هڪ انگريز واپاري پنهنجي ڪمپني جي شربت کي عرب ملڪن ۾ مشهور ڪرڻ لاءِ ويو پر ناڪام واپس موٽيو.... سندس دوست ان جي ناڪامي جو سبب پڇيو... واپاري جواب ڏنو.... ”جڏهن مان عرب ملڪن ڏانهن ويس ته مون کي تمام گهڻو اعتماد هيو ته مان پنهنجي شربت جي سٺي مشهوري ڪري ايندس ... ۽ اتي جيئن ته منهنجو شربت نئون هوندو انڪري ان جي گهرج ڪافي گهڻي ٿيندي ... پر مان ناڪام ان ڪري ويس ته مون کي عربي ڪانه ايندي آهي.... ان ڪري مون پنهنجو پراڻو ڪامياب فارمولو آزمائڻ جو فيصلو ڪيو.... مون وٽ ٽي پوسٽر هئا... پهرين پوسٽر ۾ هڪ ماڻهون واريءَ جي علائقي ۾ انتهائي ٿڪل نظر پئي آيو ... ٻئي پوسٽر ۾ ان ماڻهون کي منهنجي ڪمپني جو تيار ڪيل شربت پيئندي ڏيکاريو ويو هو ۽ ٽئين پوسٽر ۾ ان همراه کي تازو توانو ۽ هشاش بشاش ڏيکاريل هو...مون اهي پوسٽر هر جڳهه تي لڳرايا.....“ دوست چيو...”پوءِ ته توکي ڪامياب ٿيڻ گهرجي ها...“ واپاري جواب ڏنو...”ڳالهه رڳو منهنجي عربي زبان نه اچڻ جي نه هئي پر مون کي اها به خبر نه پئجي سگهي ته عربي ماڻهون ساڄي کان کاٻي پڙهندا آهن ... ۽ منهنجي تيار ڪيل پوسٽرن کي به هنن اهڙي طرح ڏٺو....“ سبق؛ ڪامياب فارمولو هر جاءِ ۽ هر ماڻهون تي هلي نه سگهندو آهي...