ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ حڪيماڻو نظم اردوءِ ۾ دوستن فيسبڪ تي ونڊ ڪيو هو، جيڪو لڳ ڀڳ 50 سال اڳ ڪنهن حڪيم هندستان ۾ لکيو هو ،،، هي انجي تتبع تي لکيل سنڌي نظم آهي. وزن بحر ۾ ممڪن ڪوتاهي هجي پر ڳالهه اصل آهي صحتمنديءَ جي انڪري دوستن سان ونڊ ٿو ڪريان ... ڇاڪاڻ صحت هزار نعمت آهي. نثار ابڙو هو الشافي هو الڪافي جيستائين ڪم هلي خوراڪ سان،تيستائين بچڻ گهرجي دوا درمـل کان، خون گهٽ ٺهي ٿو ۽ بلغم گهڻو، کائو گجرون، چڻا ۽ گوگڙو گهڻو. انسان جيئي ٿوجــگر جي زور تي، هجي ڪمزور ته کاءُ پپيتي کي. جــگر ۾ جي ٿئـي گرميءَ جو احساس، کائڻ گهرجي آمله جي چٽڻي يا انناس. ٿئي ٿي جيڪڏهن مـادي ۾ خرابي،ته پي ڇڏ سونف يا ادرڪ جو پاڻي. ٿڪاوٽ ٿئي يا سستي عضون ۾،ته ٿيندي آهي راحـت گرم کـير ۾. ڏکندي هجي نـــڙي نزلي جي سببان، ڪرڻ گهرجن گراڙا لوڻ پاڻيءَ سان. ٿئي جان ۾ آزار ڏندن جي ســـور کان، مل لوڻ مسوڙن تي پنهنجي آڱر سان. طاقت جي ٿئي ٿي ڪــمي محسوس،مصريءَ جي ڳڙي چسڪا ڏئي چوس. شفا ٿي کپي جي کنگهه کان جلدي،ته پي ڇڏ گرم کير ۾ ملائي هلدي. جي هجي ڪنن ۾ تڪليـف جي مــروڙ،ڪپهه جي پهي سان سرنهن جو تيل نپوڙ. پئجي ويا هجن توکي اکين ۾ ڪي ڄارا،ته دکني مرچ مـــلائي گهه ۾ کـــاءُ پيارا. تپ دق کان جي توکي جلـد کپي ٿي رها،بدلاءِ پاڻي يا چوسيندو رهه ڪمند سدا. دمي جـي مرض جو علاج جي کپي توکي،ڇڏ کائڻ کٽاڻ ۽ کائڻ سونهين مڇي توکي. جي لڳي ٿي تـوکي سرس سردي،کائي ڇڏ ڪڍي آني جي زردي. کپي توکي ٿــو بدهضميءَ کان افاقو،ڪري ڇڏ هڪڙي ڏينهن جو فاقو.
کپي توکي ٿــو بدهضميءَ کان افاقو،ڪري ڇڏ هڪڙي ڏينهن جو فاقو ڪمال جي حڪيماڻي شاعري ۔۔۔۔ اصل سائين شمشير ياد اچي ويو ۔۔۔
زبردست ۔۔۔ اگر هر ڪو ان تي عمل ڪري ته سبزي۽ ميون وارن جي لئي ٿي وئي۔۔۔باقي حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن جي روزي ته لت آ۔۔۔