باغي عليم
سينيئر رڪن
نظم
ساگر خاصخيلي
اُ داسي خالي ويڙهي جي
ا کين تي ڪيئن ڀلا رکجي
هوا جي بيقراري کي
هنيئن تي ڪيئن ڀلا سٿجي
اڱڻ جي جهولي ۾ نم جو
ڇڻي پيو پور جوڀن ايئن
سنڀارن جي تکي اُس ۾
سڙي آ پينگهه تو بن جيئن
اڃان ويران چونئري ۾
سُمهي ٿو چنڊ آڌي جو
گُڏي ء جي بدن تي جوڙو
اڃان آ ساڳي شادي جو
ڀڙي جي گود ۾ سُڏڪن
سليٽي پين جا ٽڪرا
نظم ڪي فيض جا وسريل
اسان جي چين جا ٽڪرا
اکين کي پاڻ ڏانهن تاڻي
ڀتين تي مُصوري تنهنجي
عمر کان هيتري اڳتي
غضب جي تصوري تنهنجي
لهي پيو باز ڏَهري تي
اُڏن پيون واجهه تان آڙيون
تلاء هُن پار هڪ سارس
پن گهٽ تي به پاڻهياريون
اُڳي پيو سج سانگها تان
ڀٽن کان باک پئي وڇڙي
ويڙهي پئي هنڌ ڪا وينگس
رليء ۾ رات پئي مهڪي
وڄي پئي ڇير پورب کان
سڙڪ تان ڳهر پئي اُڏري
نديء جي سينڌ تان نينگر
صبح جي پهر پئي گذري
موڙ مان واٽڙي سنهڙي
ٽري پئي پار پڇم جي
ڪچو آڙنگ اتي اُڇلي
رسي هوء نيٺ رمجهم تي
ٻڌون ٿا راند پپڙي کان
وڏي ٿي هاڻ هوء وئي آ
ٻاروتڻ سان ٻڌي ٽوڙي
وڏي ڇڪ تاڻ ٿي وئي آ
ڊُوهي جي لام جا ساري
سنيها تون صبا چئجان
پچي ويا ڇوڪري آهن
رتا پيرون پڪا چئجان
ويراني ڀيڻي جي بت کي
سُري وانگي پئي کائي
پُراڻي پينگهه جي هنج ۾
سِگري پَئي کُڏي ٺاهي
جواني هاڻ جارن جي
پيري ڏانهن موٽ پئي کائي
هلڻ مان ڌوڙ پئي ُڏري
پاري به ڦوٽ پئي کائي
اسان جي عشق جيئن اُجڙي
وئي آ ڪاڪ واهڻ جي
ڏيئو چَئو ڪيئن ڀلا ٻاري
سوا تو رات واهڻ جي
وڇايل اِنتظاري آ
اکين ۾ ڪنهن فراسي جيئن
اُڀين پيرين آهي بيٺي
اسان جي دل داسي جيئن
صحرا جي مِزاجن جيئن
اسان ۾ تون رهي آهين
ڪڏهن اپريل جي اُڻ تُڻ
ڊسمبر جيئن ٺري آهين
اسان جو نيهن اڃان تائين
پڪي وشواس جيئن آهي
اوهان جي سار ساهن ۾
وٺي جي واس جيئن آهي
مينهوڳي مند چُنري جي۔ن
پئي آڪاش ۾ اُڏري
ڇمر جي بي وسي وانگي
ننگر تي بي جپي برسي
اثر جي هير ويڙهي مان
اُداسي کي اُڏاري پئي
لڳي ٿو تون اچين پيئي
هوا ڀيڻي ٻُهاري پئي
لاري مان تون جيئن لهندئين
ڳراٺي ڳوٺ پائيندو
جواني تنهنجي سان جڙجي
وري ڪو چوٽ کائيندو
سهيلي ڪا جڏهن تنهجا
ڊگها گيسو سنواريندي
پاڙي جي ڪا ڪِڪِي تو ڏي
ٿورو مُرڪي نِهاريندي
يڪا يڪ پوء اِهو پورو
منظر ئي مِٽي ويندو
لوڙهي تان ڪو ليئو پائي
ٿورو ترسي هٽي ويندو
پوء تون پنهنجي ماضي ۾
ٿوري تائين ٻُڏي وينديين
اُتي هوندي اُتان پرتي
ٿوري تائين اُڏي وينديين
تنهان پوء سکيون تنهنجيون
شهر بابت تو کان پُڇنديون
بجلي جي وڃڻ لان پوء
قهر بابت تو کان پُڇنديون
هلندڙ ڳالهه جي وچ ۾
وڏڙي ڪا اچي ويندي
گلابي ڳل تنهنجي تان
چمي هڪڙي چِٽي ڏيندي
کجي ء جي واڻ جي کٽ تي
پيرانديين کان رلي رکندي
پيپر ڪاٽن پوڙهي ڇُهندي
ڇوري هڪڙي کِلي پوندي
لهندڙ سج جي لمحي
سُهاڳڻ ڪا اچي تو تان
شهر جي لاڻ لاهيندي
توتان ڇڪتاڻ لاهيندي
اُداسي پوء ويڙهي مان
هميشه لاء هلي ويندي
