو کيس حق آهي، اسانکي انکان ڪو به رنج نه آهي ۽ خاص اڄ جيڪي ميوي جا ٽوڪرا موڪليا اٿس سي به اسانجي اکين تي ...

    رب العالمين اسانجي رهنمائي ڪندو رهي ... آمين

    sindhsalamatsaathsal
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    اي ڪاش مونکي تحفا موڪليندڙ دوست ٻروچ جا ٿورا ادا ڪرڻ ڏنو وڃي ها۔۔

    مٺا ٻروچ شال جُڙيو هجين ۔۔۔۔ تنهنجا تُحفا منهنجي لاءِ ڪنهن ناياب ۽ انمول سوکڙيءَ کان گهٽ ناهن۔۔۔۔ لک لائق۔۔۔۔۔۔۔۔ مان تنهنجي انهي بي لوث محبتن جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔۔۔۔۔۔۔ چريا اها سوچ ئي دل مان ڪڍي ڇڏ ته سنڌ سلامت جي ڪنهن ساٿي کان مان ڪاوڙيل آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔

    هي ڪجهه گُل آهن جيڪي پيش ڪريان ٿو۔۔۔۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    منهن جو خيال آهي ته جنهن به ميمبر کي انتظاميه ۾ شامل ڪري اختيار ڏنا ويا آهن انهن جي باري ۾ انتظاميه پوري طرح ڄاڻي ٿي۔۔۔ ته هو ان جي قابل به آهي يا نه ۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو فورم تي فعال هجڻ يا نه هجڻ کان سواءِ لکڻين جي تعداد کي به نظر انداز ڪيو ويو آهي۔۔۔
    تنهن ڪري سڀني ميمبرن بشمول ٻروچ کي آگاه ٿو ڪيو ويو وڃي ته بهتر رهندو ته انتظامي فرائض انجام ڪرڻ تي اعتراض نه ڪيو وڃي۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن جي لکڻي تي ڪنهن کي اعتراض ٿو ٿئي ته هُو رپورٽ جو اختيار استعمال ڪندي ان تحرير تي اعتراض ڪري سگهي ٿو انتظاميه پنهنجي سِر تحقيق ڪندي ان موضوع يا تحرير خلاف فيصلو ڪندي ۔۔۔ ان سلسلي ۾ بحث ڪري موضوع کي وڌائڻ سان نه صرف پنهنجي ڪم عقلي جو اظهار ٿئي ٿو پر ڪنهن جي دل آزاري پڻ ۔۔۔
    ان ڪري بعد جي معزرت کان بهتر آهي ته اهڙو عمل ئي نه ڪيو وڃي۔۔۔
    سڀني ميمبرن کي هڪ دفعو وري گذارش ٿي ڪجي ته تنقيد براءِ اصلاح وارو طريقي ڪار تي عمل پيرا ٿين نه ڪي تنقيد براءِ تنقيد۔۔۔

    ڇو ته موضوع پنهنجي مطلب حاصل ڪري ورتو آهي ان ڪري هن موضوع کي هتي بند ڪيو پيو وڃي۔۔۔
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو