سهڻي پارس
سينيئر رڪن
موسم جي بيحسي ته ڏِسُ
خبر به اٿس!
ته ڪوئي گهڻو تنها آهي،
اڪيلو آهي،
اُداس آهي ،
پوءِ به تڙپائڻ کان نٿي مُڙي !
چهري تي مينهنَ ڦڙيون ،
دردن کي مڇرائين ٿيون ،
موسم جي بيحسي ته ڏِسُ !
ڇا اُداسيءَ جا ليڪا ،
چهري تي نه ڏِٺائين ؟
هيڪلائي جا گهُنڊ ،
ويران دِل جي نرڙ تي ،
نه ڏٺائين !
خاموش سُڏڪن جا ،
پڙاڏا نه ٻڌائين ،
موسم جي بيحسي ته ڏِسُ!
اداسيءَ کي به اُداس ڪري وئي ،
تنهائي کي ويتر تنها ڪري وئي ،
سُڏڪن ۾ رانڀاٽ ڇڏي وئي ،
موسم جي بيحسي ته ڏِسُ!