نثارابڙو
نائب منتظم
ڇا انسان عظيم آهي ... ؟
انسان جي عظمت جو شاهد ته پاڻ قرآن الفرقان آهي جو کيس فرشتن کان سجدو ڪرايو ويو ۽ سندس علم ۽ عظمت جو ثبوت ڏنو ويو هو پر هي هيٺ ڏنل قصو به پڙهڻ جي لائق آهي؛
ذوالحج جي 8 تاريخ سعودي ملڪ جي جده شهر ۾ تمام زوردار مينهن وسيو هو جنهن سبب شهر جي ويجهو هڪ ڍنڍ جو بند ڀڳو بس پوءِ ته ان پاڻيءَ جده شهر ۾ قهرام مچائي ڇڏيو هزارين گاڏيون ۽ ڪروڙين ملڪيتون تباه ٿيون، سوين جانيون پاڻيءَ جي بي رحم وهڪري ۾ وهي ويون ۽ اڃان تائين لاشن جي ملڻ جون خبرون هلن پيون ...
ان ٻوڏ دوران ڪي اهڙا واقعا پيش آيا جي انسان جي انسانيت تي فخر ڪرڻ جهڙا آهن، شايد انهن ئي سببن ڪري انسان اشرف المخلوقات آهي ۽ فرشتن کان ڪئي ڀيرا اتم ۽ اعلا درجي تي فائز آهي ... بلڪه هن ڌرتي تي الله جي خليفي جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ هزارين ڪروڙين ملائڪ سندس خذمت ۾ حاضر ڪيل آهن ...
ساڳي وقت ڪجهه ماڻهون اسفل سافلين ۽ شيطان سان دوستيءَ واري صفت ڏيکاريندي ٻڏندڙ ماڻهن جا سامان چوريون ڪندا رهيا ۽ لاشن جي کيسن مان پئسا ۽ مال ميڙيندا رهيا ۽ پنهنجي ڪريل حرڪتن سان انسان کي فرشتن آڏو شرمائيندا رهيا ...
ان ٻوڏ دوران هڪ پاڪستاني نوجوان، انساني فرض کي نڀائيندي سورنهن يا سترهن انسانن کي ٻڏڻ کان بچائڻ کانپوءِ ان ئي ڪم ڪندي پاڻيءَ جي بي رحم لهرن آڏو بي بس ٿي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو، جت اميد آهي ته ملائڪ سندس مٿان گلن ۽ رحمتن جي ورکا ڪندا هوندا .... ۽ هت بادشاه سلامت پڻ سندس ڪيل خدمت جو انعام ڏيڻ تي غور ۽ فڪر ڪري رهيو آهي ... ڇاڪاڻ ته بهادري ۽ سورهيائي جي ان مثال جو اجر ڇا آهي انجو شايد ڪاٿو ڪري رهيو آهي ...
الله ۾ اميد آهي ته سندس ٻئي جهان سرخرو ٿيندا ...
هڪ ٻيو واقعو جو اڄ جي اخبار ۾ آهي سو پڻ انسان جي اشرف المخلوقات هجڻ جي ٺوس شاهدي ڏئي رهيو آهي ۽ هن نفسانفسيءَ واري حالت ۾ ان بيت جي مصداق جيئان ته؛
اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي ، متان ايئن سمجهين مئا مور سارا ....
قصو ڪجهه هيئن آهي؛
ٻوڏ واري ڏينهن تي هڪ 60 ساله عورت نالي فاطمه پنهنجي ضعيف مڙس سميت ويٺي هئي ته اوچتو ئي اوچتو سندس گهر ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڀرجڻ لڳو، پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي جان بچائڻ خاطر هن پنهنجا قيمتي زيور، ڪجه پئسا ۽ جائداد جا ڪاغذ پٽ هڪ پيتيءَ ۾ وجهي کنيا ۽ مڙس کي هڪ هٿ جي آسري سان جهلي گهر مان نڪتي، پر گهٽيءَ جو پاڻي ايترو ته زور سان هيو جو هو ٻنهي کي گهلڻ لڳو ۽ خاص ڪري فاطمه جو مڙس صعيف هجڻ سبب پاڻيءَ جي مقابلي جي سگهه نه هجڻ ڪري پاڻيءَ ۾ گهلبو ٿي ويو ... فاطمه سوچيو ته جي آءُ کيس ٻنهي هٿن سان نه پڪڙيندس ته هو پاڻيءَ ۾ هليو ويندو سو هن اها قيمتي پيتي پاڻيءَ ۾ اڇلائي پنهنجي مڙس کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ورتو ۽ آهستي آهستي کيس محفوظ هنڌ ڏانهن وٺي آئي پر سندس اکين آڏو اها قيمتي پيتي ڏسندي ڏسندي ئي پاڻيءَ ۾ لڙهندي غائب ٿي وئي ...
فاطمه چيو الحمد الله پيتي وئي ته وڃي مون پنهنجي مڙس کي ته بچائي ورتو ... هاڻ هوءَ ۽ سندس مڙس پنهنجي سڀ موڙي وڃائي ويٺا ... جيتوڻيڪ کين موڙيءَ جو وڃڻ جو ڏک هو جو اها عمر ئي اهڙي آهي پر هو الله جا شڪر ادا ڪري رهيا هئا ته رب العالمين جان بخشي ...
ايئن ڪندي ڪي ڏهه ٻارنهن ڏينهن گذري ويا ... ڪالهه کين هڪ اجنبي فون آيو ۽ کين ان ماڻهونءَ ٻڌايو ته سندن اها قمتي پيتي هن وٽ آهي ۽ کيس پتو ٻڌايو وڃي ته اها پيتي پهتي ڪري ... فاطمه جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه رهي ... اهو ماڻهون آيو جنهن اها پيتي کين حوالي ڪندي چيو ته وڏي مشڪل سان هن کين ڳولهي لڌو آهي جو هو پورا ڏهه ڏينهن کين ڳولهيندو رهيو هو ... اڄ هن اها پيتي کولي ڏٺي ته ان ۾ قيمتي زيور ۽ پئسن سان گڏ هڪ بئنڪ جو ڪاغذ هو جنهن ۾ ان عورت جو نالو لکيل هو بئنڪ وارن سان رابطو ڪيائين ته وڏي مشڪل سان بئنڪ آفيسر کيس ان عورت جو پتو ڏنو ۽ هن الله جو شڪر ادا ڪيو ۽ امانت مالڪن تائين پهتي ...
فاطمه کيس انعام ۾ ڪجهه پئسا ڏيڻ جي درخواست ڪئي ته اهو چئي واپس ڪيائين ته ڇا هو اهي پئسا وٺي الله جي اجر کان محروم ٿي وڃي ...
سبحان الله ؛ اهي آهن مومن جنکي الله جي اجر جي گهرج آهي نه مال ۽ ملڪيت جي نه دنياوي حرام جي ....
قرآن الفرقان جا هي لفظ جي سورت النور ۾ بيان ٿيل آهن سي ياد پيا اچن؛
الله جو نور انهن کي ملندو جي لين دين جي وقت الله جي ذڪر کان غافل نه ٿا ٿين ...

نوٽ: ان پيتيءَ ۾ جي قيمتي زيور ۽ پئسا هئا انهن جي قيمت پاڪستاني روپيا هڪ ڪروڙ ڏهن لکن کان به مٿي جي هئي ....