ترڪي جو افسانو سيلاني جيب فاضل ڪساڪريڪ 2195 اٽيچمينٽ ڏسو هن جي گهر ۾ هڪ وڏي سوٽ ڪيس کان سواءِ ٻيو ڪي به نه هو. ان ۾ ڪوٽ پتلون جا ٻه جوڙا، ڪي قميصون، ٿوريون گنجيون، ٻٽي جوڙا بوٽن جا ۽ چاليهه يا پنجاهه چونڊ ڪتاب پيل هوندا هئا جن جي باري ۾ هن جو خيال هو ته هن دنيا ۾ رڳو اهي ڪتاب پڙهڻ جهڙا آهن. ان سوٽ ڪيس تي يورپ، ايران، هندستان ۽ ويندي جاپان تائين ملڪن جي تمام سڀني وڏن ۽ مهانگن هوٽلن جا ليبل لڳل هئا. هڪ سئيز بئنڪ ۾ هن جي نالي تي هڪ چڱي رقم بچت ۾ رکيل هئي. هو پنهنجي کيسي ۾ چيڪ بوڪ ۽ اهو ايڏو وڏو سوٽ ڪيس پاڻ سان گڏ کنيون هڪڙي شهر کان ٻئي شهر گهمندو رهندو هو. هاڻي هن جو رڳو اهو هڪ شغل هو. هن ڌرتيءَ تي اهڙو ڪو شهر هوئي ڪونه جتي هو ٻه ڀيرا ويو هجي. جڏهن ڪير هن کان پڇندو هو، ته ڪنهن هنڌ تون ٻيو ڀيرو ڇو نه ٿو وئين؟ ته هن جو جواب اهوئي هوندو هو ته: ”ڪوبه ماڻهو ساڳئي پاڻي ۾ ٻه ڀيرا وهنجي نٿو سگهي،“ اهو جملو به جيڪو هن هڪ يوناني جج کان سکيو هو، هاڻي کيس بنهه مدي خارج پيو لڳندو هو. ”اوپرو“ لفظ ۾، پوءِ اهو کڻي دنيا جي ڪهڙي به ٻوليءَ جو هجي، هن کي خاص ڪشش محسوس ٿيندي هئي. پر مائٽن، دوستن، ڄاڻ سڃاڻ وارن ۽ ٻين اهڙن ئي ماڻهن کان کيس اهڙو ڊپ لڳندو هو، جنهن جي وضاحت ڪرڻ سندس وس جي ۾ ئي ڪين هئي. اڻ ڏٺل شهرن ۾ رلڻ ۽ اوپرن ماڻهن سان ميل ملاقات جي ذريعي هن ڪهڙيءَ شيءِ کي حاصل ڪرڻ ٿي گهريو؟ هندوستان ۾ هن جي هڪ اهڙي شخص سان ملاقات ٿي، جنهن جي مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو ۽ اکين ۾ جادو ڀريل هو. ان شخص پنهنجون ڪاريون ۽ سڻڀن زيتونن جهڙيون ٻه چمڪندڙ اکيون هن ۾ کپائي ڇڏيون ۽ چيو: ”ڇا تون ملڪ ملڪ ان ڪري پيو ڦرين ته جئن اها جاءِ ڳولي لهين جتي موت ڪڏهن به نه پهتو آهي؟“ اهي لفظ سيلانيءَ جي دل ۾ پيهي ويا. ان ئي پل ۾ هن پنهنجو سمورو راز ظاهر ڪري ڇڏيو. هن خوف ۾ ڏڪندي پڇيو: ”توکي ڀلا اها خبر ڪيئن پئي ته آئون هڪ بيمار آهيان ۽ ڪنهن به وقت منهنجو موت ٿي سگهي ٿو؟“ ”اسين سڀئي بيمار آهيون ۽ ڪنهن به وقت مري سگهون ٿا.“ ”پر منهنجي بيماريءَ بابت تون ڇا ٿو ڄاڻين؟“ ”ٻيا به ان ساڳي بيماريءَ جا مريض آهن. رڳو گهٽ وڌ جو فرق هوندو آهي؛ پر انسان ويچارا ان فرق کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ پسند مطابق ڪري سمجھندا آهن. تون زندگيءَ کي ڀلي کڻي سالن، مهينن ،هفتن، ڏينهن، ڪلاڪن، منٽن يا سيڪنڊن ۾ ماپ؛ پر حقيقت ۾ اها انهن ماپن مان فقط هڪ ماپو آهي، يعني هڪ اڪيلو سيڪنڊ.“ سيلانيءَ جي همت ئي هارجي ويئي. ”ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو آهي آئون ڪينسر جو مريض آهيان ۽ فقط هڪ سال وڌيڪ جيئرو رهي سگهندس. تنهنڪري مون پنهنجو سمورو حساب ڪتاب صاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ ملڪ پيو ڦيريون ڏيان.“ ”اها ڪا خراب ڳالهه ته ڪانهي. اهو هڪڙو سال کڻي سؤ ڀيرا پاڻ ورجائي پر اهو ڪڏهن به ٻه سال ٿي نه سگهندو. ۽ ان جو تنهنجي روح تي جيڪو گهرو اثر ٿئي ٿو ان کي ڪوبه هزار سالن جي سخت ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به ڦيرائي نه ٿو سگهي؛ پر هڪڙو تون آهين جيڪو پنهنجي ئي گهر ۾ موت جو آرام سان انتظار ڪرڻ جي بدران ان کان ڀڄڻ جي اجائي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهين. تو پنهنجا سڀئي رشتا ناتا ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجيون سڀئي دلچسپيون ختم ڪري ڇڏيون آهن، ته موت تو مان ڪي گهڻو حاصل نه ڪري سگهي؛ تو اهو ڪونه محسوس ڪيو، ته اهڙيءَ ريت تو پاڻ ان جي مدد ڪئي آهي ته تو وٽ جيڪي به آهي، ان کان به توکي محروم ڪري ڇڏي.“ دنيا جي رشتن ناتن جي درين جا جيڪي طاق سيلانيءَ بند ڪري ڇڏيا هئا. اهي اوچتو کيس کليل ڏسڻ ۾ آيا ۽ سندس اندر انهن روشن ڪرڻن سان ڀرجي ويو، جيڪي پٽڪو ٻڌل ۽ جادوءَ ڀريل نظرن واري هندوستاني شخص وٽان هن تائين پئي آيا. ان شخص وڌيڪ چيس: ”هندستان ۾ هڪ ڪراڙي شخص، تاريخ جيتري ڪراڙي شخص به بلڪل ائين پئي ڪيو، جئن تون پيو ڪرين. هن پنهنجي ساري ڄمار ان جاءِ کي ڳولهي لهڻ ۾ وڃائي ڇڏي هئي، جتي موت ڪڏهن به نه آيو هو. جلدئي هن کي خبر پئي ته هر ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ ۽ وري اتان ٻاهر نڪرڻ واري جاءَ تي قبرستان آهي. موت کان ڪوبه هنڌ، ڪابه جاءِ محفوض ڪانهي، هو شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۽ وستي وستي رلندو رلندو رهيو. نيٺ هڪڙي اهڙي ڳوٺ ۾ پهتو جتي ڪوبه قبرستان ڪونه هو. هن پڇا ڪئي ته ان ڳوٺ ۾ ڪڏهن ماڻهو مري به ويندو آهي يا نه؟ ”مري وڃڻ ڇاهي؟“ هن کان پڇيو ويو. هن جي خوشيءَ جو انت ئي نه هو. ڄڻ ته هن دنيا ۾ هڪ تمام وڏي کوجنا ڪئي وئي هئي. هن وري ڳوٺاڻن کي چيو: ”مون کي ته هتي ڪوبه پوڙهو ماڻهو نظر نه ٿو اچي. اوهانجا ماڻهو جڏهن پوڙها ٿي ويندا آهن تڏهن هنن کي ڇا ٿيندو آهي؟“ ڳوٺاڻن مرڪي ڏنو ۽ وراڻيو: ”اڙي ها، هاڻي اسان تنهنجو مطلب سمجھيو پريان جيڪي جبل آهن اهي ڏسين ٿو؟ انهن جبلن جي پٺيان وقت بوقت اسين هڪڙو آواز ٻڌندا آهيون. ان آواز ۾ اسانجي ڳوٺ وارن مان ڪنهن به هڪ ڳوٺاڻي جو نالو ٻڌبو آهي. پوءِ اهو ماڻهو ان طرف وڃڻ شروع ڪندو آهي؛ ۽ پوءِ هميشه هميشه لاءِ الوپ ٿي ويندو آهي.“ ”۽ بلڪل ان گهڙيءَ، ان ماڻهوءَ جيڪو موت کان محفوظ هنڌ جي ڳولا ۾ اتي آيو هو، جبل جي ٻئي پاسي کان آواز ٻڌو جنهن ۾ سندس نالو وٺي کيس سڏيو ويو هو... ان ڳوٺ ۾ جنهن کي هن موت کان محفوظ سمجھيو هو، ماٺڙي ڪري پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ ڌڻي تعالى جي رضا تي راضي ...؟“ ”اها تمام ڀوائتي ڳالهه آهي“ سيلاني چيو. ”ان جو مطلب اهو ٿيو ته ظاهري طرح انسان ان قدرت جي اڳيان بنهه بيوس آهي، جيڪا باطني طرح هن کي پنهنجي چنبي مان تمام سوگهو جھليو بيٺي آهي.“ ”هن جي رضا تي راضي رهجي.“ پٽڪي واري هندستانيءَ ۽ سندس ٻولن سيلانيءَ جي دل تي ايڏو ته ڳوڙهو اثر ڪيو جو هن کي وطن جي سخت ڪشش محسوس ٿي ۽ هو هڪدم پنهنجي ماڳ تي موٽي ويو. وطن پهچي هن پنهنجو سوٽ ڪيس ڇت جي ويجھو ٺهيل هڪ شلف تي کڻي اڇلايو ۽ فلسفي ۽ ادب جي موضوعن تي جيڪي چاليهه يا پنجاهه ڪتاب پاڻ سان کنيو پيو گهمندو هو، اهي گند ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي ڇڏيا، هن رڳو هڪڙو ڪتاب سوال جواب جي ذريعي تعليم حاصل ڪرڻ واري ڪتاب مان ڪفن دفن جي موضوع تي مضمون پئي پڙهيو. سڄي فضا نراسائي ۽ نا اميديءَ سان ڀري پيئي هئي. ايتري م هيٺئين طبق مان هن جي دائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”ابا، تون ٿورو هيٺ ايندين؟“ شل خير ٿئي! هن ڪڏهن به پنهنجي دائيءَ کي ايڏي وڏي آواز ۾ کيس سڏ ڪندي ڪونه ٻڌو هو. دائيءَ کي جڏهن به ڪي چوڻو هوندو هو ته وٽس اڇي چوندي هئي. ”ڇا ڳالهه آهي!“ هن کي ڏاڍو عجب لڳو. ساڳيو آواز ٻيهر ٻڌڻ ۾ آيو: ”ابا، تون ٿورو هيٺ ايندين؟“ اوچتو هن کي پٽڪي واري هندوستانيءَ ۽ ان آواز جو خيال آيو جيڪو ان ڳوٺ جي جبلن جي پٺيان ايندو هو جتي موت ڪڏهن ويو ئي ڪونه هو. ٿي سگهي ٿو ته کيس سڏيندڙ اهو آواز سندس دائيءَ جو نه پر ڪنهن ٻئي جو هجي جيڪو دائيءَ جي آواز جو نقل ڪندو هجي! هو ٽپ ڏئي اٿيو ۽ دروازو کولي هن رڙ ڪئي: ”ناني تو مون کي سڏيو پئي ڇا؟“ هن جي دائيءَ ڪمزور ۽ ٿڪل آواز ۾ وراڻيو: ”نه منهنجا ٻچا، مون ته ڪونه سڏيو.“ هو واپس هليو ويو ۽ حيرت ۽ اچرج ۾ کليل دريءَ جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ڪري پيو. هيٺيان هڪ ڀيرو وري دائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”ابا، تون ٿورو هيٺ ايندين!“ هن اٿڻ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، ڌوڪيندو پاسي واري ڪمري ۾ ويو ۽ ڏاڪڻ لهڻ لڳو. هوا ۾ جئن ئي دريءَ جي پردي ڦڙڪڻ شروع ڪيو ته ڏاڪڻ وٽان هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي: ”مون کي ڪير پيو سڏي؟“ ان کان پوءَ هڪ ڀوائتو ڦهڪو ٿيو: اهو ڦهڪو انساني جسم جو هو جيڪو ڏاڪڻ تان هيٺ ڪرندو پئي ويو.... ۽ اهو شخص جيڪو ڪينسر جي خوف ۾ وڪوڙيل هوندو هو، دل جي هڪڙي ئي حملي ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو