رياست پاڪستان ۾ سنڌ يا سنڌين جي حيثيت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عتيق الرحمان طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2013۔

  1. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    تمام معزرت سان،
    دل آخر چيو ته ڪجه چوان،پر اڪثر مان پنهجا احساس سمجهائڻ جو فن نه ڄاڻڻ جي ڪري ،دوستن کي رنجائي ويهندو آهيان ،اڳ۾ معزرت ان لاء ٿوڪيان ته منهجي مداين جي معافي ملي وڃي،

    ڪالهه جا ڌاريا مهاجر ڏسندي ڏسندي سنڌ جي اهم حصن تي اهڙي انداز سان قابض ٿي چڪا آهن جو پاڪستان جي سرڪار به انهن کان خوف کائڻ لڳي آهي ۽ انهن جو پوري رياست تي روب تاب ٿو هلي،جيڪا اکين جي اڳيان ٺهي، اڀري ۽ ڇائنجي وئي ،يقينن هنن سان پوري قوم سهمت ناهي پر ان هوندي به هڪ مڪمل رياست کي پنهجو يرغمال بڻائي ڏيکاريو آهي ،۽ هر حڪم صادر ڪري تعميل ڪرڻ جو ڏانءڄاڻي چڪا آهن،
    ۽ ان سان گڏوگڏ سفر ڪندڙ اسان جون سياسي سرگرميون نابوديء ڏانهن رڙهنديون رهيون آهن ،جڏهن ته دنيا جا بهترين مفڪر اسان وٽ ،سياستدان اسان وٽ ،ادب اسان وٽ ،وسيلا اسان وٽ،عقل هنر اسان وٽ ،تهذيب اسان وٽ تاريخ اسان وٽ،
    ان سڀ ڪجه هجڻ جي باوجود اڄ پَستي اسان وٽ ،تزليل اسان وٽ ،حڪم ادولي اسان وٽ،بيروزگاري ،بدامني بيجا ڇڙواڳي ،لا قانونيت اسان کي ڇو ڏني ۽ ڏيکاري ويئي آهي ،
    هن رياست جي وجود تي نظر ڪندو ته هڪ ادارو جيڪو هن رياست کي پنهجون اکيون ،ڪَنَ،۽ زبان چوندو آهي جنهن سان هي جاندار ساه کڻي ٿو،ان ۾ سنڌين کي پري رکيو ويو آهي ۽ سنڌي ماڻهن کي رياستيدشمن پيش ڪري ان جي هر اثاثي تي پنهجي وفاداري جو ٺپو هڻي ،ملڪ جو خيرخواه ڄاڻائي هر طرح سان سنڌ جي وسيلن کي پنهجي ذاتيات لاء استعمال ڪندا رهيا آهن،
    حالانڪه اگر اهي هن رياست لاء استعمال ڪن هان ته به هن رياست جو هر شخص مالا مال هجي هان،ليڪن هن ملڪ جي وجود ۾ هن قوم کي رياستي دشمن لکيو ويو آهي ۔ان ڪري سنڌ سان وفاداري ڪندڙ ڪڏهن به اڳتي ڪو نه ايندو،۽ نه ئي ان کي اچڻ ڏنو ويندو،جيڪو ايندو اهو يا ته خريد ڪيو ويندو جي خريد نه ڪري سگهيا ته ماريو ويندو،۽ اها هنن رياستي وفادارن جي آجپي جي جنگ آهي جنهن سبب ڪري هو سنڌ يا سنڌي ماڻهوء کي اهيا سوچ به ڪو نه ڏيندا جنهن ۾ هو پنهجي حق جي يا آزادي جي ڪا اميد به رکي سگهن،
    هنن وٽ سڀ وسيلا آهن ڇڙوڇڙڪرڻ جا جڏهن ته اسان وٽ ڪجهه به سرمايو ڪونهي جو ڪنهن کي مان ڏيون اسان جي سامهون نوجوان پڪڙي ماريا ٿا وڃن اسان انهن لاء ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون،پنهجي دشمني ۾ 100 ،100 ماڻهو ماري ٿا ڇڏيون،
    هنن رياستي درندن جي انهيء بدنظري کي نظر ۾ رکي ايم قيو ايم هنن جي نڙي تي ننهن ڏنو ۽ هنن جي عسڪري طبقي کي مجبور ڪيو ته سڀ توهان نه کائيندو اسان به شامل آهيون ،۽ هنن سڌو وار پهريان انهن تي ڪيو جنهن جي ڪري ڪو به پاڪستان جو قانون انهن جو ڪجه به نه ٿو بگاڙي سگهي،
    سرعام قتل ڀتا ،بيقاعدگيون ڪن ٿا، آهي ڪنهن ۾ مجال جو ڪجه ڪُڇي۔
    سڀ ڄاڻن ٿا ته ڪير ٿو قتل وغارتگري ڪري پر آهي ڪو جو انهن جو نالو وٺي،وقت جو وزير قرآن مٿي تي کڻي شاهديون ٿو پيش ڪري پوء به ان کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي،ڇو؟رياست ڇو چپ آهي،؟؟؟؟؟!!!!!!!!!!!!!
    باقي نورالله تنيو،قربان کهاوڙ مان رياست کي خطرو هو ،مظفر ڀٽو هنن لاء تباهي جو سبب هو؟؟؟؟؟؟!!!!!!!!
    هنن وٽ جن به آنڪي ڀري آهي اهي زنده آهن ۽ سياست ڪن پيا ۽ انهن جي اشارن تي سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن وڏي جدوجهد کان بچائڻ لاء سرگرم رکيو اچن،
    سائين منهجا هي سنڌ هن وقت گدڙن ۽ بگهڙن جي وات ۾ آهي،جيڪي شينهن بچيل آهن اهي يا ته پڃرن ۾ آهن يا شڪاري جي نشاني تي،جيڪو به گجگوڙ ڪري ٿو ان کي پنهجو شڪار ڪريو ٿا ڇڏين،
    يا پڪڙي پڃري جي حوالي ٿا ڪن ،جيڪو آخر ڪنهن سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارڻ جي ڪم ٿو اچي،
    جيستائين هر عام سنڌي ماڻهو پنهجي قوم کي هڪ قوم نه ٿو تسليم ڪري ۽ ٻئي جو ڀرجهلو نه ٿو بڻجي تيستائين ڪا به اميد نه رکو ،ڪنهن مان به نه ،
    چاهي اهو سورهيه ٿي اڀري يا دودو،پانهجي قومي ايڪي کي قائم رکي جيڪو به اڀرندو اهو ئي اوهان جو اصل رهنما هوندو،
    ان کي ڳوليو جيڪو نظرياتي طرح اوهان کي گڏ ڪري اوهان کي تحفظ فراهم ڪري ،
    باقي نه ته اڄ رهبر پگهار تي به مليو ٿا وڃن،
    هتي ٻه قسم جا ماڻهو بي ڊپا آهن،
    1۔داداگير،ڌاڙيل،يا انهن جا ايجنٽ
    2،سرڪاري وفادارن جوپَٽو پاتل
    اهي ئي هن قوم تي حڪمراني ڪن ٿا ۽ اهي ئي ليڊر بنجن ٿا۔
    جيڪي پنهجو سڀ ڪجه لٽائي هن قوم کي سهيڙڻ ۾ لڳا پيا آهن اهي پروپيگينڊا جو شڪار ٿي پانهجي ماڻهن ۾ پنهجو عڪس گهٽائيندا رهن ٿا ،
    ۽ لالچ جي انڌ ۾ فرد پنهجي قومي اثاثي کي پنهجو دشمن سمجهي انهن کي دلبرداشت ڪن ٿا ،جيڪي رڙيون ڪري ڪري بيڪار بنجي ٿا وڃن،
    وڌيڪ ڇا چوان،سمجهي سڀڪو ٿو باقي مڙئي ميار مونڏي آ،
    سنڌ ۾ هڪڙا سرڪاري آشيرواد وٺي سياست ڪري پنهجو ڪوڙو وقار بلند رکڻ جي ڪو شش ۾ رُڌل اهن ٿا ته هڪڙا اهڙابه آهن جيڪي پنهجو سڀ ڪجهه هن قوم کي ڏيون ويٺا آهن پر افسوس جو انهن کي به هي قوم پنهجو اعلانيه دشمن چوي ٿي ۽ سمجهي ٿي،
    هاڻي هن قوم کي ڪٿان کان اچي گڏ ڪجي ،پنهجي حقيقي اڳواڻن کي دشمن جي نظر سان ڏسڻ لڳي ۽ حقيقي دشمنن کي پنهجو خيرخواه سمجهڻ لڳي ته ڇا ڪري سگهبو،
    بس مظلومن جو مجموعه هن جي انقلابي قوت کي ڪٺو ڪري سگهي ٿو باقي ته لالچ ۾ اکين پوريل اڳيان ته ڪجهه به ڪو نهي ،
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    محترم سائين عتيق الرحمان صاحب اوهان معذرت ڇو ٿا وٺو۔۔۔اوهان جي اندر جو اُٿاهه جذبو ۽ ان جذبي ۾ سمويل صدين کان مجبور ۽ محڪوم قوم جي پيڙائن جو داستان ۽ اهو داستان جيڪا صدين کان پڙاڏو بڻجي غيرت مند سنڌي جي ڪنن ۾ گونججي ٿي ۽ ان رڙ جي اذيت ۾ پڄرندي ڪيئي صدين کان وٺي اهو غيرت مند سنڌي ستو ڪونهي۔۔بس اهو ان رڙ کان آجو ٿيڻ لا در در ڀٽڪي ٿو۔۔يا ڪٿي وري ان رڙ کي سنڌ جي ازلي روح جو آواز بڻائي محڪوم قوم کي حق ڏيارڻ خاطر ، ڏنڊا بيڙيون، ڪوڙا ، ٽارچر سيل ۽ جيل جو سعوبتون سهندي سهندي پنهنجي جواني جي جوڀن ڏينهن کان ويندي پيرسني تائين ان قوم سان عشق جي ڏوهه ۾ ارپي ٿو ڇڏي۔۔اوهان معذرت نه وٺو۔۔معذرت انهن کي وٺڻي پوندي جيڪي رئيس، ڀوتار، پير، وزير بڻجي قوم کي مجبوري، لاچاري ۽ بيوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ۽ ان تي ٺٺوليون ڪندي رونشو ڪري وقت جو ضيا ڪيو آهي۔۔۽ ان قوم جي لاچاري ۽ بيوسي تي سرعام دلالپ ڪئي آهي۔ پر اهي اهو نٿا ڄاڻن ته اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي۔۔ڪڏهن جوڌن جي روپ ۾، ڪڏهن دودن جي روپ ۾ ته ۔۔ڪڏهن سائين عتيق الرحمان جي روپ م ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌان اها رڙ سڻي ويندي۔ پر هڪ ڏينهن اهڙو ايندو سڀ وحشتون سڀ عقوبتون ٽُٽي ، ڀورا ڀورا ٿي وينديون۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    قبلا معزرت سان ۔
    مون پهريان به ڪنهن دوست جي ٿريڊ ۾ اها ڳالھ لکي هئي ۽ هاڻي اوهان جي ٿريڊ ۾ به جسارت ڪري رهيو آهيان پهريان ته ڏسڻ گهرجي ته اسان جو مسئلو ڇا آهي اسان جو معاشرو هن وقت ڪهڙي جاءِ تي بيٺو آهي ۔
    ڇا ترقي يافتا سماج ان حالت کان گذريا آهن جڏهن اهي سماج هن حالت ها ته ان وقت انهن ڪهڙي انداز ۾ پنهنجي اثاثن کي ڪيئن واپس ورتو ۔
    اسان کي هن حالت ۾ ڇا ڪرڻو آهي هن وقت اسان جو ڪردار ڇا هئڻ گهرجي ۔
    اهي ڳالهيون آهن جن ڏانهن اسان کي سوچڻو پوندو ۔
    جڏهن اسان جي مرض جي تشخيص ٿي ويندي ته يقين ڄاڻُ علاج پري ناهي ۔
    وسلام
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين عتيق صاحب سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    اوهان جي سنڌ جي مسئلن تي اڻ تڻ ۽ اوهان جي دل جون ڳالهيون ، اوهان جا احساس سمجهي سگهجن ٿا۔ نه ته ڇو ڀلا سنڌ جهڙي سکيي ستابي ڌرتي جا وارث غربي ۾ رهندي وڃي پرڏيهه رهن ۔۔۔۔ پري سوين ، هزارين ميل دور، پنهنجن کان به پري ۔۔۔۔۔

    عتيق صاحب سنڌ جا سور ان وقت کن شروع ٿيا جڏهن اسان آزاد سنڌ بجاء پاڪستان جي گهُر ۾ گهڻو اڳتي نڪري وياسين ۽ پوء وقت سان گڏ اسان جا ماڻهو سنڌ بجاء پنهنجي لاء سوچڻ لڳا۔ اجتمائي مفادن بجاء ذاتي مفادن کي ترجيهه ڏيڻ لڳا ۔۔۔۔ پوء هڪ اهڙو دور آيو جو سنڌ جا وسيلا به اسان کان کسجي ويا ۽ سنڌ جي ڌرتي ڌارين حوالي ٿي وئي۔ ان ۾ اسن جو به قصور آهي، اسان اڃان تائين متحد ٿي ناهيون سگهيا۔

    اڄ به اسان جي مسئلن جو حل ٻڌي ۾ آهي، علم ۾ آهي ۔۔۔۔ جنهن طرف نه ته اسان جون سياسي پارٽيون نه ئي وري اسان جي ڏاهن جي ڪا تحريڪ پئي هلي۔ ڊگهو بحث ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    واعليڪم اسلام
    محترم سائين سليمان وساڻ صاحب ،
    اوهان بجاء فرمايو آهي ،اسين به ان حل جي تلاش ۾ آهيون ڏاڍو وقت وڃائي ويٺا آهيون،
    پر چپ ڪري ويهڻ سان ڪجهه به ڪو نه ڪري سگهنداسين هن وقت جنهن معشي استحصال کي منهن ڏئي رهيا آهيون ان ۾ اهڙو ته سنڌي ماڻهو مجبور ٿي پيو آهي جو پنهجي ٻچن جي بدحالي ڪمزور تر ڪري ٿي ڇڏي ان حالت کي ڏسندي اسان ڪنهن به نحاذ کي دل سان قبول نه ٿا ڪيون ۽ جٿي به شارٽ ڪٽ ملي ٿو اسان اُتان يو ٽرن وٺي وڃڻ کي اوليت ڏيون ٿا نتيجتن هر جدوجهد ابتدا ۾ ئي ٽٽي ٿي وڃي اصل مسئلو هن وقت رياستي ادارن جو آهي جيڪي وسيلن جي لالچ ۾ اسان کي پنهجن جي هٿان يرغمال بڻايو پنهجا ذاتي فائدا حاصل ڪن ٿا ،اسان کي وڏيرن کان نفرت جو سبق سيکاري اسان جي حقن جو تاج وري وڏيرن کي ئي رياستي ادارا پارائن ٿا ،اسان هڪ پاسي وڏيرن جي خلاف آهيون ته ٻئي پاسي پنهجي تقدير جا فيصلا انهن جي ئي هٿن ۾ ڏيو ويٺا آهيون ،
    هاڻي يا ته وڏيرن سان سهمت رکي انهن کي اهيو باور ڪرايون ته اسان جي سنڌتي جيڪو ڏکيو وقت آيو آ ان جو ڪارڻ توهان ئي آهيو پر هاڻي ان جو تدارڪ به توهان کي ڪرڻو پوندو۔يا صلِ رحمي مان ٻاهر نڪري انهن جي خلاف ئي بغاوت ڪرڻ پوندي ،
    يا ٻي صورت ۾ هن رياست جي انهن ادارن کي جيڪي اصل ڪارڻ آهن مجبور ڪرڻو پوندو ته خدارا هي قوم هڪ قوم آهي اها توهان جي چالن سان نابود ڪو نه ٿيندي بلڪه هاڻي اگر جي توهان پنهجي هڪ هٽي تان نه هٽيو ته جيئن بکيو گدڙ شينهن سان وڙهي پوندو آهي يا جهرڪي به پنهجي ٻچن خاطر باز سان وڙهي پوندي آهي جي مترادف اسان کي وڙهڻ تي مجبور نه ڪيو،،اسين امن پسند قوم آهيون ليڪن اگر اسان کي فاقا ڪشي ڏانهن ڌڪيندو ته اسان به وڙهڻ سکي وٺنداسين،
    اسان جي امن ۽ شانتي جي هن ننگر کي باه جو آڙاه بڻائيندو ته اسان سان گڏ اوهان به ڪوئلو ٿيندو،
    الله پاڪ کي پارت آهي ،شال اسان جي ماروئڙن کي الله پاڪ پنهجي پناه ۾ رکي،
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو