• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪائنات مِلي وڃي

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
تون عبادتگاهن جي سُڪون جهڙو
تون ڪاوڙ ۾ جولائي ۽ جون جهڙو

تون پيارن جي محفل جو ڏيئو آهين
تون محبت جو لڪيل ڪو ليئو آهين

تون سونهن وارن ۾ ڪمال آهين
تون پيار جي احساس جو مثال آهين

تون خاموش سَڏن جو آواز آهين
تون منهنجي محبت جو راز آهين

تون پَلَ پهرَ ۽ گُذريل صديون تون
تون منهنجي عُمر جون نديون تون

تون منهنجي زندگيءَ جو ڪتاب آهين
تون منهنجي عُمر جو حساب آهين

تون چنڊ،تون آسمان تون ئي ڌرتي
توکي عمر سموري منهنجي پَرتي

توکي ڏِسي مون ڪائنات کي ڏِٺو
تون مِلي وڃين ته ڪائنات مِلي وڃي
 
Back
Top