• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نياز همايوني

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
سِينڍ ۾ مارئي
اڻ ٿيڻي مان ٿيڻي ٿي پئي، ٿيڻي مان اَڻ ٿيڻي ٿي​
ڳهڻي جيڪا ڳالهه ڳڻي هئي، سا ته نه ليکي لَهڻي ٿي​
جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀَرڻي، ڪهڙي ڪرڻي، ڀرڻي ٿي​
”آدم بُو“ چئي هر ڪو ويٺو، ثابت پنهنجو صِلو ڪري​
آهي ڪو جو سج لٿي کان پوءِ اٿي ڪو بِلو ڪري​
واٽن مان ڪا واٽ ڏسي، جا واٽهڙوءَ جو ڀلو ڪري​
ڌرتيءَ کان جو ڌڪجي نڪتو، نانگ نِسورو بڻجي ٿو​
پاڻ وڻائڻ ڪارڻ پهريان، ڏاڍو ڀورو بڻجي ٿو​
آخر سڀ جو جاني دشمن، اهڙو ڳورو بڻجي ٿو​
هوريان کڻ تون پير اوپياري! دهڪي تي دل ڌڙڪي ٿي​
چوڌاري شاهينگ ڇتا، اڄ اک اک ڄڻ رُڪ رڙڪي ٿي​
هونءَ ته دنيا ڪپهون ڪونئري، ڪُڇّ ته وڄ جان ڪڙڪي ٿي​
مسڪينن جي غم ۾ ويهي، ڪاڳر ڪارا ڪرين پيو​
ڪنگ جئان هڪ ٽنگ تي بيهي، تن جي ڳڻتيءَ ڳرين پيو​
جڏهن ڏسين ٿو چوکو مال ته، نانگ جئان ٿو ورين پيو​
ڀت بنياد تي ويندي آهي، اوهان به ساڳيو روپ رکيو​
ٻاهر هڪڙي اندر ٻي، بس اهڙو ئي ٻهروپ رکيو​
اوهان جي آڏو شوڪارا ڄڻ بُت اڳيان ڪنهن ڌوپ رکيو​
يار اَجيدٽڻ! جڏهن ٿئي دل، هيڪانديءَ دل وارن سان​
پوءِ جدائي ڪهڙي آهي، ڪر نه پچار پيارن سان​
ياري آهه مُحابي سانگي، ياري ناهه ميارن سان​
ڀيچ پٽائي ملڪ مٺائي، سنڌڙيءَ جي ڪار سار لهيج!​
سهڻا سائين! ڀال ڀلائي اهڙي ورندي وار لهيج!​
جن پارن کان پرتي آهيون، پرکي سيئي پار لهيج!​
سچل سچل ڪردي ڪردي- آپي سچل ٿيسان مئين​
مين رانجھن دي راجھن ميڏا، کيڙا گھول گھتيسان مئين​
جنهن تڙ رانجهو منجھيان چاري، تنهن تڙ باغ بڻيسان مئين​
مَن ڪر تون ميدان فريدڻ! دَڙا دِڪيون سڀ ڊاهي ڇڏ!​
دوزخ ڀيڙو ٿيندين ڪين، دليل هي دل تان لاهي ڇڏ!​
اهڙي پارين پنهنجو رستو پاڻ ئي پيارا ٺاهي ڇڏ!​
چلتي چڪّي ڏسندي ڏسندي، ديا ڪبيراروءِ ميان!​
اُٿلي ٻن پُڙن جي وچ ۾، ثابت رهيو نه ڪوءِ ميان!​
پاڻ ته هڪڙي پُڙ ۾ پورا، کٽبي ڪهڙي گوءِ ميان!​
تسلي هڪل ڪئي ته ڪبيرا، ڪِلّيءَ سان چِت لاءِ هلي،​
ٻنهي پُڙن جي وچ ۾ پاڻ ئي ثابت ٿي ديکاءِ هلي​
يار نياز اها ٽل سولي، تون ڀي مَشق پچاءِ هلي​
ميرو درد نه جاڻي ڪوئي، ميران وٺي پار ڪڍي​
ماڻهو پورا مٿي کنهڻ ۾، ڪير اَٽي مان وار ڪڍي​
هر ڪو لانگڙ لاءِ ٿي وڻ جان، ڏار منجھان پيوڏار ڪڍي​
هٿراڌي ماحول ۾ هرڪو، ڪِرت ڪري هٿراڌي هو!!​
چُڪڙي چاڙهي ويٺو پاڻ پڏائي هراپراڌي هو!!​
آکي باهو حق باهو، اڃ اسان به چُپڙي ساڌي هو!!​
ڪلر منجھان ڪي ورڻو ناهي، سعدي هيئن سمجھائي ٿو​
هن ۾ ٻِجّ ڇٽڻ ئي اجايو، جو هي ڪجھ نه اپائي ٿو​
چوندا ناهن، ”ڪلر ڪئي توڪانه“ اهو ورجائي ٿو​
هيڏا هاڃا تڏهن به ڪنهن جي مَن ۾ ڪو ڀَو، ڀولو ناهه​
ياد رکج رولاڪ ته ڪنهن کان ماڳ ڇڏائڻ سولو ناهه​
پنهنجي اوڙڪ اوکي ڪئي تو، ٻي کي الڪو اولو ناهه​
هي ڙي مامل! مار گدڙي جي زال ته ٻائيتال کُٽي​
ڄمي نه ڪوئي وياءُ گدڙ جو، ائين سڄو جنجال کُٽي​
وري ڪروڌ نه پيدا ٿي ڪو، وري نه ڀاڳ ۽ ڀال کُٽيا​
چو ته ويهي پاڻ ئي پنهنجا پڌرا سڀ پرڪار ڪجن​
پنهنجا عيب ثواب ته ڏسجن، ڇو ٿا ٻي تي وار ڪجن​
اهڙيون جُٺيون ڪري ڪي هلڪا، پنهنجي دل جا بار ڪجن​
ماڻهن کي جو مسيج ڏنو ٿي پٿر سو اڄ کڻون هلي​
پهريان پنهنجو مٿو ڦاڙي، پوءِ ٻين کي هڻون هلي​
اهڙيءَ ريت نياء ڪري، نياء جون کنڌيون کڻون هلي​
سچ کان لوڪ لنوائي ٿو، ۽ ڪوڙ پٺيان ٿو هِيس ڪري​
نيڪيءَ بدلي بديءَ تي هر ڪو هڪ ٻي سان ٿو رِيس ڪري​
يار ”نياز“ هي دنياداري، ڪيڏا ويٺي ڪِيس ڪري​




