عبيدالله هنڱورو
سينيئر رڪن
هاڻي لوڊشڊنگ جي ڪري موبائيل فون آف ٿيڻ جي پريشاني جي ضرورت نه آهي، نوڪيا ڪمپني هڪ اهڙي موبائيل طيار ڪري ورتي آهي جنهن کي صرف مهيني ۾ هڪ دفعو چارج ڪرڻو پوندو۔
سمارٽ فون هن وقت آمريڪا ۽ يورپ جهڙن ملڪن جي پهرين پسند آهي، اڄ به موبائيل جو بنيادي مقصد صرف ڪال حاصل ڪرڻ آهي۔
نوڪيا ڪمپني هڪ نئين موبائيل فون "105" ماڊل متعارف ڪرائي آهي، ڪمپني جي مطابق هي موبائيل فون ايشيا جي انهن ملڪن کي نظر ۾ رکندي جن ۾ اڪثر لوڊشيڊنگ رهي ٿي، هن موبائيل کي هڪ دفعو چارج ڪرڻ کانپوءِ 35 ڏينهنُ تائين بغير چارج جي استعمال ڪري سگهجي ٿو يعنى هن موبائيل کي هڪ مهيني کان وڌيڪ اسٽينڊبائي جي صورت ۾ رکي سگهجي ٿو۔
هئ موبائيل تمام گهٽ وزن جهڙوڪ هڪ رانديڪو آهي جنهن جي 1.5 انچ رنگين اسڪرين آهي، ان کان الاوا هن موبائيل ۾ ٽارچ، الارم ۽ ايف ايم جهڙيون صحولتن پڻ موجود آهن۔
هن موبائيل جي قيمت برطانيا ۾ 13 پائونڊ، آمريڪا ۾ 20 ڊالر ۽ پاڪستان ۾ 2000 روپيا ٻڌائي وڃي ٿي۔
ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي موبائيل ڪجهه هفتن ۾ مارڪيٽ ۾ وڪامڻ لاءِ پيش ڪئي ويندي۔