ها هميشه لاء هلي ويندي۔۔
ساگر خاصخيلي
اُ داسي خالي ويڙهي جي
ا کين تي ڪيئن ڀلا رکجي
هوا جي بيقراري کي
هنيئن تي ڪيئن ڀلا سٿجي
اڱڻ جي جهولي ۾ نم جو
ڇڻي پيو پور جوڀن ايئن
سنڀارن جي تکي اُس ۾
سڙي آ پينگهه تو بن جيئن
اڃان ويران چونئري ۾
سُمهي ٿو چنڊ آڌي جو
گُڏي ء جي بدن تي جوڙو
اڃان آ ساڳي شادي جو
ڀڙي جي گود ۾ سُڏڪن
سليٽي پين جا ٽڪرا
نظم ڪي فيض جا وسريل
اسان جي چين جا ٽڪرا
اکين کي پاڻ ڏانهن تاڻي
ڀتين تي مُصوري تنهنجي
عمر کان هيتري اڳتي
غضب جي تصوري تنهنجي
لهي پيو باز ڏَهري تي
اُڏن پيون واجهه تان آڙيون
تلاء هُن پار هڪ سارس
پن گهٽ تي به پاڻهياريون
اُڳي پيو سج سانگها تان
ڀٽن کان باک پئي وڇڙي
ويڙهي پئي هنڌ ڪا وينگس
رليء ۾ رات پئي مهڪي
وڄي پئي ڇير پورب کان
سڙڪ تان ڳهر پئي اُڏري
نديء جي سينڌ تان نينگر
صبح جي پهر پئي گذري
موڙ مان واٽڙي سنهڙي
ٽري پئي پار پڇم جي
ڪچو آڙنگ اتي اُڇلي
رسي هوء نيٺ رمجهم تي
ٻڌون ٿا راند پپڙي کان
وڏي ٿي هاڻ هوء وئي آ
ٻاروتڻ سان ٻڌي ٽوڙي
وڏي ڇڪ تاڻ ٿي وئي آ
ڊُوهي جي لام جا ساري
سنيها تون صبا چئجان
پچي ويا ڇوڪري آهن
رتا پيرون پڪا چئجان
ويراني ڀيڻي جي بت کي
سُري وانگي پئي کائي
پُراڻي پينگهه جي هنج ۾
سِگري پَئي کُڏي ٺاهي
جواني هاڻ جارن جي
پيري ڏانهن موٽ پئي کائي
هلڻ مان ڌوڙ پئي ُڏري
پاري به ڦوٽ پئي کائي
اسان جي عشق جيئن اُجڙي
وئي آ ڪاڪ واهڻ جي
ڏيئو چَئو ڪيئن ڀلا ٻاري
سوا تو رات واهڻ جي
وڇايل اِنتظاري آ
اکين ۾ ڪنهن فراسي جيئن
اُڀين پيرين آهي بيٺي
اسان جي دل داسي جيئن
صحرا جي مِزاجن جيئن
اسان ۾ تون رهي آهين
ڪڏهن اپريل جي اُڻ تُڻ
ڊسمبر جيئن ٺري آهين
اسان جو نيهن اڃان تائين
پڪي وشواس جيئن آهي
اوهان جي سار ساهن ۾
وٺي جي واس جيئن آهي
مينهوڳي مند چُنري جي۔ن
پئي آڪاش ۾ اُڏري
ڇمر جي بي وسي وانگي
ننگر تي بي جپي برسي
اثر جي هير ويڙهي مان
اُداسي کي اُڏاري پئي
لڳي ٿو تون اچين پيئي
هوا ڀيڻي ٻُهاري پئي
لاري مان تون جيئن لهندئين
ڳراٺي ڳوٺ پائيندو
جواني تنهنجي سان جڙجي
وري ڪو چوٽ کائيندو
سهيلي ڪا جڏهن تنهجا
ڊگها گيسو سنواريندي
پاڙي جي ڪا ڪِڪِي تو ڏي
ٿورو مُرڪي نِهاريندي
يڪا يڪ پوء اِهو پورو
منظر ئي مِٽي ويندو
لوڙهي تان ڪو ليئو پائي
ٿورو ترسي هٽي ويندو
پوء تون پنهنجي ماضي ۾
ٿوري تائين ٻُڏي وينديين
اُتي هوندي اُتان پرتي
ٿوري تائين اُڏي وينديين
تنهان پوء سکيون تنهنجيون
شهر بابت تو کان پُڇنديون
بجلي جي وڃڻ لان پوء
قهر بابت تو کان پُڇنديون
هلندڙ ڳالهه جي وچ ۾
وڏڙي ڪا اچي ويندي
گلابي ڳل تنهنجي تان
چمي هڪڙي چِٽي ڏيندي
کجي ء جي واڻ جي کٽ تي
پيرانديين کان رلي رکندي
پيپر ڪاٽن پوڙهي ڇُهندي
ڇوري هڪڙي کِلي پوندي
لهندڙ سج جي لمحي
سُهاڳڻ ڪا اچي تو تان
شهر جي لاڻ لاهيندي
توتان ڇڪتاڻ لاهيندي
اُداسي پوء ويڙهي مان
هميشه لاء هلي ويندي
ها هميشه لاء هلي ويندي۔۔