جيئي سنڌ، جيئي سنڌ
اڀرن سڀرن کي سرچائي، سڀ سان ڀال ڀلائي پئي،
مِهر مهابي جڳ ورسائي، پنهنجو پاڻ ملهائي پئي،
پيار لکائي اهڙو جهڙي، پاڻ ملاهائي پئي،
پيار لکائي اهڙو جهڙي، پاڻ ملهائي پئي،
پيار لکائي اهڙو جهڙي، پاڻ پياري سنڌي،
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ
جيڪي ڄميا جيڪي ٿَميا، هڪيا تڪيا سڀ،
سيئي پالي سيئي تاتي، اُڃيا بکيا سڀ،
سڀ سان سَنمک ليڪن، ڌارئي ڪارڻ ڌاري سنڌ،
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ
سنڌو ڀاڳ سڀاڳ جي، روپي سوني ريکا سنڌو،
امرت اوتي گلن ڦلن جي، ڪري ٿي ورکا سنڌو،
سنڌو ساگر آهه ته ساگر وانگ سگهاري سنڌ،
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ
جيئي سنڌ سڀاڳي سنڌ- هي سونهاري سنڌ!
جيجل سنڌ- سٻاجهي سنڌ- سرجڻهاري سنڌ!
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ!!
هي مريادا ساڻ مُهانڊي، مَڻيا مرم واري،
سڀ جي ڀلائي گهري سدائين، ڀلي ڀرم واري،
اهڙي آرين اهڙي پارين، ڀلئون ڀلاري سنڌ،
 
نيڪيءَ بدلي بديءَ تي هر ڪو هڪ ٻي سان ٿو رِيس ڪري​
يار ”نياز“ هي دنياداري، ڪيڏا ويٺي ڪِيس ڪري​
تمام سهڻي چونڊ ۔۔۔ نياز همايوني جي لاجواب شاعري​
 
Back
Top