سنڌ ۾ نواز شريف به نه کپي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2013۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    نوازشريف جو فنڪشنل سا اتحاد ڪنهن به ريت سنڌ جي مفاد ۾ نه آهي
    سنڌ ۾ نواز شريف جو ڪردار اوترو ئي بيهودا آهي جيترو ايم ڪيو ايم جو آهي هي ته ايم ڪيو ايم کان به هڪ قدم وڌيڪ سنڌ دشمن آهي ان سان سنڌ جي ڪنهن به پارٽي جو اتحاد نواز کي ته فائدو ڏيندو پر سنڌ ۽ سنڌ جي ڪنهن به پارٽي کي فائدو نه ٿيندو ...
    سنڌ جي گهڻ گهرن کي هر اهو قدم ۽ اها پارٽي وڻندي جيڪا سنڌ جو هر مفاد عزيز رکندي ڪنهن به سنڌ دشمن کي سنڌ ۾ ايڪسيز جو سبب نه بنجندي....ايئين ته پي پي به آهي پر سنڌي ماڻهو ان کا خائف ان ڪري ٿيندو ٿو وڃي جو هن پارٽي سنڌ جي مفادن جو تحفظ نه ڪيو آهي تان جو سنڌي هاڻي ان کان بيزار ٿي پيو آهي ....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار رسول بخش ڇا ڪجي ۔۔۔۔ چوندا آهن ته جڏهن ٻورا پي سبيا تڏهن اُٺ پئي رُنا ۔۔۔۔

    جڏهن اهي اتحاد پئي ٺهيا ته پاڻ کي اڳ ئي شڪ هيو ته اهوئي ٿيندو ۔۔۔۔ ڇو ته هاڻي سياست ۾ وڏيرا ، مير، پير ۽ جاگيردار آهن ۔۔۔ انهن جو سنڌ سان ڇا وڃي، هنن کي پنهنجا مفاد عزيز آهن۔

    هاڻي ويهي سڀ شادمانا وڄايو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    تمام معزرت سان،
    دل آخر چيو ته ڪجه چوان،پر اڪثر مان پنهجا احساس سمجهائڻ جو فن نه ڄاڻڻ جي ڪري ،دوستن کي رنجائي ويهندو آهيان ،اڳ۾ معزرت ان لاء ٿوڪيان ته منهجي مداين جي معافي ملي وڃي،
    ڳالهه تمام ڪم واري ڪئي آهي اوهان پر جي فقط بحث لاء آهي ته فضول آهي ،اگر ڄاڻ لاء آهي ته بيڪار آهي ،
    ڪله جا ڌاريا مهاجر ڏسندي ڏسندي سنڌ جي اهم حصن تي اهڙي انداز سان قابض ٿي چڪا آهن جو پاڪستان جي سرڪار به انهن کان خوف کائڻ لڳي آهي ۽ انهن جو پوري رياست تي روب تاب ٿو هلي،جيڪا اکين جي اڳيان ٺهي، اڀري ۽ ڇائنجي وئي ،يقينن هنن سان پوري قوم سهمت ناهي پر ان هوندي به هڪ مڪمل رياست کي پنهجو يرغمال بڻائي ڏيکاريو آهي ،۽ هر حڪم صادر ڪري تعميل ڪرڻ جو ڏانءڄاڻي چڪا آهن،
    ۽ ان سان گڏوگڏ سفر ڪندڙ اسان جون سياسي سرگرميون نابوديء ڏانهن رڙهنديون رهيون آهن ،جڏهن ته دنيا جا بهترين مفڪر اسان وٽ ،سياستدان اسان وٽ ،ادب اسان وٽ ،وسيلا اسان وٽ،عقل هنر اسان وٽ ،تهذيب اسان وٽ تاريخ اسان وٽ،
    ان سڀ ڪجه هجڻ جي باوجود اڄ پَستي اسان وٽ ،تزليل اسان وٽ ،حڪم ادولي اسان وٽ،بيروزگاري ،بدامني بيجا ڇڙواڳي ،لا قانونيت اسان کي ڇو ڏني ۽ ڏيکاري ويئي آهي ،
    هن رياست جي وجود تي نظر ڪندو ته هڪ ادارو جيڪو هن رياست کي پنهجون اکيون ،ڪَنَ،۽ زبان چوندو آهي جنهن سان هي جاندار ساه کڻي ٿو،ان ۾ سنڌين کي پري رکيو ويو آهي ۽ سنڌي ماڻهن کي رياستيدشمن پيش ڪري ان جي هر اثاثي تي پنهجي وفاداري جو ٺپو هڻي ،ملڪ جو خيرخواه ڄاڻائي هر طرح سان سنڌ جي وسيلن کي پنهجي ذاتيات لاء استعمال ڪندا رهيا آهن،
    حالانڪه اگر اهي هن رياست لاء استعمال ڪن هان ته به هن رياست جو هر شخص مالا مال هجي هان،ليڪن هن ملڪ جي وجود ۾ هن قوم کي رياستي دشمن لکيو ويو آهي ۔ان ڪري سنڌ سان وفاداري ڪندڙ ڪڏهن به اڳتي ڪو نه ايندو،۽ نه ئي ان کي اچڻ ڏنو ويندو،جيڪو ايندو اهو يا ته خريد ڪيو ويندو جي خريد نه ڪري سگهيا ته ماريو ويندو،۽ اها هنن رياستي وفادارن جي آجپي جي جنگ آهي جنهن سبب ڪري هو سنڌ يا سنڌي ماڻهوء کي اهيا سوچ به ڪو نه ڏيندا جنهن ۾ هو پنهجي حق جي يا آزادي جي ڪا اميد به رکي سگهن،
    هنن وٽ سڀ وسيلا آهن ڇڙوڇڙڪرڻ جا جڏهن ته اسان وٽ ڪجهه به سرمايو ڪونهي جو ڪنهن کي مان ڏيون اسان جي سامهون نوجوان پڪڙي ماريا ٿا وڃن اسان انهن لاء ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون،پنهجي دشمني ۾ 100 ،100 ماڻهو ماري ٿا ڇڏيون،
    هنن رياستي درندن جي انهيء بدنظري کي نظر ۾ رکي ايم قيو ايم هنن جي نڙي تي ننهن ڏنو ۽ هنن جي عسڪري طبقي کي مجبور ڪيو ته سڀ توهان نه کائيندو اسان به شامل آهيون ،۽ هنن سڌو وار پهريان انهن تي ڪيو جنهن جي ڪري ڪو به پاڪستان جو قانون انهن جو ڪجه به نه ٿو بگاڙي سگهي،
    سرعام قتل ڀتا ،بيقاعدگيون ڪن ٿا، آهي ڪنهن ۾ مجال جو ڪجه ڪُڇي۔
    سڀ ڄاڻن ٿا ته ڪير ٿو قتل وغارتگري ڪري پر آهي ڪو جو انهن جو نالو وٺي،وقت جو وزير قرآن مٿي تي کڻي شاهديون ٿو پيش ڪري پوء به ان کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي،ڇو؟رياست ڇو چپ آهي،؟؟؟؟؟!!!!!!!!!!!!!
    باقي نورالله تنيو،قربان کهاوڙ مان رياست کي خطرو هو ،مظفر ڀٽو هنن لاء تباهي جو سبب هو؟؟؟؟؟؟!!!!!!!!
    هنن وٽ جن به آنڪي ڀري آهي اهي زنده آهن ۽ سياست ڪن پيا ۽ انهن جي اشارن تي سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن وڏي جدوجهد کان بچائڻ لاء سرگرم رکيو اچن،
    سائين منهجا هي سنڌ هن وقت گدڙن ۽ بگهڙن جي وات ۾ آهي،جيڪي شينهن بچيل آهن اهي يا ته پڃرن ۾ آهن يا شڪاري جي نشاني تي،جيڪو به گجگوڙ ڪري ٿو ان کي پنهجو شڪار ڪريو ٿا ڇڏين،
    يا پڪڙي پڃري جي حوالي ٿا ڪن ،جيڪو آخر ڪنهن سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارڻ جي ڪم ٿو اچي،
    جيستائين هر عام سنڌي ماڻهو پنهجي قوم کي هڪ قوم نه ٿو تسليم ڪري ۽ ٻئي جو ڀرجهلو نه ٿو بڻجي تيستائين ڪا به اميد نه رکو ،ڪنهن مان به نه ،
    چاهي اهو سورهيه ٿي اڀري يا دودو،پانهجي قومي ايڪي کي قائم رکي جيڪو به اڀرندو اهو ئي اوهان جو اصل رهنما هوندو،
    ان کي ڳوليو جيڪو نظرياتي طرح اوهان کي گڏ ڪري اوهان کي تحفظ فراهم ڪري ،
    باقي نه ته اڄ رهبر پگهار تي به مليو ٿا وڃن،
    هتي ٻه قسم جا ماڻهو بي ڊپا آهن،
    1۔داداگير،ڌاڙيل،يا انهن جا ايجنٽ
    2،سرڪاري وفادارن جوپَٽو پاتل
    اهي ئي هن قوم تي حڪمراني ڪن ٿا ۽ اهي ئي ليڊر بنجن ٿا۔
    جيڪي پنهجو سڀ ڪجه لٽائي هن قوم کي سهيڙڻ ۾ لڳا پيا آهن اهي پروپيگينڊا جو شڪار ٿي پانهجي ماڻهن ۾ پنهجو عڪس گهٽائيندا رهن ٿا ،
    ۽ لالچ جي انڌ ۾ فرد پنهجي قومي اثاثي کي پنهجو دشمن سمجهي انهن کي دلبرداشت ڪن ٿا ،جيڪي رڙيون ڪري ڪري بيڪار بنجي ٿا وڃن،
    وڌيڪ ڇا چوان،سمجهي سڀڪو ٿو باقي مڙئي ميار مونڏي آ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو