ڀائرو مون جي سسٽم ۾ هڪ شٽنگ ڊائون وارو ايرر اچي ويو آهي جيڪو هر هڪ ڪلاڪ کان بعد سسٽم کي ري اسٽارٽ ڪري ٿو ڇڏي مان ڪافي اينٽي وائرس استعمال ڪيا آهن پر ڪوئي به انسٽال نه پيو ٿئي مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو ته مان هاڻي ڇا ڪريان .
پيارا ڀاء ساحل لڳي ٿو ته اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ ڪو الرٽ وائرس اچي ويو آهي منهنجي خيال ۾ نارٽن يا avast ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪريو ته اوهان جومسئلو حل ٿي ويندو پر جيڪڏهن توهان اها ڪوشش به ڪري چڪا آهيو ته اجهو ٿو فقير سائين اچي ڪو وظيفو به ساڻ کينيو ايندو اميد ته اوهان جي مسئلي کي حل ڪندو۔
ادا ساحل بهتر ٿئي ها ته اهو سوال ٿورو وضاحت سان ۽ سنڌي ۾ لکي موڪليو ها۔۔۔۔ وضاحت مان مراد ته ڪمپيوٽر ريسٽارٽ دوران ڪهڙو ايرر ڏئي ٿو۔۔۔ بحرحال جيتري قدر ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته ان جا سبب ٽي ٿي سگهن ٿا۔۔۔۔ 1۔ وائرس جو حملو۔۔۔۔ 2۔ ڪرپٽ ٿيل سي ڊي سان انسٽاليشن 3۔ بايوز جو مسئلو۔۔۔ جيڪي حل منهنجي ذهن ۾ آهن ۔۔۔ اهي هي آهن۔۔۔ 1۔ ڪنهن سٺي اينٽي وائرس (ڪجهه جو ذڪر مٿي سائين رحيم بخش به ڏنو آهي) سان ڪمپيوٽر کي سڪين ڪريو۔۔۔ 2۔ My Computer تي ساڄي پاسي کان ڪلڪ ڪري پراپرٽيز سليڪٽ ڪريو ۽ Advance ٽيب تي اچي Startup &A Recovery واري حصي ۾ Setting بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔ هاڻي نئين کلندڙ ونڊوز مان Automatically Restart جي اختيار تان لڳل چيڪ کي ان چيڪ ڪريو ۔۔۔ هاڻي Ok پريس ڪرڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ 3۔ سي پي يو جي اندر لڳل بايوز بيٽري کي ڪڍي ڪجهه سيڪنڊ انتظار ڪريو ۔۔۔ ۽ پوءِ ٻيهر لڳايو۔۔۔ 4۔ مارڪيٽ مان نئين ونڊوز جي ڊسڪ وٺي ٻيهر ونڊوز انسٽال ڪريو۔۔۔ 5۔ ۽ آخري حل اهو به آهي ته ڪو مختلف آپريٽنگ سسٽم انسٽال ڪريو۔۔۔
جواب: شٽنگ ڊائون ايرر سنڌ سلامت واسيو جيئن ته ادي ساحل جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، انهي ڪري هن موضوع کي بند ڪيو وڃي ٿو۔