رافيل سيڊيناس

'مختلف موضوع' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    وينزويلا جو شاعر
    `````​
    رافيل سيڊيناس
    2189 اٽيچمينٽ ڏسو

    رافيل سيڊيناس جو جنم سنه 1931ع ۾ شهر بار ڪئيسميٽو ۾ ٿيو اِهو ملڪ وينزولا جو هڪ ننڍڙو پر ڪنهن مصري عورت جهڙو حسن رکندڙ شهر آهي.رافيل شاعريءَ جي پوک، ننڍپڻ کان ئي پوکڻ شروع ڪئي هن جو پهريون مجموعو هن جي پندرهن سالن جي عمر ۾ شايع ٿيو. هيل تائين انيڪ مجموعا شايع ٿي چڪا اٿس. هن جو ڳاڻيٽو وينزويلا جي وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو.رافيل جا نظم ڪنهن ننڍڙي ٻار جيترا ننڍڙا، معصوم ۽ سچ آهن، جن کي پڙهڻ سان رافيل ۽ شاعريءَ تي اڃا موهه وڌي وڃي ٿو.هي سنس مختصر نظم آهن، جيڪي پڙهندي من اڇلون کائي ٿو

    وقتُ
    اِها ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي ته،
    وقت،
    هُن جو بدن آهي،
    واريءَ تي.

    رات
    رات،
    دروازن سان،
    ڳالهائيندي آهي.

    معصوم اکيون
    معصوم اکيون،
    وڃايل شهر به،
    فتح ڪنديون آهن.

    منجهند جو گل
    منجهند جو گل،
    هميشہ،
    زخم مٿان،
    ٽڙندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو