من- ڀوڏيسر جِئن

'مختلف موضوع' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    من- ڀوڏيسر جِئن
    2194 اٽيچمينٽ ڏسو 2194 اٽيچمينٽ ڏسو

    انيڪ سوال بڻجي ويندو آ جيون- جڏهن سمجھ جا سرا ملي نه سگهندا آهن-!
    پر ”ڇو-؟“ جي سڏ جو مقدر صرف ان جو ئي پڙلاءُ هوندو آهي، ڇو ووو ووو....؟
    ايڪو (Echo) ۾ گونجندڙ آواز- ۽ موٽ ۾ اڪيلائيءَ جو روح ڏڪائيندڙ احساس-
    من اندر ۾ سڏ سڏ جو سڏڪي پوڻ ۽ سڏڪي سڏڪي نيٺ سسئي وانگر هر سڏ جو پاتال ۾ سانت ٿي وڃڻ-!
    سڀڪجھ ئي ته ٿي ويو آ- نه ڄاڻ ڪهڙي پل کان ۽ نه ڄاڻ اڃان ڪهڙي پل تائين-!
    پس منظر ۾ پسڻ لاءِ صرف يادون ئي ته رهجي ويون آهن-؛ تنهنجي محبت جون /تنهنجي نفرت جون-! ڏيڻ ۽ واپس وٺڻ جي وچ واري گهڙيءَ ڪيتري نه مختصر هوندي آ. مان صرف ان ئي گهڙي ۾ جِي رهيو هان. جي ڇا! مري رهيو هان، ان گهڙيءَ ۾ مسلسل-! جيئڻ جو ڪارڻ چاهيو هئم،- پر انت جيون انيڪ پيڙائون بڻجي ويو- مرڪ مون کي ڊائورس (Divorce) ڪري ڇڏيو هو، ۽ لڙڪ لِيڙ لِيڙ جو جو مقدر بڻجي ويا هئا. آشرم ته ڪٿي هئا پر اجھو ڪٿي به نه هو- ان پل ڏاڍو سڏيو هئم توکي، آشا! آشا! آشا! پر تو تائين ته منهنجا پڙلاو به پهچي نه سگهيا- اڪيلائي جو احساس من ۾ ڪنڊن وانگر چڀڻ لڳو / لڳندو آهي.
    ياد اٿم، تون اڪثر پڇندي هئينءَ، موهن! تون ايڏو ماٺ ڇو هوندو آهين- ۽ مان تو ڏانهن ڏسي مرڪي ڏيندو هئس، ۽ هڪ دفعي توکي چيو هئم. آشا اسان جي ماٺ جا جدا جدا ڪارڻ هوندا آهن. ڪڏهن ماٺ ڪرڻ تي مجبور هوندا آهيون/ ڪيا ويندا آهيون. ته ڪڏهن مڪمل سانت ڍنڍ ۾ بيٺل پاڻيءَ جيان!
    مان انهن ٻنهي احساسن جي وچ تي بيٺل آهيان. بيٺل ڇا! لٽڪي رهيو هان مسلسل-
    احتجاج ڪرڻ جي سگهه ساري نه سگهيو هان، ۽ نه وري مڪمل سانت اختيار ڪرڻ چاهي اٿم- !
    ”موهن!“ تو چيو هو، نڪري آءٌ هن خيالي دنيا مان، جيءَ جيئن ٻيا جيئن ٿا. جيءَ جيئن مان جيئان ٿي-! ”جِي ته رهيو هان-“ مون ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو- پر جيئڻ ڏنو نه ٿو وڃي-
    اندر ڌنش جي نازڪ رنگن جهڙو انسان- اندران ڪيترو ڪٺور آ، تون نه ٿي ڄاڻين آشا-
    جيئڻ جو پل پل پيڙا ئي ته آهي، تنهائيءَ جي تپندي اُس ئي ته آهي، هي جيون، ۽ ساٿ جو ڪوبه ته ڇانورو ڪونهي؛ ۽ سچ پڇين ته آشا ڇانورن جي تلاش ئي اجائي آهي-. مان ڪڏهن سمجھندو هئم ته تون منهنجي مٿان ڇانورو ٿي سگهين ٿي. پر ٿينديءَ ڪونه. اها پڪ اٿم-! ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هيئي. مون وري چيو هو. اسان پنهنجي پيڙائن ۾ جيئندا آهيون آشا! جيڪي شيئر (Share) نه ٿيون ڪري سگهجن. شيئر(Share) ڪرڻ جا سپنا ته هوندا آهن، پر انت اسان پنهنجون پيڙائون پاڻ ونڊيندا رهجي ويندا آهيون-!
    -. ۽ ان ملاقات کان پوءِ اسان جي ملاقات هڪ عجيب ماحول ۾ ٿي هئي. سوچيو به نه هئم ته ائين به ٿيڻو آ، مون کي پُرو وو ڪيٽو ڪالمس (Provocative columns) لکڻ جي ڏوهه ۾، جيل اماڻيو ويو هو. منهنجي مٿان ٻيا به انيڪ الزام لڳي چڪا هئا. ۽ اهو خيال به پئي ظاهر ڪيو ويو ته مان ڪنهن ٻاهرين خفيه ايجنسي جو سرگرم رُڪن آهيان.
    تون ٻن ڏينهن کان پوءِ آئي هئينءَ جڏهن مان جيل جي ماحول سان ڪافي اڪسٽمڊ (Accustomed) ٿي چڪو هئس، تو اچڻ سان منهنجي اکين ۾ نهاريو هو، تنهنجون اکيون ماڪ- ڀنل گلن جيان ڀنل هيون. گهڻو وقت خاموش بيٺا رهيا هئاسين. منهنجو گلو خشڪ ٿي ويو هو. ٿوهر جا ڪنڊا نڙيءَ مان صاف ڪندي چيو هئم: ”آشا! اها اٿئي اسان جي نگري- ۽ اهو اٿئي اسان جو مستقبل، پنهنجي ئي ديس ۾ ڪيڏا نه اجنبي ٿي پيا آهيون. ڪئن نه دٻايو پيو وڃي ڌرتيءَ جي آواز کي،- اصولن سان سودي بازي ڪرڻ لاءِ ڪئن نه مجبور ڪيو پيو وڃي! تون چوندي آهين نه، ته جيءُ. جيئن ٻيا جيئن ٿا- جيئڻ ته مون به چاهيو هو/ چاهيان ٿو. پر ڪير ٿو جيئڻ ڏي ڪنهن کي-
    سوريون ٿو چاڙهيو وڃي جيون، گهاڻيو ٿو وڃي هر سچ کي-؛ جيئڻ جي بيک صرف هڪ ئي شرط تي ملي سگهي ٿي. سچ جي ڳالهه نه ڪر، حق کان نابري وار، باطل جي آڏو سجدو ڪر. ها صرف تڏهن ئي بقا ملي سگهي ٿي جيئڻ جي-!
    تو منهنجو ساڄو هٿ، پنهنجي هٿن ۾ وٺندي چيو هو: ”موهن! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو-، مون ڊيڊي کي به چيو آهي. هو ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندو، تنهنجي لاءِ-!“
    مون تنهنجي هٿن مان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو هو: ”اوه، تنهنجو وڪيل ڊيڊي- زهر ڀرجي آيو هو منهنجي آواز ۾، جنهن سڄي عمر ڪوڙا ڪيس کٽيندي گذاري آ، جنهن جا هٿ صرف پئسا پرکي سگهندا آهن- مهرباني آشا. مون کي اهڙا سهارا نه ٿا کپن، جن سڄي حياتي ڪوڙ سهاري گذاري آهي. مون کي نه ٿو کپي انهن جو اجھو، جيءَ تن جا ته اجرا هجن پر من تهائين ميرا“-! ۽ تون بنا موڪلائڻ جي، ڪاوڙ ۾ هلي ويئي هئينءَ.
    ان ڏينهن کان پوءِ هڪ مدت گذري ويئي هئي، پر تون نه آئي هئينءَ. ڏينهن ڳڻڻ ڇڏي ڏنا هئم. شايد ڏينهن رات تي سوچڻ به ڇڏي ڏنو هئم-.
    ان رات مون کي ٽارچر سيل (Torture cell) ۾ لڳاتار ٻه ڪلاڪ (Torture) ڪيو ويو هو. ڪل ٺوڪيا ويا هئا منهنجي پيرن ۾. ٽي چار اليڪٽرڪ شاڪ به ڏنا ويا هئا. پر مان ماٺ رهيو هئم. وات مان درد جي هڪ چيخ به نڪري نه سگهي هئي-
    صبح جو تون آئي هئينءَ، اٿي نه پئي سگهيس. سَنڌُ سَنڌُ ساڻو ٿي چڪو هيم- پر تنهنجي مک تي اداسي ڏسي، نه ڄاڻ ڪيئن اٿي آيو هئس تو ڏي-
    ”هي رت ڇا جو آ موهن-؟“: تو پڇيو هو.
    ”سنڌ جو-!“؛ ذري گهٽ سڏڪندي چيو هئم. پنهنجي ڌرتيءَ جو رت نه ٿي سڃاڻين آشا-!
    ”موهن!!!“؛ عجيب درد هو تنهنجي آواز ۾. ”موهن، وجئه.....وجئه ڇڏي ويو اسان کي.“ جسم مان ساهه ڇڏائيندي محسوس ٿيو هئم- ويهي رهيو هئس. نڙي خشڪ ٿي وئي هئي- ٿوهر جا ڪنڊا چبهندي محسوس ڪيا هئم ڪاڪڙي ۾- نڙيءَ مان صرف هڪ لفظ اڪري سگهيو هئم، ”ڪيئن....؟“
    ”روڊ- ايڪسيڊنٽ- ۾“، تو سڏڪندي ٻڌايو.
    وجئه جا پڙلاوَ ٻرندي محسوس ڪيا هئم ڪنن ۾، هو اڪثر چوندو هئو: ”موهن! تو جيڪو آواز اٿاريو آهي، ان کي ڪڏهن به نه دٻائجانءِ. چاهي ڪجهه به ٿي پوي- اسان جي وجئه ٿيڻي آ، ۽ ضرور ٿيندي موهن!“
    وجئه توکان سواءِ اسان جي وجئه ڪيڏي دور ٿي وئي آ، اسان کان- خاموشيءَ ۾ ڳالهايو هئم. ذهن تي شيڪسپيئر جون سٽون تري آيون هيون.
    As flies to wanton boys.
    Are we to the gods,
    They kill us for their sport!
    دي ڪل اس فار ديئر اسپورٽ.... دي ڪل اس فار ديئر اسپورٽ!
    ذهن ۾ پڙلاو بڻجي، گونجي رهيا هئا اهي لفظ- ڀوَنر ۾ ڀوانٽيون کائيندي محسوس ڪيو هئم، پنهنجي سموري وجود کي، هر ڪارڻ اڪارڻ نظر آيو هئم پنهنجو-
    تون به ڪجهه ڳالهائي ڪونه سگهي هئينءَ. سانت سانت ۾ خبر ناهي ڪيڏي مهل اٿي ويئي هئينءَ.
    روئڻ چاهيو هئم پنهنجي بي وسيءَ تي. رڙيون ڪرڻ چاهيون هئم، پر نه ڪري سگهيو هئس.
    هر سڏڪو ڊارمينٽ (Dormant) پئجي ويو هئو. پنهنجي چوڌاري سانت جو ڪفن اوڙهيل محسوس ڪيو هئم!
    ان ڏينهن کان پوءِ تون روز ايندي رهي هئينءَ-. هڪ ڏينهن چيو هيئي،”موهن! مان سڀاڻي تنهنجي لاءِ مٺي ماني کڻي اچان؟، وڻندي آهي نه توکي-؟؟“.
    ”نه آشا، چيو هئم: ”منهنجي ٽيسٽ (Test) مٽجي وئي آ. زهر منهنجي اها هس ئي ماري ڇڏي آهي. مٺيون مانيون ته وجئه سان گڏ هونديون هيون، جڏهن وجئه ئي نه رهيو ته....،“ اڳتي ڪجهه به چئي نه سگهيو هئس.
    تون وڃڻ لڳي هئينءَ، توکي سڏي چيو هئم:
    ”آشا! جڏهن ٿر ۾ مينهن پوي تڏهن مون لاءِ کوڙ ساريون مٺيون مانيون پچائي کڻي اچجانءِ، تڏهن اسان همرچا ڳائينداسين ۽ وجئه کي سارينداسين!-“
    تنهنجي اکين ۾، پاڻي ڀرجي آيو هئو، ۽ منهنجي اکين مان ڀوڏيسر جون ڀِٽون جھلڪي رهيون هيون!
    ساڍا ٽي مهينا ٿي ويا هئم جيل ۾، پر ڪوبه سنگي ساٿي ملڻ ڪونه آيو هئم. ڪابه حيرت ڪانه ٿي هئم ان تي، ڄاڻان پيو سندن مجبوري اندازو هيم ته ڪيترو پيار هئو انهن جو مون سان!
    هڪ تون ايندي هئينءَ پر آهستي آهستي تو به پنهنجون وکون گهٽائڻ شروع ڪيون، تنهنجو پيار بس هڪ همدردي بڻجي ويو هئو هينئر.
    ڳالهائيندي هئينءَ ته ائين لڳندو هئو ڄڻ دور ڪوهن جي مفاصلي تان ڳالهائيندي هجين. ڪيڏيون اجنبي بنجي ويون هيون تنهنجون نظرون، پاڻ سان آشنا هجڻ جي هڪ جھلڪ به نظر نه آئي انهن ۾. گهڻا دفعا چاهيم ته توکان پڇان، پر پڇي نه سگهيو هئم. چاهيو هئم ته تون مون کي پاڻ ٻڌاءِ ۽ هڪ ڏينهن اها چاهنا به پوري ٿي وئي. گهڻي سانت کان پوءِ چيو هيئي: ”موهن! مان اڃان ڪيستائين ايندي رهندس!“
    تنهنجي آواز ۾ پهريون ڀيرو ايڏي لاتعلقي بکندي محسوس ٿي هئم.
    دل جي نگري ٻوڏ ۾ ڪنهن لڙهي ويل ڳوٺ جيان محسوس ٿي هيم. ٻڏي ويو هئم پنهنجي پيڙائن ۾، گهٽيل آواز ۾ چيو هئم:
    ”لاش جڏهن ڌپ ڪرڻ لڳندو آ، ته ان جا پنهنجا پيارا ئي کيس ڪائي تي کڻي شمشان ۾ ساڙي ايندا آهن. ان ۾ تنهنجو ڏوهه ناهي آشا!، ڏوهه منهنجو آ، ڏوهه منهنجي حالتن جو آ، ڏوهه منهنجي مري وڃڻ جو آ“.
    زماني جي نظرن ۾!. تون به منهنجي سڀني دوستن وانگر آزاد آهين، ڪا ڳالهه ناهي آشا! جي تون به مون کي سارڻ وارن جي لسٽ (List) ۾ پنهنجي سائن (Sign) ڪري ڇڏي آهي!
    مون ڪنهن کان به نه پڇيو آهي ته هو مون کي جيئڻ ڇو نٿا ڏين، ۽ هاڻ تو کان به نه پڇندس:
    منهنجي اکين ۾ نهاريندي چيو هيئي: ”موهن! مون کي غلط نه سمجھجانءِ!“
    مرڪي پيو هئم، تنهنجي ان عجيب اسٽيٽمينٽ (Statement) تي- چيو هئم، آشا! تون ڪوبه فڪر نه ڪر، تون آزاد آهين، انهن سڀني وانگر جن مونکي پريجدئس (prejudice) ڪيو آهي.
    جهڙيءَ طرح آشا هر ايڪشن جو ري ايڪشن ٿيندو آهي، تهڙي طرح ئي، مون کي انهن سڀني سان اختلاف آهي/ رهندو، جيڪي ٻين جا حق کسيندا آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي رت سان هوليون رچائيندا آهن ۽ جن جا هٿ پنهنجن جي ئي رت سان رنگيل آهن- مون کي انهن ڪوڙين ريتن، ڪانئرتا ۽ سماج جي انهي ئي (Rigidity) کان نفرت آهي/ رهندي. توسان صرف هڪ ننڍڙي شڪايت رهندي-. ۽ اُها اِها ته تون حق لاءِ آواز اٿاري نه سگهينءَ، ۽ باطل جي آڏو بنان سوچي سمجھي سجدو ڪري ڇڏيئي.
    افسوس رهندم ته تو وجئه جي اتهاس کي وساري ڇڏيو، ۽ مون سان انهيءَ اتهاس لکڻ ۾ منهنجي آشا بڻجي نه سگهينءَ!
    مڙي ڏٺم، تون وڃي چڪي هئينءَ- سرءُ جي مند ڀاسي هئم، ان تهه انهاري ۾، ۽ ٽاريءَ کان وڇڙيل گل وانگر محسوس ڪيو پاڻ کي! وکري چڪو هئو وقت جي هوائن ۾. منهنجو وجود ڇوري ٻار وانگر ڀانيو هئم، پنهنجي ساري اتهاس کي- ڪوريون لڳيون هيم پنهنجون ساريون ڪويتائون!
    ان رات درد جون اهي سڀ چيخون نڪتيون هيون منهنجي جسم مان ٽڙڪاٽ ڪري، جيڪي ٽارچر سيل ۾ به نه نڪري سگهيون هيون، سَنڌ سَنڌ سڪڙجي ويو هئم، ائين لڳو هم ڄڻ فائبروسز (Fibrosis) ٿي پئي هجيم- پئجي رهيو هئم پٽ تي، ائين لڳو هئم ڄڻ منهنجو لاش ڌپ ڪري ويو هجي، ۽ منهنجي آسپاس ڪير به نه هئو، جو ڪائيءَ تي رکي ڪلهو ڏيم ها!
    سڀئي اڪيلو ڇڏي ويا هئم، اهي به جن کي منهنجي ڇانوري جي ضرورت هئي، ۽ اهي به جن منهنجي مٿان ڇانورو بنجڻ جا وچن ڪيا هئا-!
    منهنجون ٻئي ڀينرون مون سان نه ڳالهائينديون هيون، ۽ ڪڏهن ڪنهن کان پڇيو به نه هئون ته مان جيل ۾ ڪيئن آهيان- هنن مون سان سڀ سنڱ- سياپا ٽوڙي ڇڏيا هئا، ڇاڪاڻ جو سندن (Dear Husbands) ڊيئر هسبنڊس کي منهنجي سچ سان اختلاف هئو- شايد کين به هيو-!
    چوندا آهن ته رت دانگيءَ تي به ورندو آهي، پر انهن جو ڪونه وريو هو- سوچيندو هئم ته هڪ ئي گرڀ مان جنم وٺندڙن ۾ ايڏو تضاد ڪيئن ممڪن آهي-، شايد جنيٽڪ ڪوڊنگ (Genetic Coding) جدا جدا ڪوڊس (Codes) ٽرانسمٽ (Transmit) ڪيا هئا اسان ۾! درد جي انتهائن ۾ ڀٽڪندو محسوس ڪيو هئم پاڻ کي-، پچندي محسوس ڪيو هئم پنهنجي اندر کي سرن وانگر بٺيءَ ۾- ۽ لڳو هئم، بٺو وجھندڙ پنهنجيءَ غفلت ۾ وساري چڪو آ ته مان جلي ڪوئلو ٿي ويو آهيان-!
