غزل
عبدلغفار تبسم
هو سمنڊ ڪناري تي، ڪلهه چنـــڊ ڏسڻ آئي
هـــڪ چنڊ تماشو هو، هـــــڪ چنــڊ تماشائي،
لهرن جي ڇهـــائن ۾، چاهـــت جــــي گرمجوشي،
پگهرائي وئي هُن کي، احساس جي ڪِتـــِڪَـائي۔
هو سونهن سنوارڻ لئه، سينگار ڪرڻ بيٺي،
اڳ ۾ ئي سندرتا جي، ديوي ٿي لڳي ڪائي۔
نيڻن جي نهارن سان، هُـن چنـــــڊ جهلايو پئي،
پنبڻين جي هندوري ۾، هن رات پئي جهومائـي۔
