• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو ...

نثارابڙو

نائب منتظم
ڪراچيءَ ۾ سنڌي بلوچ ڳوٺن تي ٿيندڙ غنڊاگردي ۽ قبضا گروپ جي يلغار کي روڪيندو ڪير؟


58651873.jpg
 
سائين سنڌين جو بس الله آهي باقي مڙئي خير آهي، اسان جا حڪمران اسان کي وڪڻي کائڻ جي پٺيان آهن
 
ادا سائين توهان تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي، سائين سنڌين وانگر ٻروچن سان به ساڳيو ئي حال آهي، آخر هن ملڪ ۾ ايئن ڇو ٿي رهيو آهي، ۽ سو به سنڌين ۽ ٻروچن سان. آخر ڇو ۽ ڪيستائين.؟.......................؟ 
 
ادا سائين توهان تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي، سائين سنڌين وانگر ٻروچن سان به ساڳيو ئي حال آهي، آخر هن ملڪ ۾ ايئن ڇو ٿي رهيو آهي، ۽ سو به سنڌين ۽ ٻروچن سان. آخر ڇو ۽ ڪيستائين.؟.......................؟ 


يار وهاب،
يار تون پاڻ ٻروچ آهين، ڇا تون سنڌي ناهين؟
سنڌ جا سڀ ٻروچ، بلوچ، بلوچي يا بلوڇ سڀ سنڌي آهن۔۔ ڀلي ٻروچ سڏرائيندڙ بلوچي يا ٻروچڪي يا سرائيڪي ڳالهائيندا هجن ليڪن هنن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتل هوندي۔ هنن جي اوطاقن تي شاهه سائين ۽ ٻين صوفين جو ڪلام ڳايو ويندو، سنڌي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ ٿيندو آهي، سنڌ جي لاء پنهنجي جان به حاضر هوندي آهي۔

پر پوء به خبر ناهي ڇو ڪجهه ترقي پسند ماڻهن کي "ٻروچ" لفظ يا ته بيوفي لاء استعمال ٿيندو آهي يا وري غيرسنڌي سمجهيو ويندو آهي جيڪا تمام وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ۽ انهي ڳالهه کي ختم ڪرڻ لاء مون "ٻروچ" جي نالي سان رجسٽر ٿيس ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ اسان سنڌي ته هڪ ٻئي جي عزت ڪريون۔۔
سائين ابو واصف جو "بلوچ" تي لکيل آرٽيڪل هن ئي فورم تي موجود آهي، سڀني دوستن کي پڙهڻ گهرجي
 
Back
Top