    ان رات کان پورن ٽن مهينن کان پوءِ مون کي جيل مان رها ڪيو ويو هئو- جيل جي ڀتن سان پيار ٿي ويو هئم يا شايد ڪرڻو پيو هئم، نڪرڻ نه پئي چاهيم. پر نڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو به ته ڪونه هئو مون لاءِ، جيل ۾ جيڪي ڪويتائون لکيون هئم، سوچيم ته ڦاڙي ڇڏيان، پر ائين به نه ڪري سگهيو هئم- جيل جي (Main Gate) مين گيٽ کان جيئن ئي ٻاهر نڪتو هئم ته هڪ آزاد هوا جو جھوٽو منهنجي گهٽيل وجود کي ڇهي ويو هئو،- خلاف توقع سامهون تون بيٺي هئين- توکي ڏسي نظرون هيٺ جھڪائي ڇڏيون هئم، ڪجھ به نه ڳالهايو هيئي، گهڻو پنڌ هلندي آئي هئينءَ گڏو گڏ، وک وک سان گڏ هئي پر روح روح کان سوين ڪوهه پري.
    مون ڏانهن ڏسڻ کان بغير پڇيو هيئي، موهن! ڪيڏانهن ويندين-؟ ”ڪيڏانهن وڃڻو آ آشا! آشائن کان سواءِ چيو هئم، بس هڪ ئي رستو آهي جيڪو جيل کان سڌو منهنجي گهر وڃي ٿو، ٻين لفظن ۾ هڪ جيل کان ٻئي جيل ڏي“.
    ”ڪير اٿئي اتي. پنهنجي ڀيڻ سنيتا جي گهر ڇو نٿو وڃين؟“
    ”نه آشا!، توکي خبر ناهي ته هنن شيشي جا رستا ٺهرائي ڇڏيا آهن. پنهنجي گهر تائين، جن تي هلندي مون جهڙو اٻوجھ انسان اڪثر ترڪي پوندو آهي-.
    ۽ آشا ٻين جي خوشيءَ ۾ رنڊڪ ٻين لفظن ۾، ٻين جي ڪباب ۾ هڏي بنجڻ ڪڏهن به نه چاهيو اٿم!“
    ”موهن! پنهنجو رت اٿئي هو!“ ”رت ڪهڙو ڀرم رکيو آهي رت جو آشا؟“، چوندي اکيون جھڪائي ڇڏيون هئم.
    چپ ٿي ويئي هئينءَ- پنهنجي ڪار جو در کولي چيو هيئي، موهن، ويهه، مان گهر تائين ڊراپ ڪري اچان توکي-.
    ”نه آشا، تون وڃ. اڃان ڪيترو ڊراپ ڪندينءَ مون کي. منهنجا پير توڙي رتو ڇاڻ آهن، تڏهن به اڃا انهن ۾ ايتري سگهه آهي جو مون کي گهر تائين پهچائي سگهن ٿا“.
    ”وجئه جي گهر نه هلندين، موهن هن جي ماءُ تنهنجو اڪثر پڇندي آهي؟“
    ”نه آشا. وجئه جا ڀاتي مون کي ڏسي روئي ڏيندا. سندن ڦٽ وري اکڙي پوندا، بهتر آهي ته نه وڃان-! ۽ تون ڪار تي چڙهي هلي ويئي هئينءَ- سڌو گهر هليو آيو هئم، هر شئي تي لڳل مٽي ۽ ڄارو پوين مهينن جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هئو، گهر جو فرش ٿر جي ريت اُڏائي رهيو هئو. لڳي ئي نه پيو ته هي ساڳيو اڱڻ آهي، جنهن ۾ مان ۽ سنيتا رانديون کيڏندا هئاسين. گهڙي کن سوچ ۾ پئجي ويو هئم. وقت- هر شئي تي گرد چاڙهي ڇڏي آهي، اڱڻ تي، مون تي، آشا تي، سنيتا تي، پشپا دي ديءَ تي- ڪجھ به ته ساڳيو ناهي رهيو، بس ان ڏنل پيار تي مان ۽ اڱڻ بچيا آهيون. باقي عمر سوڳ ڪرڻ لاءِ.
    پاور لائين ڪٽي ويا هئا. جنهن جي پهريان کان ئي پڪ هئم. ٻاهر اڱڻ ۾ ئي ويهي رهيو هئس پٽ تي، اکيون بند ڪري ڇڏيون هئم. گهڻو ڪجهه ڏٺو هيم هنن اکين سان، گهڻا ئي اهڙا پل جي پيڙائن ۾ وکيري ويا هئم، ۽ مان اکيون ڇنڀي به نه سگهيو هئم-! اٽڪي رهيا هئا سنگينن جيان، منهنجي اکين ۾، اهي سمورا پل جي جيئڻ جي هر آشا کسي ويا هئم- ڪا چاهنا نه هئي انهن ۾ وڌيڪ پسڻ جي/ وڌيڪ پسائڻ جي! ويٺي ويٺي اونده ٿي وئي هئي.
    آڪاش ڏانهن نهاريم، رات پنهنجي ڪاري چادر اوڙهي ڇڏي هئي، پر ڪو به ستارو چمڪندي نظر نه آيو هو- سڀ ڪجهه دز ۾ لٽيل محسوس ٿيو هئم- اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيندو پنهنجي ڪمري تائين پهتو هئم، ماچس ٻاري پنهنجيءَ ميز تي رکيل باقي بچيل اڌ، ميڻ بتي ٻاري ڇڏي هيم- منهنجيءَ ميز تي اها اڌوري ڪويتا اڃا به رکيل هئي، اڃا مڪمل به نه ٿي هئي ته مون کي اريسٽ ڪيو ويو هئو،- ميڻ بتيءَ جي اڌوري روشنيءَ ۾ نظر پئي هئم ان تي-.
    تون قيد ڪندين مون کي ڪئنمان آزاد هوا جو سپنو هانمور تنهنجيءَ مٺ ۾ نه اچڻو هانمانآزادفضا۾نپنو هـان-!
    سوچي رهيو هئم پنهنجي آدرش تي، ۽ ان آزاد هوا جي سپني تي جيڪو ساڍا ڇهه مهينا جيل جي بند ديوارن ۾ قيد ڪيو ويو هئو- پاڻ ۾ نه ڄاڻ اهو ساهتيه مرندي محسوس ڪيو هئم- گهٽ کان ساهه منجھڻ لڳو هئم، سوچيم ته دري کولي ڇڏيان پر ڊپ هئم ته ميڻ بتي وجھامي ويندي- چپن ۾ ڀڻڪو هئم. ”هڪ انڌيرو ٻيو سهي!“ ۽ دري کولي ڇڏي هئم!
    پر الائي ڇو گهٽ اڃان به وڌيڪ محسوس ٿي هيم- ان رات پهريون دفعو هارٽ اٽيڪ ٿيو هئم، اوندهه مان ٻاهر نڪرڻ چاهيو هئم، پر چئانٺ سان اٽڪي ڪري پيو هئم، ساهه نڪرندي محسوس ٿيو هئم، ائين لڳو هئم ڄڻ نيئر ڊيٿ ايڪسپيرينس (Near death experience) مان گذريو هجان.-
    خبر ناهي ڪير ڀڄائي ويو هئم هاسپيٽل تائين!
    ڪجھ ڏينهن کان پوءِ تون هتي آئي هئينءَ، پر هن دفعي توسان گڏ تنهنجي ممي به هئي- ان مهل هڪ ٻي ڊرپ چاڙهي ويا هئم ڊاڪٽر.
    هميشه وانگر هن دفعي به ماٺ ماٺ هئينءَ، ۽ نظرون مسلسل هيٺ جھڪايو ويٺي هئينءَ- تنهنجي جسم مان اٻٽڻ جي خوشبوءَ آئي هيم- ان پل، طبيعت پڇڻ کان پوءِ تنهنجي ممي چيو ”موهن! جلدي ٺيڪ ٿي، ٽين ڏينهن آشا جي شادي آهي سُنيل سان-! ڪابه حيرت ڪان هيم، خبر هيم ته ائين ئي ٿيڻو آهي-. تو ڏانهن ڏسي صرف ايترو چيو هئم: ”آشا! مبارڪ هجئي نئون جيون!“ من جون پيڙائون پاڻ تائين رکڻ مناسب سمجھيون هئم- هونئن به ڇا بچيو هئو ڪجھ چوڻ لاءِ- ڪجھ پڇڻ لاءِ- پر تنهنجي وڃڻ کان پوءِ عجيب ڪيفيتون اڀري آيون هيون، منهنجي مئل جذبن ۾- وڦلڻ لڳو هئم. محبت، پيار، دوستي، خلوص. (Dash-it) ڊيش اٽ ۽ ڇڪ ڏئي ڊرپ جي نيڊل ڪڍي ڇڏي هئم- او هيل، زور ڏيڻ سان رت توتاريون ڪري وهڻ لڳو هئو، منهنجي رڳن مان. دماغ سوچي سگهڻ کان مفلوج ٿي چڪو هيم! ٽئين ڏينهن مون کي ڊسچارج ڪيو ويو هئو. ۽ ڪمپليٽ ريسٽ ڪرڻ سان گڏو گڏ وقت تي دوائون وٺڻ جي سخت تلقين ڪئي وئي هئم-. اسپتال کان ٻاهر نڪتم چوڌاري گهٽ محسوس ٿي، گڏ گڏ ڪير به نه هئو جو پڇي ها، موهن! ڪيڏانهن ويندين؟...... گهر....!..... ڪير اٿئي اتي؟
    ”سنيتا جي گهر ڇو نٿو وڃين؟“ ”پرڻي کان پوءِ جنهن ڪڏهن رکشا ٻنڌڻ تي به نه ساريو هجي ان جي گهر وڃان! نه نه مان سنيتا جي گهر نه ويندم!
    ”پشپا دي ديءَ ڏي؟“
    ”اها پشپا“ دي دي، جيڪا پنهنجي ٻارن کي به جھليندي هئي ته مون سان نه ملندا ڪن، ڇو ته مون کي هڪ خطرناڪ بيماري لڳل آهي، سچ چوڻ جي- دي ديءَ جي گهر ڪيئن ويندس، سنيل دي ديءَ جو ڏير آهي، ۽ دي ديءَ کي چڱيءَ پر خبر آهي ته مان آشا سان ڪيتري محبت ڪندو هئس- نه نه مان پشپا دي ديءَ جي گهر نه ويندم، ڪڏهن به نه ويندم-!
    ”آشا ڏي“؟
    ”نه اڄ آشا جي شادي آهي. هوءَ منهنجي لاش تان گذري، هينئر سنيل سان ستن ڦيرن جي تياري ۾ هوندي، ڪهڙي ناتي ويندم مان هن وٽ-! نه ڪهڙي به حالت ۾ نه ويندم آشا وٽ ڪڏهن به نه-. ڪڏهن به نه!
    اسپتال جي گيٽ وٽ بيهي رهيو هئم- من ڀوڏيسر مان اُڊڙيل آواز اچي رهيو هئو- موهن! ڪيڏانهن ويندين؟ مو-هن! ڪيـ- ڏانهن- ويند -ين؟!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو