عبد الغفار تبسم هو سمنڊ ڪناري تي، ڪلهه چنـــڊ ڏسڻ آئي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل
عبدلغفار تبسم
هو سمنڊ ڪناري تي، ڪلهه چنـــڊ ڏسڻ آئي
هـــڪ چنڊ تماشو هو، هـــــڪ چنــڊ تماشائي،
لهرن جي ڇهـــائن ۾، چاهـــت جــــي گرمجوشي،
پگهرائي وئي هُن کي، احساس جي ڪِتـــِڪَـائي۔
هو سونهن سنوارڻ لئه، سينگار ڪرڻ بيٺي،
اڳ ۾ ئي سندرتا جي، ديوي ٿي لڳي ڪائي۔
نيڻن جي نهارن سان، هُـن چنـــــڊ جهلايو پئي،
پنبڻين جي هندوري ۾، هن رات پئي جهومائـي۔
11509_10200513824386333_16306616_n.jpg
 
هـــڪ چنڊ تماشو هو، هـــــڪ چنــڊ تماشائي
واه واه
لک قرب سليمان سائين بهترين ونڊ
ڇا ڳالهه ڪجي تبسم جي۔۔
 
Back
Top