چون ٿا ته هڪ دفعي وتايو فقير ڪنهن مسافريءَ تان گهر موٽندي رستي تي دعائون گهرندي ٿي آيو ... سموري واٽ هڪ ئي دعا پئي گهريائون ته؛ اي الله! مان جڏهن گهر پهچان ته امڙ مون لاءِ ڪڪڙ جي برياني پچائي رکي هجي، بس پهچڻ سان امڙ جي هٿ جي پڪل برياني کائبي ته ٿڪ ئي ڀڄي پوندا ۽ ماڻهون نئون بنون ٿي ويندو. وتايي ايترا دفعا ته اها دعا گهري جو سمجهيائين ته سچ به گهر پهچڻ سان کيس بريان نصيب ٿيندي ... جڏهن گهر پهتو ته امڙ کي چيائين امان ڏاڍي بک لڳي آهي، وارو ڪر ڪجهه کاراءِ ... امڙ گهر ۾ پڪل دال ماني کڻي اچي اڳيان رکيس ... وتائي دال ماني ڏسي مٿي منهن ڪري چيو، ” اي منهنجا رب! بيشڪ سڀ ڪجهه تنهنجي هٿ ۾ آهي پر ماني پچائڻ يا برياني کارائڻ امڙ جي هٿ ۾ آهي“ حاصل مطلب ته بيشڪ الله ڪارساز آهي پر الله پنهنجن بندن کي عمل جي دنيا ۾ آزاد رکيو آهي ته جئين هو محنت ڪن ۽ اڳتي وڌن ۽ پنهنجن عملن جي ذريعي پنهنجي بري يا ڀلي جا پاڻ ذميوار ٿين ....