مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو (نظم)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سموري دنيا جا پيارا سنڌي دوستو۔۔۔۔۔۔۔۔ السلام عليڪم۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نمستي۔۔۔۔۔۔۔۔ جيئي سنڌ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڪافي ڏينهن پهرين سنڌ سلامت لاءِ هڪ لوگو تيار ڪيو هُئم جنهن ۾ سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت ڍڳي گاڏين جي قطار ڏيکاري هُئم انهيءَ لوگو ۾ هي ٻه سِٽو شعر ته
    مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو،
    گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو​

    لکيو هُئم، ان ٻه سٽي شعر جي لکڻ کان پوءِ اندر ۾ اها آس هُئي ته انهي جيجل سنڌ سان محبت جي اظهار واري ننڍي شعر کي ڪنهن غزل يا ڪنهن نظم جي رنگ ۾ آڻيان۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪافي ڏينهن کان هڪ هڪ سِٽَ لکي لکي اڄ انهيءَ ٻه سٽي شعر کي نظم جي رنگ ۾ رنگيو اٿم، ۽ پاور پوائينٽ ۾ هڪڙي غريباڻي ڊيزائن ۾ آڻي توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين ڳالهه منهنجي جنم ڀومي جيجل ڌرتي ماءُ سنڌ جي آهي، سنڌ سان پيار جي آهي، توهان هن نظم کي ڪيئن ٿا ڀانيو، هي ٽي درجي وارو شاعر توهان جا واڌو ۽ ڪاٽو ٻنهي قسمن جا رايا ٻُڌڻ جو انتهائي آرزومند آهي۔۔۔۔۔۔۔

    [​IMG]
     
  2. خدابخش

    خدابخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ماڳ:
    شهدادپور
    پيارا سنڌي دوستو

    السلام عليڪم
    جيئي سنڌ

    ادا هي نظم تمام بهترين آهي۔


    توهان جو پنهنجو
    خدابخش
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين نثار ناز
    هن نظم جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽِ ... اوهان سنڌ ملڪ سان جنهن ناتي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ جنهن زمان کان هن ڌرتيءَ سان ناتي جي جڙڻ جو ذڪر ڪيو آهي ... ان ساڳئي فڪر کي سهڻي لطيف ڪجهه هنن لفظن ۾ ڳايو آهي ...

    الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم
    قالوا بلا قلب سين، تڏهن تت چيوم،
    تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙيهيچن سين.

    سائين ناز! اوهانجي چپڙن تي۔۔۔ جي سنڌ جا گيت آهن ... جي دعائون آهن شال اسان سڀني سنڌ واسين جي وات ۾ اهي دعائون هجن ...

    دوست هڪ هنڌ اوهان لفظ سائيڻ لکيو آهيو ... شايد اهو لفظ جي آءُ غلط نه هجان ته سانئڻ آهي يا جي آءُ غلط هجان ته اوهان ٻڌائجو ...
    رب العالمين اوهانکي ان ناتي سان ڳنڍيل ۽ حيات رکي ته جيئن اسانکي اهڙا من موهڻا نظم ملندا رهن ... ۽ اسانکي اهڙن گيتن سان اها سگهه ملي جو سنڌ وطن جي هر ڏک جو مدائو ڪري سگهون ... آمين

    shal judy hujeen
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    السلام عليڪم ماشاء الله سائين نثار صاحب واقعي پيارو نظم آهي مگر سائيڻ جي جاءِ تي سانئڻ ٿيندو ۽ ان ۾ صرف ڪتابت جي ئي غلطي آهي
    واھ سائين واھ
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا خُدابخش شال جُڙيا هُجو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جو انتهائي ٿورائتو آهيان جو توهان مون ٽي درجي واري شاعر جي همت افزائي منهنجي هن نظم کي تمام بهترين نظم چئي ڪئي۔۔۔۔۔۔ مهرباني مٺا۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙا۔۔۔۔۔ لطيف سائين جي بيت الست بربڪم وارو حوالو ڏيئي تو منهنجي دل ۾ ٿڌاڻ ڀري ڇڏي۔۔۔۔۔ جيجل سنڌ سان واقعي اسان اڀاڳن سنڌين جو رشتو ئي اهڙو آهي۔۔۔۔۔۔ جو جيترو به اسان جيجل سنڌ سان پيار ڪريون اهو گهٽ آهي۔۔۔۔۔ مٺا نثار سنڌ سان اهڙي جند جُڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا۔۔۔۔۔۔۔ باقي سائيڻ واري لفظ تي مان پاڻ هٻڪيس پي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لفظ سانئڻ ئي درست آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان منهنجي صورتخطي واري غلطي درست ڪئي لک لائق۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪوشش ڪري انهي تصوير کي هٽائي درست صورتخطيءَ وارو لفظ سانئڻ لکي نئين تصويري شاعري لڳائي ڇڏيندس۔۔۔۔ لک لائق توهان جي همت افزائي منهنجي لاءِ مشعل راهه آهي۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سائين عبدالغني شال جُڙيو هجين۔۔۔۔۔۔ توهان مون مسڪين جي نظم کي پيارو نظم چئي منهنجي دل وڌائي آهي۔۔۔۔۔ توهان جي همت افزائي جا جيترا به ٿورا ادا ڪريان تمام گهٽ ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين توهان کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي۔۔۔۔۔ آمين باقي سائيڻ واري غلطي کي تسليم ڪري نوٽ ڪيو ويو آهي، اول خير هڪ ٻن ڏينهن ۾ اها صورتخطيءَ واري چُڪ ختم ڪري نئين تصوير اپلوڊ ڪري ڇڏيندس۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب شيئرنگ آهي سائين

    بهترين
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني سائين وحيد ڦلپوٽا جو توهان کي مون مسڪين جي شاعري سدائين بهترين لڳندي آهي۔۔۔ لک لائق۔۔۔۔۔۔
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    قبلا سائين نظم پيارو آهي هڪ صورتخطي جي خطا ۾ هن عاجز طرفان به عرض آهي ته جيئن سڀني دوستن جي اصلاح ٿئي اضهار کي جيڪڏهن اظهار لکجي ته منهنجي خيال ۾ درست ٿيندو هي تنقيد نه سمجهندا پر اوهان جي چواڻي ته هي سکڻ ۽ سيکارڻ جو ميدان آهي ۽ تنقيد برائي اصلاح هجي ته ڀلي آهي اهو پهلو مد نظر رکي عرض لکيو اٿم ڪٿي نگيٽو رنگ ۾ نه رنگجي وڃي۔ ان ڪري اڳئي عرض ٿو ڪيان ته وڏن کان غلطي نه پر لغزش ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي اصلاح جهڙي نموني ٿئي ته ڪجي منهنجي خيال ۾ بهتر آهي ۔ڪاٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سائين توهان جنهن لفظ اضهار جي صورتخطيءَ جي درستيءَ جو لکيو آهي سو سائين نثار ابڙي صاحب درست ڪري ڇڏيو آهي بلڪل سائين مون سان اها ويڌن آهي ته هڪڙي تلفظ جي اُچار وارن لفظن کي مان هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇڏيندو آهيان۔۔۔۔۔ جيئن (ت) (ط) (ح) (هه) (ز) (ض) (ظ) (ذ) (س) (ث) (ص) سائين رحيم بخش صاحب مان انتهائي ٿورائتو آهيان جو توهان اسان جي صورتخطيءَ کي انتهائي پياري ۽ سُهڻي انداز سان سُڌاريو ۽ سنواريو ٿا۔۔ توهان کي منهنجو نظم سُٺو لڳو لک لائق۔۔۔۔۔۔ پيارا سموري زندگي سکڻ ۽ سمجهڻ جو نالو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يقين ڄاڻو توهان ڄاڻو ماڻهن جو ساٿ اسان لاءِ هڪ وڏو اثاثو آهي۔۔۔۔ شال جُڙيا هُجو۔۔۔ سنڌي سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو