پرُ سالَ جي ڳاله !...

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
خوابن جو اچڻ پرُ سال جي ڳاله هُئي
جاناتوکي سارڻ پرُ سال جي ڳاله هُئي
محبت ۾ انتها جي قائل هُئس مان !
محبت ۾ شدت پرُ سال جي ڳاله هُئي
ساهن ۾ خوشبو ،ها ضرور شامِل هُئي،
ساهن ۾ تسُلسُل پرُ سال جي ڳاله هُئي
دِل جو ڌڙڪو ،۽ در جو کَڙڪو، ياد اٿم!
درَ تي اکيُن نهار،پرُ سال جي ڳاله هُئي
سانوڻ ،بهار،سردي گرمي،تنها گذاريم!
بهارن جو انتظار پرُ سال جي ڳاله هُئي
تون ڇڏي وئين ، ته پاڻ کي ڇڏي ڏِنم!
”سهڻي“ به زندا هُئي ،پرُ سال جي ڳاله هُئي
 
خوابن جو اچڻ پرُ سال جي ڳاله هُئي
جاناتوکي سارڻ پرُ سال جي ڳاله هُئي
محبت ۾ انتها جي قائل هُئس مان
!محبت ۾ شدت پرُ سال جي ڳاله هُئي
 
بهترين شاعري۔۔۔۔
پرسال جي ڳالهه ضرور هئي۔۔
ها پر۔۔۔۔
يادون مسلسل رهن ٿيون۔۔
جي جلائين ٿيون۔۔۔اندر کي ساڙين ٿيون۔۔۔:(
 
سانوڻ ،بهار،سردي گرمي،تنها گذاريم!
بهارن جو انتظار پرُ سال جي ڳاله هُئي
تون ڇڏي وئين ، ته پاڻ کي ڇڏي ڏِنم!
”سهڻي“ به زندا هُئي ،پرُ سال جي ڳاله هُئي
تمام سهڻا خيال ۔۔۔ جيتوڻيڪ انهن سٽن ۾ درد سمايل آهي پر پوء به خيالن جي گهرائي خوبصورت لڳي۔​
 
Back
Top